سڄڻ سفر هليا۔ڪلاسڪ ڪهاڻي۔رسول بخش درس

'ڪهاڻيون' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏28 جولائي 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    سڄڻ سفر هليا
    رسول بخش درس


    سج چڙهي آيو ته به سُتي پئي هئي ماڻس ٻه ٽي ڀيرا سڏ ڪيس اي ڇوڪري اُٿي مٿي،ڪهڙي نڀاڳ کنيو اٿيئي ،ماڻس وري به سانجهاڻ کي لڳي وئي،وري پُڦئينس مٿان اچي بيٺي،امان او امان زيبو جيجي اُٿي مٿي،سج چڙهي آيو آهي نياڻين کي ايترو سمهڻ سونهي ڪونه ٿو۔
    آن۔۔۔۔هان ڇا آهي ڪهڙي ٻوڏ آئي آهي اک به پورڻ ڪونه ٿيون ڏيو،ڪر موڙي اُٿي ويٺي،پريان ساماڻي ڳئون پي ڏُڌي تنهن جي دل تي نانگڻ وڄ چمڪي پئي ماڻس رڙ ڪئي،ڇوري منهن کي ڇنڊو هڻ هن نينگري کان کير وٺي اچ ته چانهه ۾ وجهان۔
    اُٿي بيٺي پوتي مٿي تي وجهي پُڦئينس ماٽي ۾ منڌي وجهيو ويٺي هئي،تنهن جي ڀر مان لنگهي وٽو کڻي گهڙي مان پاڻي اُوتي منهن ڌوئي سڌي ٿي۔
    ساماڻي جيون اکيون رڳو منجهس کُتل هيون،ڪا سيڙهه چوئنريء ۾ ڪا ٻاهر پر اک زيبوء ۾ لڳي پئي هيس،هوء به ننڊاکڙي نيڻ کڻندي آلرندي ڏانهس وڌي سجاڳي نه هجڻ ڪري پوتي به نه ورائي هيائين،سنهي ململ جي چولي مان اُرهه وک وک تي اُڀري ٿي آيا،ساماڻي ته اک به ڪانه ٿي ڇنڀي،تان جو زيبو اچي سر تي چڙهيس،سيڙهه چونئري مان گُسي وڃي پٽ تي سٽڪو ڪيو،طلسم تڏهن ٽٽو جو زيبو ڳئون جي ڦر تان آٿڙي ذري تان ڪرندي بچي،ماڻس هڪل ڪئي مائي نينگري ته ڏسو جهڙو نشن ۾ هجي هوش آيس ته اُرهه تان پلاند به ورايائين ۽ ساماڻي جي اک به موٽي ماڳ آئي۔
    چنڊ جهڙو منهن،ڪٽورا نيڻ،ڊيل جهڙي چال،ڪونج جهڙي ڳچي۔گلابي چولي مان ڇلڪندڙ اُرهه،سڀ تصور ۾ ڦرڻ لڳا،۽ دل تي چٽجي ويا۔
    ڳئو، ڏُهي اُٿيو ۽ چوئنري زيبوء کي ڏيندي رڳو اکين اکين ۾ سنيهو ڏيڻ چاهيائين،سندس نگاهون زيبو جي منهن تان ڍرڪي ڇاتيء تي آيون،۽ پوء لُڙهنديون ويون هيٺ۔زيبو کيس تڪيندو ڏسي منهن ۾ گهنڊ وجهي سٽ ڏئي چونئري کڻي هلي وئي۔
    اڄ ٽيون ڏينهن هو هو ڳئون ڏُهڻ ايندو هو،زيبوء جي پيء تي انجنيئر ڪاوڙجي پيو هو ۽ پري بدلي ڪري ڇڏي هيائين،پڻس سوير ئي سائيڪل کڻي هليو ويندو هو،داروغو ماڻهو انجنيئر سان پُڄي نه پي سگهيو،ساماڻو به سندس سيال ڀاء هو،تنهن کي منٿ ڪيائين،بابا گهر ۾ ڪو مڙس ماڻهو ڪونهي،ڳئون مان کير لپ ڏهيو ڏجان،پُٽ اوهان کي گهر پرتو آهي،آئون نوڪر ماڻهو پرائي وس مڙئي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائجو۔
