هوئن ته رمضان الڪريم اچڻ کان پوءِ ڪافي دوستن جا ڪمپيوٽر تي ويهڻ جا شيڊيول پڻ تبديل ٿيا هوندا۔۔۔۔ پر مون سميت ڪافي اهڙا به آهن جن جي نوڪري ئي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪرڻ آهي۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان فيس بوڪ تي انتهائي واهيات قسم جا بينر ۽ اشتهار هلڻ شروع ٿيا آهن ۔۔۔ ان ڪري نه صرف روزي سان فيس بوڪ تي ويهندي خفگي ٿئي پر گهر ۾ به فيملي ميمبرس جي موجودگي ۾ فيس بوڪ سرفنگ پڻ تڪليف زده ٿيو وڃي۔۔۔ ان جي حل لاءِ جڏهن ڳولا ڪيم ته هڪ گوگل ڪروم ايڪسٽينشن مليو جيڪو اڳ ئي ڪافي مشهور آهي۔۔۔ ۽ جنهن ذريعي رڳو فيس بوڪ جا اشتهار يا ناپسنديده بينر ئي نه پر يوٽيوب جا اشتهار ۽ واهيات قسم جي اشتهارن کي ويب پيج تان غائب ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هي آهي Adblock Plus۔۔۔ هي مشهور ايڪسٽينشن هيٺين لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري هڪ دفعو انسٽال ڪرڻ کان پوءِ برائوزر ريسٽارٽ ڪريو ۽ اهڙن ناپسنديده اشتهارن کان نجات حاصل ڪريو۔۔۔۔ گوگل ڪروم برائوزر استعمال ڪندڙن لاءِ ايڪسٽينشن فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندڙن لاءِ ايڊآن اوپيرا برائوزر استعمال ڪندڙن لاءِ ايڊان انٽرنيٽ ايڪسپلورر استعمال ڪندڙن لاءِ انسٽالر ۽ اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم برائوزر لاءِ ايپليڪيشن
گهڻي وقت کان سوچيم پئي ته انهيءَ لاءِ پُڇڻا نه مُنجهڻا ۾ لِکان۔ خاص ڪري هڪ بي سُري ۽ بي شڪلي اينڪر پرسن جي فوٽو ڏسڻ جي ايندڙ بار بار بي دعوتي دعوت جي ڪري۔ پر اوهان به لڳي ٿو تنگ آمد جنگ آمد ڪندي اڳواٽ ئي ڪم ڪري ڇڏيو۔ انهيءَ سان هڪ ٻيو فائدو به ٿيو ته فيس بوڪ تي ايندڙ هر پروڊڪٽ جو اشتهار به بند ٿي ويو۔ جنهن سان ڪڏهن نه ڪڏهن ظاهري سُٺي ڏيک ويک ۽ غير معياري شين جي وٺڻ ۽ دوکي کائڻ جو خطرو رهي ٿو۔
يار سچ پڇين ته مان به انهن اشتهارن مان گهڻو تنگ آهيان۔ هي ايڪسٽينشن ڪروم تي انسٽال ڪيم پر ڪم نه ٿيو۔ برائوزر ٻيهر اسٽارٽ ڪيم۽ فيسبوڪ کوليم پر الائي ڇو ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو ۽ مهر بخاري وارو اهو ڪنو اشتهار وري مٿي بيٺو آهي۔
ادا ذيشان۔۔اصل واهه جي ونڊ ڪئي اٿوَ۔۔گوگل ڪروم تي هي ڪاميابي سان ايڊ بلاڪ ڪري پيو۔۔۔هروڀرو ايترا ڏينهن رمضان ۾ به گنهگار پئي ٿياسين۔۔ الله سائين توهان کي اجر ڏئي۔۔۔آمين۔
ادا سليمان جيڪڏهن توهان سميت ڪنهن ٻئي دوست وٽ ايڪسٽينشن ڪم نه ڪندو هجي ته ايڪسٽينشن آپشن جي ڪجهه هن طرح سيٽنگ ڪريو۔۔۔۔ سڀ کان پهريان برائوزر يو آر ايل بار تي chrome://settings/extensions لکي انٽر ڪريوکوليو۔۔۔ ايڪسٽينشن جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ 2897 اٽيچمينٽ ڏسو ان کان پوءِ فلٽر لسٽ ٽيب تي رهي ڪري هيٺ موجود بٽڻ ايڊ تي ڪلڪ ڊراپ ڊائون لسٽ کوليو ۽ پهرين ”ايزي لسٽ (انگريزي)“ چونڊيو۔۔۔ جنهن کي ايڊ بٽڻ دٻائيندي شامل ڪريو ۽ آخر ۾ ”اپڊيٽ نائو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ 2898 اٽيچمينٽ ڏسو توهان جي لسٽ ٿوري ئي دير ۾ ڊائونلوڊ ٿي شامل ٿي ويندي ۔۔۔ 2899 اٽيچمينٽ ڏسو هاڻي فيس بوڪ بند ڪري ٻيهر کوليو ۔۔۔ اميد ته اشتهار نظر نه ايندا۔۔۔
السلام عليڪم دوستو! اڄڪلھ فيس بڪ تي فحاشي ۽ عرياني(اگھاڙپ) جي تشهير جي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي جو اوهان جڏهن به ڪو نئون پيج کوليو ۽ ان کي لائيڪ ڪريو ٿا، ته ان سان ڪانه ڪا فحش سائيٽ گڏ هوندي آهي جنهن جون گنديون تصويرون روز اوهان جي هوم پيج تي نظر پيون اينديون رهنديون آهن، ته اهڙن پيجز ۽ فحس سائيٽس کي بلاڪ ڪرڻ جو طريقو نوٽ ڪريو. 1. پنهنجو فيس بڪ جو هوم پيج(click on Home)کوليو 2. اس سان گڏ بيٺل سيٽنگ آئيڪان Setting Iconتي ڪلڪ ڪريو. 3. پوءِ Privacy settingsتي ڪلڪ هڻو. 4. کاٻي پاسي موجود Apps تي ڪلڪ ڪريو. 5. پوءِ Instant Personalizationسان گڏ موجود Edit تي ڪلڪ ڪريو. 6. هاڻي اوهان Close تي ڪلڪ هڻو ۽ Enable Instant Personalization on partner websites کي Uncheck ڪريو. 7. ان کان پوءِ نئين ايندڙ ونڊو ۾Continue تي ڪلڪ ڪريو. ان طريقي سان اوهان انهن فحس تشهير تي مشتمل ويب سائيٽس مان ڇٽڪارو حاصل ڪري سگھندا. مهرباني ڪري وڌکان وڌ شيئر ڪريو. جزاڪ الله (عامر اي ملڪ جي پوسٽ جو ترجمو) 2939 اٽيچمينٽ ڏسو