ادا سڀ کان پهريان ته مان معزرت ڪندس سنڌ سلامت گروپ جي انهن سڀني دوستن سان جن هن ناچيز جي ڪمي محسوس ڪئي پهنجي هن فورم تي۔ ٻيو ته ادا اوهان سڀ وڏا خوش نصيب آهيو جوتوهان کي اهڙي اوطاق ادا رشيد جي محنت سان ملي آهي ورنه اڄ جي هن دور ۾ ڪير ايڏي جفاڪشي ٿو ڪري۔ بحرحال ادا مان اُميد ٿو ڪريان ته ساٿ سلامت رهندو
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا خاڪي سڀ کان پهريائين ته توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ٻيو ته ادا توهان جيڪڏهن پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو ها ته وڌيڪ سٺو لڳي ها مون کي اوهان مان اميد آهي ته توهان پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا ، ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: مان آهيان خاڪي .. جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري ٻري جن ٻاري، آ نه جيئندس ان ري ۔۔۔ ادا خاڪي ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسانجي دوست رشيد، سنڌ واسين کي هڪ سهڻي اوطاق ڏني آهي ۔۔۔ جت اسين پنهنجا سور ۽ ڏک ونڊ ڪري ۔۔۔ اندر جي باه کي هلڪو ڪندا آهيون ۔۔۔ اوهين به اميد ته: اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ جي ان جملي سان متفق ٿي اسان جا سور ٻڌندا ۽ پنهنجا ٻڌائيندا ۔۔۔ ممڪن ته ٻڌندي ۽ ٻڌائيندي ڪي رستا نڪري نروار ٿين ۔۔۔ سائين فقير جي صدا ته اوهان ٻڌي هوندي ته ٿورڙو تفصيل سان تعرف ٿي وڃي اميد ته جهولي خالي نه رهندي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان خاڪي .. پيارا دوست السلام عليڪم ورحمه الله وبرکاته اميد ته ڀائڙا پنهنجو مڪمل تعارف لکندا لڳي ٿو خاڪي اوهان جو تخلص آهي ائين ته سڀ خاڪي آهيون ليڪن اوهان پنهنجو اسم گرامي به دوستن کي ٻڌايو ته جيئن اوهان کي اوهان جي نالي سان ياد ڪري سگهجي اوهان ڀلي ڪسرنفسي ڪندي پاڻ لاء خاڪي لکو پر اسان کي ان لفظ چوڻ ۾ ڏکيائي ٿي لڳي اميد ته ساٿ کي وقت ڏئي ساٿ کي يقيني بنائيندا۔ سدا سلامت هجو شال۔
جواب: مان آهيان خاڪي .. پيارا سائين خاڪي، ڀلي ڀلي ڪري آيا، سنڌ سلامت جي سموري سٿ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوي ٿي۔ اميد ته سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت جو حقيقي معنى ۾ ساٿ نڀائيندا، توهان جي لکڻين، توهان جي مفيد مشورن جو شدت سان انتظار رهندو
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا سنڌ سلامت جا مداحو توهان سڀني مون مسڪين کي ڀليڪار چيو توهان جي مهرباني يقين ڪريو ته مان توهان جي هيڏي محبت ڏسي جاڳي پيو آهيان سڀاڻي پنهنجومڪمل تعارف پيش ڪندس سنڌسلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان خاڪي .. پيارا خاڪي شال جُڙيو هُجين، سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري، سُلطاني سُهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي۔ پنهون سين پريت جو ڪو جو پيچ پيوم، ڀنڀي هِنَ ڀنڀور ۾ وِهَڻُ وِهُ ٿيومِ ، مَتِيُون موٽَڻَ سنديون، ڪاڪِيُون! ڪيمَ ڏِيوم ، سرتيون ! ساهُ سندومِ ، ٿيو حوالي هوتَ جي !!! پيارا خاڪي اسان تنهنجي مڪمل تعارف جا شدت سان منتظر آهيون، ان کان علاوه اسان توهان جي لکڻين، توهان جي مضمونن، توهان جي لهوارين اوڀارين جا پڻ آس وندا آهيون، دوست اسان جي سنڌ سڄي سُرهاڻ آهي، ۽ سنڌ جي هر گهٽيءَ ۾ توهان جهڙو گُل ضرور آهي، بس ڳالهه صرف خوشبو ڦهلائڻ جِي آهي، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان جي ساٿ کان سواءِ اڌورا آهيون۔ مهرباني ڀاءُ
جواب: مان آهيان خاڪي .. مٺا ڪاٿي وري ته ننڊ نه اچي وئي ۔۔۔ ٻيلي ڏاها ٿيو ۔۔۔ واعدو ڪيو آ ته پورو ڪيو۔۔۔
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا خاڪي هي موسمي ٻٽيرو به اوهان کي سنڌ سلامت جي اڳڻ تي پير ڀري اپ اچڻ تي خوش آمديد چوي ٿو اميد ته اوهان جو ساٿ هميشه اسان سان رهندو ۽ اوهان پهنجي نڪور لکڻين سان هن فورم جي مهڪ ۾ اڃا به اضافو ڪندا مهرباني اوهان جي
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا علي علي عرف موسمي ٻٽيرو (بقول اوهانجي) يار ڀلي ڪري آئين، پر اهو ٻٽير نه سنڌيءَ ۾ ڀاڙو چورائيندو آهي ۔۔۔ موسمي ڀاڙو ۔۔۔
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا سنده سلامت جا دوستو اسلام عليڪم ادا تعارف : نالو محمد يونس قوم جسڪاڻي ڳوٺ دٻي تعلقو ميرواهه ضلعو خيرپور ميرس تعليم BA پروفيشنل ڪمپيوٽر ۾ MCSE ، CCNA ، ننڊ ۾ به هڪڙي ڊگري آهي جنهن ۡکان به آگاه ڪيو ويندو۔ ادا رشيد کي مزيد عرض آهي ته اسان جو نالو تبديل ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي۔ سنده سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان خاڪي .. ادا يونس يار معاف ڪجان ۔۔ ڪافي ڏينهن کان مصروفيت گهٽجي ئي نه ٿي ۔۔۔ ان ڪري توهان جي هن عرض تي نظر نه پئجي سگهي ۔۔۔ بحرحال سائين رحيم بخش وانگر مون کي به توهان جو نالو خالي تخلص سان سٺو نه ٿي لڳو هاڻي توهان جي درخواست کان پوءِ توهان جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي مهرباني فرمائي پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائيندا رهندا۔۔۔