    زيبو به مائٽن جو اڪيلو اولاد هئي،گهڻا در ڀيٽيائون ڪجهه نه وريو نيٺ حيلا وسيلا ڪيائون تڏهن اهو ڌيء ڇوڏو ٿيو هئن،پُٽ ته پوء به ڪونه ٿين پڻس به مائٽن جو اڪيلو پُٽ هو ٻه ڀيڻون هيس هڪڙي ته ڪنواري ئي مري وئي ٻي هئي جنهن ساڻن پي ڏينهن گهاريا۔
    زيبو کي پيء پُتن کان به وڌيڪ ڀائيندو هو انڌن اڳيان لٺ به اُها ئي ته هئي ويجهو نه ڪو مٽ مائٽ باقي پري جي مائٽي ٿيا سيال ڀائر نه چاچو نه مامو زيبوء جي دنيا رڳو گهر،ماء،پيء، پُڦي،ٻيو ڪو اچي نه وڃي،ڏاڏو ڏاڏي به ننڍي هوندي مري ويس۔
    ساماڻو به ٽن ڏينهن کان ڳئون ڏُهڻ ايندو هو،۽ ڳئون ڏُهي هليو ويندو هو ماڻس هڪ ٻه ڀيرو صلاح هنيس ته۔ابا ويهه چانهه پي وڃ۔پر اهڙو لڄارو جو جواب به ڏئي نه سگهيو ماٺڙي ڪري هليو ويو زيبو به رڳو کير وٺڻ ويندي هئي ڳالهائيندا ٻولهائيندا ڪجهه به ڪونه هئا،پر اڄ زيبو جي دل ۾ وهم ويهي ويو۔
    ماڻس چونئري ڌُوئي ڳئون جي منهه ۾ ٽنگي،پاڻ وڃي سانجهاڻ کي لڳندي هئي،پُڦئينس کير لپ ڄمائي رکندي هئي،اڻ ۾ منڌي وجهي ڦرڻ لڳندي هئي،ٻهراڙي جا ماڻهو سيال ڀائرن کان ڪهڙو ڇيپ؟هوء صبح جو ٻُهاري سُهاري ڪري ڪم ڪار کان واندي ٿي اچي نم هيٺيان کٽ تي ليٽي ساماڻي جي گهور،تير وانگر ڇاتيء ۾ کُتل ڀانيائين،سندس سورنهن سانوڻ لگهندي پهريون ڀيرو ڪنهن پرائي ماڻهو کي ايئن پاڻ کي ويجهو ڏٺو هئائين،ڪاوڙ آيس ساماڻي تي۔مئو ڪو بي حيا آهي،ذليل،ڪميڻو،ڪيئن نه ڪُتي وانگر پي ڏٺائين؟شرم به ڪونه ٿي آيس،آئون ڪونه وينديس کير وٺڻ،پاڻهي امان ويندي پُڦي ويندي،منهن ته ڏسوس آئون ٿُڪ به نه هڻانس،منهن جُتي جهڙو آهي؟ آئون بابا کي چئي ڏينديس ته هن بي حيا کي بند ڪري ڇڏي،نه اچي گهر الاهي ڇا ٿو سمجهي پاڻ کي ها۔۔۔۔۔۔پر بابا الاهي ڇا سمجهي؟۔۔۔ نه نه بابا کي ڪونه ٿي چوانئاُنهي سان آئون پاڻ پُڄڻ جهڙي آهيان،منهنجي جُتي کي سور،ٿُڪ هڻانس،پر بابا کي ڪونه ٻُڌائينديس،ها عزت ماڻهو جي پنهنجي هث ۾ آهي باقي مون کي ڪندو به ڇا؟آئون ڪو ڊڄانس ٿي ڇا؟
