• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ديس جي راڻي ،دفن ٿئي لاڙڪاڻي ۾.... شاعر امير منڌرو

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
سنڌ ديس جي راڻي ،دفن ٿئي لاڙڪاڻي ۾.... شاعر امير منڌرو

deep.gif



سنڌ ديس جي راڻي،
دفن ٿئي لاڙڪاڻي ۾.
هوائن ۾ هڳاءُ هن جي
کٿوري خون جو آهي.
۽مٽي موهن دڙي جي ڀي،
ڪري ماتم ڀري سڌڪا،
پڇي ٿي سوال بلهي کان،
ڀلا ٿيو ڏوهه، ڪهڙوآهي؟
ننڌڻڪي ديس واسين کان،
جو رڳولاشن سندا تحفا،
ملن ٿا دور هر ڪنهن ۾.
منهنجي تهذيب جو وارث،
بنا ڏوهه ڦاهئ چاڙهيو ويو.
سندس معصوم گلڙن کي
ٽڙڻ کان اڳ ڇاڻيو ويو.
جا ڏکايل ڏيهه جوڏڍهئي
انهئ نازڪ نياڻئ کي،
گولين جو کاڄ بڻايو ويو.
تنبوري جون پٽي تارون
ڀٽائي هاڻ ڀڻڪي ٿو.
هڻوڀالا_هڻو ڀالا،
۽رڙي ٿوروح راهوڪئ ۾
ڀري ٿي سن اڄ سڌڪا،
جهري پيو جهوڪ جو جئ آ،
وطن جو وير وارڻ لاءِ
ڪري سڌڙا ،هڻي نعرا
گهايل روح
بلاول جوبه گھاڻي ۾.
سنڌ ديس جي راڻي ،
دفن ٿئي لاڙڪاڻي ۾...............
 
Back
Top