• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

نذير احمد لغاري

سينيئر رڪن
وڇڙي ويا جي گڏ هئا دوستو،
ٿڪجي پيا سون ڳوليندي ڳوليندي،
وٺي واٽ ويا ڪهڙي ناهي پتو،
راهن ۾ ئي رهيا سون روليندي روليندي.

لڳو نينهن اهڙو جو ملي وياسين،
ٽهڪندي مهڪندي پاڻ جو ٽلي پياسين،
وهم وڇوڙي جو رهيو نه ڪو،
ورهيه گذاري ويا سون ٽوليندي ٽوليندي.

هيو آسرو اندر ۾ ملي موٽ ويندي،
پرين ايندا پرچي جو ڦڙڦوٽ ٿيندي،
رهجي ارمان ويو انڌو ابتو،
ٻولي ويٺاسون ٻوليندي ٻوليندي.

نه ڪنهن در داهڻ جهڙا رهياسين،
نه پنهنجو گهر ٺاهڻ جهڙا رهياسين،
نه ڪو ٻيو ڪو رهيو آسرو،
ڏکڙا ڏٺاسون ڏوليندي ڏوليندي.

نذير ٿي ڪا نه واهر وري،
جيءٌ ويچارو ويو آهي جهري،
مقدر ۾ئي رهيو بند هيو،
در ڏٺاسون کوليندي کوليندي.
 
Back
Top