    شام لڙي پڻس به اچي سائيڪل بيهاري،ماني ٽڪي کائي پڻس کي زور ڏيڻ لڳي،دل ۾ آيس ته چئي ڏي بابا او بابا پڻس جي اک لڳي وئي هئي،نه مائي نه۔اصل نه؟پنس کي سار ٿي۔
    جي بابا ڇا ٿي چيئي پُٽ تو سڏ ڪيو ڇا؟
    نه نه هاها۔۔۔بابا ڀلا تون صبح سان نيرانو ٿو وڃين پوء بُک ڪانه لڳنئي؟
    اڙي ڌيء اسين بُکن ڏُکن جا ڏاڍا آهيون۔
    بابا هن پگهار تي مون کي لڳڙ وٺي ڏج۽ سائو وڳو۔
    ها بابا پگهار ملي سهي پوء ٻچي کي وٺي ڏيندس۔
    پڻس منزل هڻي آيو هو سو وري به جهوٽو اچي ويس ماڻس واندي ٿي اچي ٻي اِيس تي ويٺي،زيبو ڌيء تون هاڻ هلي سُمهه،آئون پاڻهي ٿي زور ڏيانس۔
    پڻس جي کٽ تان اُٿي اچي سندس کٽ تي ويٺي ۽ تارا ڳڻڻ لڳي سندس ڀر ۾ پڦئينس جي کٽ هئي جا سڄي ڏينهن جي ٿڪ سبب ساڻي ٿي کونگهرا هڻي رهي هئي۔
    ويچاري پُڦي ڪيڏو نه ڳهي ٿي اسان جي گهر ۾،مال ٻڌڻ ڇوڙڻ،توڻ سانجهاڻ،ٻهاري سهاري،جهڙي نوڪرياڻي هجي،امان به ڪيڏي مهل ڇنڀيو ڇڏيس،ويچاري پڦي نه مڱي نه پرڻي،هاڻ ته سينڌ به اڇي اچي ٿي آهيس،ڏاڏا جا به ڪم اونڌا ،ويچاريون بابا جيون پُڦيون به مرڻيون مري ويون پر پرڻيون ڪونه،اڄ سندس ڪو اولاد هجي ها ته اچي اسان جي اڱڻ تي بيهي ها،ڏاڏا چئي اسان جو ڪو شاني شريڪ ڪونهي اسين نج سمان آهيون ٻيا گاڊ گوڊ آهن تن سان ٿورئي گڏبا سون۔وري ڌيئون به ويهاري ،هڪڙي سندس پٺيان ئي ٿي قبر ڀيڙي باقي هيء ويچاري ڍور وانگر پئي ڀاء جي گهر ۾ وهي،اهو ڪهڙو رواج آهيئاسان جي گهر ۾ ڪابه نينگري اُس تي وار سُڪائي،ڪنواري قبر ڀيري وڃي ٿيندي سندس ڪڇ ٻار لئه سڪي وڃي،پوء منهنجو ڇا ٿيندو؟نه نه الله پناهه ڏيندو،ڪين پڦي وانگر ٿانو ملي مري وينديس امان ته ڪيڏي نه خوش آهي پنهنجو مڙس،پنهنجو گهر،ٻيو اولاد نه ته به آئون سندن اکين اڳيان ته آهيان،سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري پڦي ويچاري ته پيلي ٿي وئي آهي،جهري هيد هاريل هجيس۔۔
    چنڊ جي سُهائي ۾ ڏٺائين ته ماڻس به پڻس جي ڀر ۾ ليٽي پئي هئي،ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيا هئا،ويچاري پڦي آئون وڃي ٿي گڏ سُمهانس،ڪڏهن به ڪو پاسي ۾ ستو هوندس؟۔۔۔۔۔۔ نه پر ننڊ ڦٽنديس۔
