جستجو ۽ مان !!!!!

سيد اياز علي شاه

سينيئر رڪن
تنهنجي مون تي نگاهه ٿي وئي آ
آفتن کان پناهه ٿي وئي آ
کيس سڀ کان وتان لڪائيندو
مرڪ ڄڻ ڪو گناهه ٿي وئي آ
منهنجي سچ تي ڪروڌ ۽ هن جي
ڪوڙ تي واهه واهه ٿي وئي آ
زندگي هر ستم تي خوش آهي
ٻن ٺڳن ڪو ٺاهه ٿي وئي آ
ڪجهه ڪرڻ جو جي حوصلو جاڳيو
راهه مان ئي ڪا راهه ٿي وئي آ
ٻن ننڍڙين اکڙين جي چاهت ڏس
هڪڙو ساگر اٿاهه ٿي وئي آ
(اياز گل)​
 
کيس سڀ کان وتان لڪائيندو
مرڪ ڄڻ ڪو گناهه ٿي وئي آ


واهه ۔۔۔ اياز گل جون سهڻيون سٽون
 
Back
Top