منهنجي گھڻي اصرار تي بگڙندي چيائين مان ڪو به سينگار نه ڪندس، جيئن آهيان تيئن ئي رهندس، تون مون سان عشق ڪرين ٿو ت توکي قبول هجڻ گهرجان، جيئن به آهيان تيئن ئي... چيومانس، پر تون ڪلب ڊانس ڇڏيندينءَ ته بهتر ٿيندو... اکين ۾ اکيون ملائيندي پڇيائين ، مطلب تون منهنجي عمل سان پيار ٿو ڪرڻ چاهين مون سان نه!!!؟؟؟، مان ڪلب ۾ ڊانس ڪريان يا مسجد جي ڪنڊ ۾ ويهي نماز پڙهان، مان ته ساڳي ئي آهيان، جي تون مون کي چاهين ٿو ته چاهه باقي عملن ۾ توري تڪي پيار ڪرڻ ڇو ٿو چاهين؟؟؟ عابد! تون ته پنهنجو پاڻ کي ئي دائرن ۾ قيد ڪري رکيو آ، مان جيڪا آهيان اِها ئي آهيان... مون وٽ وراڻي ۾ ڪي به لفظ نه بچيا هيا، سوين سالن جي وڇوٽي ۽ هزارين ميلن جي فاصلي باوجود مون کي سنڌ کان پري هن نئين دور ۾ هوءَ سچل جي روحاني مريد ياڻي لڳي رهي هئي ۽ گھڙي کن ايئن لڳو ڄڻ سچل مون سامهون رقصان هجي ۽ سندس يڪتاري جي تند آلاپيندي هجي “مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان” ان وقت سچل مون کي لاس ويگاس جي ڪلب ۾ نظر اچي رهيو هو.