    سڄي رات وسوسن ۽ وهمن ۾ گذريس صبح جو اٿي ته پريان منهه ۾ ساماڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڏُهائي پي ڪئي،زيبو مٿان اچي بيٺيس پر چريو به ڪونه چونئري هٿ ۾ ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو،زيبو حيران ٿي ڏسڻ لڳيس ،،هان ڇا ٿيس؟هون ته ڪالهوڪي ڳالهه مان سمجهي ويو،اڃان ته بيهه اي مائي سڪر جو بابا کي نه ٻڌايم هي ته پاڻهي سڌو ٿي ويو،مون هونئن ئي پي هڙان وڃايو پر مون کي ويچاري ڪيو به ڇا؟رڳو کڻي ڏٺائين ته ڇا ٿيو؟مائي ماڙهو پنهنجيون اکيون ڪڍائي ته ڪونه ڇڏيندا؟ائون به الائي ڪيئن آهيان؟پرايو پٽ اسان جا گاٺمارا ڪري آخر نوڪر ته ڪونهي؟پان توبه ڪئي ڀلي ڏهه ڀيرا ڏسي هو به ويچارو ماڻهو آهي ڪو کائي ته ڪونه ويندو۔
    ٻئي ڏينهن به ساماڻو کير ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو زيبو کي اُڻ تُڻ ٿي پئي،آئي مائي پاڻ توبه ڪئي پنهنجي بابي به توبهه ڪئي پر هاڻ ڪنڌ مان جو ور نڪريس جهري ڪلي لڳل هجيس۔
    ٽئين ڏينهن ساماڻو چونئري ڏئي هلڻ لڳو ته زيبو جي ماء سڏ ڪيس ابا چانهه ڪوپ پيو وڃ۔ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هلڻ لڳو،زيبو کان رهيو نه ٿيو۔
    چانهه پيو وڃ۔۔
    ساماڻو اڳ ڀرو وڃي بيهي رهيو،زيبو جي سڏ سان ڄمي ويو،ماڻس وري به سڏيس هليا ابا هليا پت اسان جو ٻچو آهين اچي ويهه۔
    زيبو چانه جو ڪوپ کڻي اچي مٿان بيٺيس،ساماني ڪوپ ۾ هٿ وڌو زيبو کي کينچل سجهي آئي سو ڪوپ کي ٿورو ڇڪ ڏنائين،ڪوپ ڇلڪيو ۽ چانهه جا ڪوسا ڍڪ اچي سٿر تي پيس،لڇيو پر ڪڇيو ڪونه،زيبو ماڻس کان پاسيري ٿي پوتي وات ۾ وجهي کل ۾ ٻڏي وئي،ساماڻي به روزو ڀڃيندي مٿي نگاهه کڻي ڏٺس پاڻ به مرڪي پيو،ٻي ڪنهن نه ڏٺو نه واٺو چانهه پي هليو ويو۔
    زيبو سڄو ڏينهن پنهنجي منهن کلندي رهي ٻي ڏينهن صبح جو زيبو منهن ڌوئي اچي مٿان بيٺيس،ساماڻي ڪر کڻي ڏٺس ٻنهي مرڪي وڌو۔اشارن اشارن ۾ ميارون ڏوراپا ٿيا۔
    پوء هڪ رات جڏهن سڀ ڀاتي ننڊ جي ٻک ۾ هئا ته زيبو آهستي اٿي هلڻ لڳي،بدن ۾ ڏڪاني دل وسامجي پي وئي،کڙاهه لنگهي ڀر واري ٻٻرن جي ويڙهي ۾ گهڙي وئي،ڪنهن ٻٻر جر لام هوا ۾ سوسٽ ٿي ڪيو ته ڌرڙي نڪري ٿي آيس،اونداهه رات ۾ ڪڏهن به نه نڪتي هئي،هر قدم ڪرور مڻن جو،پريان پاڇو اڳيان وڌيو ساهه نڙي ۾ اٽڪي پيس،مٿو ڦرڻ لڳس،ساماڻي اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌس،محسوس