ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ dr:abdulqayyum al-sindi طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2010۔

  1. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جناب سرپست سنڌ سلامت ۔۔۔۔
    السلام عليڪم ۔۔۔
    آءٌ توهان جي هن مبارڪ ويب سائٽ تي مڪه مڪرمه کان شرڪت ڪري رهيو آهيان، در اصل هتان جي ڪن دوستن جي خواهش آهي ته پنهنجي هم زبان سنڌي ڀائرن جي ديني راهنمائي ڪئي وڃي، ان ڪري آءٌ عوام جي فائدي لاءِ سنڌي زبان ۾ هڪ مختصر ديني معلوماتي سلسلو سوال ـ جواب جي صورت ۾ شروع ڪري رهيو آهيان، اميد ته اداري پاران ان تي ڪو اعتراض نه هوندو، ورنه براه ڪرم منهنجي ڏنل ايميل تي اطلاع ڪري سگھو ٿا۔ مهرباني۔
    ڊاڪٽر عبد القيوم سنڌي ـ ايسوسيئيٽ پروفيسر ام القري يونيورسيٽي ـ مڪه مڪرمه
    sindhsalamatsaathsal
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    سائين قبلا وعليڪم السلام ورحمة الله وبرکاته اوهان کي اسان خوش آمديد مرحبا بک يا سيدي چئي استقبال ڪيون ٿا اوهان ڀلي آيا اسان جي اڱڻ تي اوهان جي اچڻ سان اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي جو اوهان پنهنجي سراپا مصروفيتن باوجود اسان جي فورم تي اچي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي اوهان جون تحريرون تحقيقي هونديون آهن ان ڪري اوهان ڀلي پنهنجي تحريرن سان اسان جي اصلاح فرمايو باقي هڪ عرض آهي ته هن فورم تي هر مڪتب فڪر سان وابسته سنڌي هجڻ جي لحاظ هر ڪو اچي سگهي ٿو ۽ آيل آهي ان ڪري اوهان جي خدمت ۾ دست بسته گذارش آهي ته تحرير ۾ ڪنهن مڪتب فڪر لاء ڪو اعتراضي پهلو نه هجي ورنه وري سوال جواب جو سلسلو ڊگهو ٿي ويندو آهي ان ڪري اوهان پنهنجي تحرير ۾ جيئن طرز تحرير هلائي رهيا آهيو ان کي جاري رکندا اوهان ته ڄاڻو ٿا ته فڪري رد عمل ختم ٿيڻ وارو نه آهي بهرحال اوهان اسان جا معزز محسن آهيو اسان اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪيو آهي اميد ته اوهان کي ڳرو نه لڳندو ۽ پنهنجي پر اصلاح تحريرون جاري رکندا۔ الله تعالى اوهان کي ۽ اوهان جي اهل وعيال کي سلامت رکي۔ آمين۔
     
  3. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    محترم جناب رحيم بخش صاحب، آڌر ڀائي ۽ حسن استقبال تي آئون اوهان پيارن جو ٿورائتو آهيان، توهان جي فورم سان وابستگي جي نوعيت بابت ڄاڻ ٿي ته وڏي مهرباني، باقي توهان جي نصيحت منهنجو پراڻو ذاتي نظريو آهي، ڇاڪاڻ ته تفرقي بازيءَ سان دين جي خدمت نه ٿي ڪري سگھجي، بلڪ اها مسلمانن ۾ فتني بازي آهي، جيڪا اسان ۾ اسلام جي دشمنن جو ڇٽيل ٻج آهي، الله سائين اسان کي هڪ ٿيڻ جي توفيق بخشي ۽ اسلام جي سڌي راهه ڏيکاري۔ آمين
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    قبلا سائين هن عاجز جي ڪهڙي مجال جو اوهان کي نصيحت ڪري بس هڪ دست بسته عرض هو ليڪن اوهان جي فراخ دلي ۽ اوهان جي علمي صلاحيت کي داد ڏيڻ کان نٿو رهي سگهجي جو اوهان ان کي ڳرو نه سمجهيو بلڪ اوهان پاڻ ان ئي ڳالهه سان متفق آهيو الله جل جلاله اوهان جي علم ۽ اخلاص ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي اوهان جي نصيحت اسان جي اکين تي اوهان جي وقت ڏيڻ ئي اسان لاء غنيمت آهي۔
     
  5. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    سائين
    اوهان سوال جواب موضوع ڪڏهن شروع ڪندا

    مهرباني
     
  6. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    عزيزم جواد صاحب ۔۔۔ سلسلو جاري آهي ۔۔۔ البته مديني منوره وڃڻ ڪري ڪجھ ڏينهن گيپ ٿي وئي ۔۔۔ اداري ڏانهن مختصر رپورٽ موڪليم ، پر شايد قبول نه پئي ۽ ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪئي وئي ۔۔۔ بهرحال دوستن دلدارن جي خدمت ۾ ان شاءَ الله عنقريب وري حاضر ٿينداسين ۔۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    سائين قبلا ڪافي ڏينهن کان پوء ديدار ٿيو آهي اسان سمجهيو ته شايد سائين جن کي ڪا ڳالهه ناگوار لڳي جو هيترا ڏينهن سائين جن ڪابه پوسٽ نه موڪلي ليڪن الحمد لله جو اوهان واپس آيا اسان کي اوهان جي تمام گهڻي سڪ آهي اوهان ديني معلومات مختصر ۽ سهڻي موڪليندا آهيو ڪافي دوست ان انتظار ۾ آهن اميد ته پنهنجي جاري ڪيل مشن کي جاري رکندا۔
    دعائن جو طالب
    خادم معلوم
     
  8. ABDULRAHEEM

    ABDULRAHEEM
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    پروفيسرعبدالقيوم-صاحب-پنهنجومڪمل-تعارف-ڪرائيندامهرباني
    موڪليندڙعبدالرحيم-سمون-نوڪوٽ+سنده
     
  9. dr:abdulqayyum al-sindi

    dr:abdulqayyum al-sindi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ديني معلوماتي سلسلي شروع ڪرڻ بابت

    جناب عبد الرحيم صاحب ۔۔۔ پنهنجو ڪهڙو مڪمل تعارف ڪرايان؟؟؟
    بنده خادم العلم والعلماء، دين جو ادني طالب آهي، بس ڌڻي تعالي جي فضل ۽ توهان جهڙي خيرخواهه پيارن جي دعائن سان ام القري يونيورسٽي مڪه مڪرمه ۾ اٺاسي کان الحمد لله فن قراءَات ۾ تدريسي خدمات انجام پيو ڏيان، هينئر ايسوسيئيٽ پروفيسر جي پوسٽ تي آهيان، ان سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جي عادت به اٿم، الحمد لله چاليهه کن عنوانن تي ننڍا وڏا گھڻي ڀاڱي عربيءَ ۾ رسالڙا اٿم، جن مان ڪي يونيورسٽي جي ڪورس ۾ به شامل آهن، الله تعالي استقامت، قبوليت ۽ شرف توفيق نصيب فرمائي، آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو