
هڪ ماڻهون ڪم تان ٿڪجي گهر موٽيو۔۔۔ ۽ ٽي وي جي سامهون پيل صوفَي تي پاڻ کي ڪيرائيندي ۔۔۔ زال کي چيائين ۔۔”مون کي هڪ چانهن جو ڪپ ڏي۔۔۔۔ ان کان اڳ جو شو شروع ٿئي۔۔۔“
سندس زال ٿڌو ساهه ڀريو ۽ کيس چانهن جو ڪپ تيار ڪري آڻي ڏنو۔۔۔
15 منٽن کان پوءِ همراه وري رڙ ڪندي چيو۔۔۔ ”مون کي ڪجهه پٽاٽي واريون چپس ٺاهي ڏي۔۔۔۔ ان کان اڳ جو شو شروع ٿئي۔۔۔“
زال کيس گهوري ته ڏٺو پر اٿي ريفجريٽر مان ڪجهه چپس کڻي باورچي خاني مان تيار ڪري سندس اڳيان رکيون۔۔۔۔
هن چپس کائي ختم ڪيو ۽ ڪجهه منٽ ترسي چيائين۔۔۔۔”جلدي ڪر منهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه کڻي اچ۔۔۔۔ بس شو ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔۔“
زال کيس خونخوار نظر سان ڏسندي رڙ ڪئي۔۔۔۔”بس اڄ سموري رات تنهنجو اهو ڌنڌو هوندو۔۔۔ کائيندي ۽ ٽي وي جي سامهون شو ڏسندي۔۔۔ تون انتهائي درجي جو سست، بيڪار آهين۔۔۔۔ ڏينهون ڏينهن کائي کائي ٿلهو ۽ بي ڊولو ٿيندو پيو وڃي۔۔۔۔ تون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔“
همراهه ٿڌو شوڪاري ڀريندي چيو ۔۔۔۔۔ ”آخرڪار شو شروع ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔!!!“