ڪيائين ته هو به ڏڪيو پي،ڪجهه دير ماٺ جو مينهن وسندو رهيو،ساماڻي ٻانهن ورائي ڀاڪر ۾ ڀريس ته ڏڪي وئي،پوء ڪيئي راتيون ايئن گذريون،ڊپ هراس لٿو،روح رهاڻيون ٿيڻ لڳيون،سندس نس نس ۾ نيهن جو نشو ڀرجي ويو،نيڻن جا خمار هئس عشق جا پر لوڪ لکا ڪونه ڏنائون،ڳجهه ڳوهه ۾ پرت جا پيوند پئجي ويا،زيبو ڪڏهن پاڻ کي درياء ۾ لڙهندو محسوس ڪندي هئي،ڄڻ لڙهندي وڃي ڇولين جي ڇوهه ۾ وچ سير ڏانهن،پر ساماڻي جي ياد ايندي ڪو هٿ ڇڪي ٻاهر ڪندو هئس،الا ڇا ٿيندوئساماڻي کان سواء آ۔ون پل به جيئري ڪانه رهنديس؟بابا ته قيامين ڪونه مڃيندو،نه نهن ڪڏهن بهڪونه مڃيندو پوء پڦيء وارا حال ٿيندم،سوچن جي سرڪڻ ۾ سوگهي ٿي وئي۔
    وسڪاري جي رات جهڙ ء وڄون،ميگهه وسڻ جا ويس ڪيا،ماڻس پڻس گهر ۾ ننڊ جي منڊ ۾ منڊجي ويا هئا،پُڦئينس ٻح عادت موجب کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا هئا۔
    زيبو پير پير ۾ ڏئي اڳتي وڌي،اجرڪ ويرهي رڙهي،وسوسن جي ڌٻڻ ۾ گچندي،جهڙالي موسم ۾ ٻٻرن جي ويڙهي ۾ گهڙيمساماڻي واڳ ورائي مڪڙي جي حني تي رکي،زيبو پير رقيب ۾ وڌو ساماڻي اڙي ڏنيس پاڻ به ٽپ ڏئي حني ۾ کُپي ويو۔
    مڪڙي ڌرتي ماء ۾ سنب کوڙيو ڄڻڪ زيبو جي ڇاتيء مان لنگهي ويو،هر سنب عذاب جا گرز کوڙي ويو،مينهن واچ طوفان ٿي ويا،زيبو آخري ڀيرو ابڻي گهر ڏانهن نهار اڇلي،الله واهي اوهان جو ساجن اوهان سان،منهنجو ساجن مون سان،الله کي پرتا منهنجا مٺا بابا مون تي ميار نه ڪجان پُڦيء جي پارت اٿوء،جيجل تنهنجيون پٽون پپاراتا به اکين تي۔الله واهي۔
    جذبن جي اٿل آئي لڙڪ وهي نڪتا،گوگا لڙڪ،ٻوڙا لڙڪ،لڙڪن لارون ڪري مينهن جو ساٿ ڏنو مڪڙي رات کي چيريندي اڳتي وڌي رهي هئي ۽ ڳوٺ کان پري جهنگ ۾ گم ٿي وئي،گُگهه اونداهه رات گهوڙيء کي ڳيهي وئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسانجي ئي سماج جي ڪهاڻي آهي ۔۔۔جتي ڪيئي ريتون رسمون اهڙي ته رستي تي اچي بيهارين ٿيون جتي نه ٿيڻا فيصلا به ڪرڻا ٿا پون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا سليمان سائين هن ڪهاڻي جو انت ته ڏس۔۔ڇا ته انداز آهي سائين جي ڪهاڻي جو
    واهه واهه ڪهاڻيڪار هجن ته درس جهڙا۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو