نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو، تازو سنڌ جي مشهور شخصيت ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم شخصيت، سائين محترم علي نواز ميمڻ، جو اڄڪلهه آمريڪا ۾ رهندڙ آهي ... هڪ هفتي لئه سنڌ گهمڻ آيو ... سندس هي چڪر لڳ ڀڳ 5 سالن کانپوءِ ٿيو آهي ... پنجن سالن کانپوءِ هُن سنڌ کي ڪيئن ڏٺو ...؟؟؟ اچو ته ان احساس کي محسوس ڪريون ته هڪ سنڌي جو ڪيتري عرصي کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ اچي ٿو ته مٿس ڪهڙو اثر ٿئي ٿو ...
حوالو؛ ورلڊ سنڌي نيٽ؛ تاريخ 6/02/2010
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هي ڳالهيون آهن ان ماڻهونءَ جون، جو سرزمين سنڌ جو هڏ ڏوکي آهي ... جڏهن سنڌ ۾ اچي ٿو ته کيس سنڌ جون حالتون ڍڳو پير پيران نظر اچن ٿيون ... بجاءِ ترقي ٿيڻ جي سنڌ جون حالتون هيٺاهين طرف وڃي رهيون آهن ...
سنڌي ڀائرو! الله جي واسطي انهن حالتن کي بدلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ... سنڌ ترقي ڪندي ته اسين سڀ ترقي ڪنداسون ... سنڌ خوشحال ٿيندي ته اسين سڀ خوشحال ٿينداسون ...
حوالو؛ ورلڊ سنڌي نيٽ؛ تاريخ 6/02/2010
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
تازو مونکي خوشي ٿي جو آءُ پاڪستان ۾ ٽن هفتن لئه گهمڻ ويس ... مون ٻه هفتا ڪاروباري مقصد خاطر اسلام آباد ۾ گذاريا ۽ هڪ هفتو سنڌ ۾ تعليمي سبب ڪري گذاريو ... آءُ لڳ ڀڳ پنجن سالن جي وڇوٽيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ ويو هيس ...
آءُ ڪراچي، حيدرآبا ۽ بدين ۾ هيس ... (پنهنجي خاندان ۽ دوستن جا ٿورا مڃڻ کانپوءِ لکيو اٿس)
مون ات (سنڌ) ڇا ڏٺو؟
اسلام آباد سڪيورٽي وڌيڪ ۽ رڪاوٽون گهڻيون ڏٺم ... جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۾ گهڻي ڪا خاص تبديلي نه هئي ...
ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جون ڪجهه نشانيون نظر آيون، ڪجهه نوان روڊ ۽ ڪجهه نيون پلون جنهن سبب گاڏِيون ڪجهه وڌيڪ تيزيءَ سان چرندي نظر آيون، پر نئين گاڏين جي سبب رش ۾ اضافو پڻ ٿيو آهي جنهن سبب رستا اڃان به ڪجه رڪيل ۽ منجهيل نظر آيا ...
اندرون سنڌ ايئن ئي هئي جيئن پنج سال اڳ هئي ... حيدرآبا ۽ خاص ڪري قاسم آباد هميشه جيئان گند سان ڀريل نظر آئي ... حيدر آبا ۽ بدين روڊ تي ڪئي ميلن تائين نڪ ساڙ بدبو هئي ... جنهن جو سبب کنڊ جون ملون آهن ...
سنڌ جي ماڻهن ۾ هن نئين حڪومت بابت نا اميدي ڦهليل نظر آئي ۽ سندن ضروريات زندگيءَ جون ڪيتريون شيون جن ۾ کنڊ، اٽو، گهه. گوشت ۽ بجليءَ وغيره جي مهانگائي جون ڪيتريون ئي شڪايتون ٻڌڻ ۾ آيون ...
قانون جي حالت اڳي کان خراب آهي ...
پاڻي جي ڪمي اڳي کان گهڻي خراب آهي ...
بدانتظامي ۽ بي ايمانيءَ جا ڪيترا ئي قصا ٻڌائڻ لاءِ آهن...
ڪجهه نيون نوڪريون آهن پر بجاءِ اهليت جي بنياد تي ڏيڻ جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي ڏنيو ويون آهن ...
جمهوريت صرف ووٽ وٺڻ جي حد تائين آهي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ بيڪار بحث ٿين ٿا، هميشه جيئان فيصلي جي سگهه صرف چند هٿن ۾ آهي، (اهي هٿ) بجاءِ عوامي ڀلائيءَ جي صرف پنهنجن محدود مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل آهن ... سياست خانداني ورثو ۽ ڪاروبار ٿي پيو آهي هر طرف ...
هي ڳالهيون آهن ان ماڻهونءَ جون، جو سرزمين سنڌ جو هڏ ڏوکي آهي ... جڏهن سنڌ ۾ اچي ٿو ته کيس سنڌ جون حالتون ڍڳو پير پيران نظر اچن ٿيون ... بجاءِ ترقي ٿيڻ جي سنڌ جون حالتون هيٺاهين طرف وڃي رهيون آهن ...
سنڌي ڀائرو! الله جي واسطي انهن حالتن کي بدلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ... سنڌ ترقي ڪندي ته اسين سڀ ترقي ڪنداسون ... سنڌ خوشحال ٿيندي ته اسين سڀ خوشحال ٿينداسون ...
سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.