آمريڪا ۾ ماهرن ڊيلن جي اکين جي حرڪت مان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان کي مور جي رنگين کنڀن ۾ ڪهڙي خوبصورتي نظر اچي ٿي. مور پنهنجي رنگين کنڀن جي حرڪت سان ڊيل جو ڌيان ڇڪائيندو آهي ڊيلن جي اکين ۾ ڪيمرائون هڻي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مور جڏهن پنهنجي پڇ تي رنگين کنڀن کي وڃڻي ( پکي) وانگر پکيڙي ٿو تڏهن ڊيل جو ڌيان ڪهڙي طرف هجي ٿو. هن تحقيق جا نتيجا ” جرنل آف ايڪسپيرسمينٽل بايولاجي “ ۾ شايع ڪيا ويا آهن. ڊيل جي اک کي تاڙيندڙ ڪيميرا جي رڪارڊنگ مان پتو پيو آهي ته ڊيل جو ڌيان ڇڪائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي يا سولي سنڌيءَ ۾ هيئن کڻي چئجي ته اها ” جهڙي تهڙي“ کي لفٽ نه ڪرائيندي آهي، تنهن ڪري مور کي وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ايتري ئي جيتري ڪو عاشق پنهنجي محبوبه جو توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي. مور جو پنهنجا پر پکيڙي مخصوص انداز ۾ انهن کي لوڏڻ به ان ” محنت“ جو حصو آهي، تحقيق مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ڊيل مور جي کنڀن ۾ خاص طور تي ڪنهن شئي کي ڳوليندي آهي. هن جي اکين جي حرڪت ٻڌائي ٿي ته ڊيل مور جي پرن جي پکيڙ ۽ انهن تي چٽيل اک جهڙن نقشن ( چٽن) کان متاثر ٿئي ٿي. مور جا کنڀ ارتقا جي هن عمل جو شايد بهترين مثال آهن. جنهن جي باري ۾ چارلز دارون چيو هو ته ان جي ذريعي جانورن توڙي پکين ۾ اهڙي خوبي پيدا ٿيو وڃي جنهن جو مقصد صرف مخالف جنس کي متاثر ڪرڻ هجي ٿو. مورن تي ڪيل تحقيق ۾ شامل ڊاڪٽر جيسيڪا يارزنسڪي ٻڌايو ته جانورن جي ڪيترن ئي قمسن پنهنجو پاڻ ۾ اهڙيون خوبيون پيدا ڪيون آهن، جيڪي هن جي بقا جي لاءِ ضروري ناهن، بلڪه مور جا پر ته ڪنهن ٻئي جانور جي حملي جي صورت ۾ نرار مشڪل بڻايو ڇڏين، مورن تي هن تحقيق دوران هي به ڏٺو ويو ته ڊيل جون نظرون مسلسل اردگرد جي ماحول ۽ مور جي کنڀن تي کتل هونديون آهن. شايد ائين ضروري به آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها مڪمل طور تي ماحول تان ڌيان هٽائي ڇڏي ته آساني سان ڪنهن جانور جو شڪار ٿي سگهي ٿي. تحقيق مان پتو پيو آهي مور جي لاءِ هي ضروري هو ته هن کنڀ ايڏا وڏا هجن جو ڊيل جو ڌيان ڇڪائي سگهن.