نثارناز
سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌيو، سنڌ جي گهوٽ شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌيءَ المنظر تي ڳايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جا کوڙ سارا ڏاها، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو چانسلر محترم سائين مظهر صديقي صاحب جن پڻ شريڪ آهن 22 جنوري سنڌو ڊي تي اسان جي دوست محترم عبدالغفور سمون صرف سنڌ سلامت لاءِ رڪارڊ ڪيو، مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان راڳ ۽ راڳ کان پوءِ گهريل دُعا کي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مُبارڪ جي موقعي تي توهان سڀني سنڌين سان ونڊ ڪريان پر ڳاٺي ڀڳين مصروفيتن جي ڪري ان اعزاز کان محروم رهجي ويس، اڄ بجلي جي بحران کي مُنهن ڏئي هن جي ايڊيٽنگ ڪري يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، لطيف سائين جي شاعري ۾ ايتري ته مٺاس آهي جو جيترو به ٻُڌجي سا گهٽ آهي، سنڌ سلامت جي خالص پيشڪش آهي۔۔۔۔۔