ساري دنيا جا سنڌيو جيئي جيجل سنڌ.... سدا جيئي.... سنڌو دريا ڄامشوري جي سڀ کان خوبصورت ڪنڌي ”المنظر“ جنهن ۾ سنڌ جا خوبصورت پريمي جوڙا، پنهنجا هٿ هٿن ۾ ڏئي دريا شاهه کي ساکي بنائي هڪ ٻي سان پيار ورهائيندا آهن ان ڪنڌي المنظر تي 22 جنوري 2010ع تي محترمه فخرِ ڪريم صديقي صاحبه سنڌو کي سلامي ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪ محفل موسيقي جي تقريب پڻ رکي هُئي، ان ۾ هڪ سنڌي راڳي هي گيت ” جنهن وقت هِي جوڳي جاڳيا، هن ڀُونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا “ڳايو هو، اسان جي دوست عبدالغفور سمون اهو گيت پڻ سنڌ سلامت لاءِ رڪارڊ ڪري مون تائين پهچايو هو، ان تقريب ۾ سنڌي جوڌن ۽ سنڌي سورمين جي گهڻائي جي ڪري گيت ۾ انتهائي درجي جو شور هو، جيئن ته اهو گيت اسان جي سنڌ جي مهان راڳي مرحوم استاد محمد يوسف پنهنجي دل جي گهرائين سان ڳايو هو سو دل چاهيو پي ته عبدالغفور سمون جي رڪارڊ ڪيل هن گيت ۾ خوبصورتي ڀري وڃي، پر مسئلو اهو پي اڳيان آيو ته مرحوم اُستاد جو اهو اصلوڪو گيت ڪٿان هٿ ڪجي، نيٽ جي مدد ورتي وئي اتان اهو گيت هٿ به ڪري ورتم، پر اهو يو ٽيوب ۾ وڊيو جي صورت ۾ موجود هو، سوچيم پي يو ٽيوب کي ڊائون لوڊ ڪرڻ واري سافٽ ويئر کي هٿ ڪري ان گيت کي لاٿو وڃي تيسين بجلي جي لوڊشيڊنگ جيڪا يڪي چار ڪلاڪن جي وقفي جِي هوندي آهي، ٿي ويئي ، اصل روئي ويٺس، انهي پريشانيءَ ۾ ٻاهر نڪتس، هڪڙي دوست منهن لٿل ڏٺو ساري ماجرا ٻُڌائي مانس، ان چيو ته اهو گيت اجهو هينئر هينئر فلائي دوست کان ٻُڌيو پيا اچان ، اڙي اهو ته هتان کان ست اٺ ڪلو ميٽر پري آهي، چيائين ته ان وٽ ڪمپيوٽر ۾ آڊيو جي صورت ۾ اهو گيت موجود آهي ۽ ان وٽ عارضي بجلي برقرار رکڻ وارو يو پي ايس پڻ آهي، جيستائين تو وٽ بجلي اچي تيستائين اتان اهو گيت يو ايس بي کڻي وڃ ۽ اُتاري اچ، ڳالهه ته برابر سڌي هُئي، کيسي ۾ نهاريم ته ٻه ٽي روپيا سي به جست جي سڪن جي صورت ۾ پيا هُئا، سو ست اٺ ڪلو ميٽر پر وڃڻ لاء لازمي سواريءَ جو بندوبست ڪرڻن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو روپين پاڪستاني سڪو رائج الوقت جي ضرورت هُئي، سو گهر ۾ گهڙيس، مون واري ماسات مٺي ذات منهنجي پريشانيءَ کي سمجهي وئي، چيائين ته شايد ڏوڪڙن جِي ضرورت اٿئي ، سو مون واري پينشن جي بچيل پيسن مان جيڪي شايد ٽي سئو روپيا باقي بچيا هُئا ان مان هڪ سئو روپيا کڻي اچي مونکي ڏنائين، چيومانس مولائڻ تون ته صفا جادوگر لڳي پئي آهين (ڀائو رشيد جادوگر کان معذرت سان ) مونکي گُهرج به انهيءَ ڇڙي هڪ سئو روپئي جِي هُئي، سو مولائڻ کان جهپٽو هڻي سئو روپئي جو ڳاڙهو نوٽ هٿن ۾ کڻي گهر جي ٻاهر نڪتس، منهنجو گهر خوشقسمتي سان مين روڊ جي پاسي ۾ آهي، سو هڪڙي عوامي سواري ” چنچي“ آئي پي، هٿ ڏنو مانس بيهي رهي، ان ڳوٺ جو ڳالهايومانس، جتي مسٽر فلاڻو رهندو هو، جنهن وٽ مهان راڳي اُستاد مرحوم محمد يوسف جو ڳايل گيت آڊيو فارميٽ ۾ موجود هو، چنچي جي ڊرائيور 125 روپيا اوٽ موٽ جو چيو، اندر سڙي ويو الا يڪا سارا 125 روپيا، ڀائو ڏاهو ٿي منهنجي کيسي ۾ هڪ سئو ٻڌو ۽ چار روپيا جست وارا آهن، ٻيلي اڄوڪي ڏينهن جي بس اها ئي پونجِي آهي ٻيلي سئو چار روپين تي ڪم ڪونه هلندو، چنچي جو ڊرائيور سُڃاڻو هو، چيائين ته سائين شاعرن سي به پينشن بردار شاعرن جا بس اهي ئي حال هوندا آهن، مون چيومانس ته ير اهو جملو ته مونکي ڳالهائڻو هو، ڊرائيور کلي پيو چيائين ته سائين چار روپيا ڇڏيان ٿو باقي سئو روپيا سو به ايڊوانس ۾ ڏي، واهه واهه فوري ڳاڙهو نوٽ چنچي ڊرائيور کي ڏنم، ڊرائيور چيو ته سائين منهنجي چنچي ڌڪي اسٽارٽ آهي، سو ڌڪو لڳايو، مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڪير ڏسي ته ڪونه ٿو، ته جهونو هاڻي ڌڪا اسٽارٽ ٿي پيو آهي، ڏٺم ته هڪ ٻلي جيڪا بقول سائين نثار ابڙو جي سرڪار بادشاهه جي نوڪري ڪندڙ جي هُئي روزانه منهنجو کير جيڪو اڌ پاءُ جي شڪل ۾ مون واري مون سان محبت ڪندڙ مولائڻ رکي ڇڏيندي آهي سا پي ويندي آهي سا ٻلي ئي روڊ ڪراس ڪندي مونکي نهاري رهي هُئي سوچيم خير آهي سرڪاري ٻلي صرف پراوا کير پيئندي آهي پر اصل گونگي آهي، ڪنهن سان به راز ڪونه اوريندي ته نثار ناز سنڌ سلامت جي سرپرستِي جو پٽڪو پهريل پيريءَ ۾ پرائين گاڏين کي ڌڪا پيو ڏي، سو ڱاڏيءَ کي ڌڪو ڏنم چنچي هلي پئي، ويهن منٽن ۾ چنچي ان ڳوٺ ۾ پهتي، ڏٺم ته فلاڻو اچي رهيو هو، مونکي پيرين پئي هٿ ڏنائين چيومانس ته بابا ڇا ٿو ڪرين، چوڻ لڳو سائين منهنجو ننڍو ڀاءَ سڌورو توهان وٽ پڙهيو هو، ان ڪري توهان ان جا استاد آهيو انڪري توهان جي پيرين ٿو پوان، چيومانس ته ها ها تو واري ڀاءَ جو نالو ته سڌورو آهي پر پهرين درجي جو نڀاڳو هوندو هو اصل سمورو اسڪول سر تي کڻيو بيٺو هوندو هو، هاڻي ڇا پيو ڪري، چيائين ته سائين بي ايس سي پيو ڪري خير مون پنهنجي سموري حقيقت کيس بيان ڪئي ان چيو ته سائين بلڪل اهو گيت مون وٽ آهي، مان هينئر ئي توهان جي يو ايس پي ۾ اُتاري کڻي ٿو اچان، مون يو ايس بي ڏني مانس، ان ڳوٺ ۾ مسٽر فلاڻي جو واحد گهر هو جنهن ۾ بجلي وڃڻ جي صورت ۾ عارضي انتظام يو پي ايس لڳل هو، ايتري ۾ ڏٺم ته سڌورو هڪ نئين نڪور کٽ کڻيو پي اچي ايندي شرط کٽ لاهي پيرين پيو، مون دعائون ڏنيون مانس، ايتري ۾ چنچي جي ڊرائيور چيو ته سائين منهنجو ڳوٺ هتان کان صرف هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي، اتان ٿي اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي ٿو اچان چيومانس ٻيلي منهنجي پت رکجان جي نه آئين ته مارجي ويندس چار روپيا سي به جست وارا کيسي ۾ اٿم ائين نه ٿئي جو اهي اٺ ڪلو ميٽر پند ڪرڻا پئجي وڃن وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين ته سائين جي نه آيس ته اٺ ڪلو پنڌ جي بڌران هڪ ڪلو ميٽر پنڌ منهنجي ڳوٺ جو ڪجان اتي توکي آئون ضرور لڀجي پوندس....... وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين ته سائين چنچي کي ڌڪو ڏيو، تنهنجي ته!....... ٻلي ميائون ميائون ڪري!..... ڪاوڙ مان چنچي ڊرائيور کي چيم، پوءِ سڌوري کي چيم ته سڌورا چنچي کي ڌڪو ڏي، چنچي اسٽارٽ ٿي وئي هلي مان اڃان سڌوري جي آنڌل کٽ تي ويٺس مس ته مسٽر فلاڻو، هٿ ۾ پاڻي جو جڳ ٻه گلاس شيشي وارا کڻي آيو، پاڻي جو جڳ گلاس کٽ تي رکندي مون کي يوايس بي ڏيندي چيائين ته سائين مرحوم محمد يوسف جو گيت هن ۾ لاهي ڇڏيو اٿم ٿورا مڃيامانس، چوڻ لڳو ته سائين توهان جا ٿورا جو توهان اسان جي ڳوٺ آيا آهيو، جواب ڏنومانس ته ير اهو سڀ عشق جو ڪمال آهي، ويچارو پريشان ٿي ويو، سوچڻ لڳو سائين کي پيريءَ ۾ اچي کريو آهي ۽ کيس عشق لڳو آهي ۽ سو به هن ڳوٺ ۾ اچي!، اڙي يار فلاڻا ! ادا منهنجو عشق ” ڊبليو ڊبليو ڊبليو ڊاٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سان آهي، اتي هڪڙو گيت ونڊ ڪرڻو آهي ۽ ان گيت ۾ تنهنجو ڏنل هي گيت مڪسنگ ڪري وڊيو ايڊيٽنگ ڪرڻي آهي..... اڇا سائين انٽر نيٽ به يوز ڪندا آهيو، ها يار واندو مل آهيان سو پيريءَ جي وندر ڪريو ويٺو آهيان، مسٽر فلاڻي فوري کيسي مان بال پين ۽ پنو ڪڍيو ۽ چيو ته سائين سنڌ سلامت جي ائڊريس لکايو ائڊريس لکارائي مانس ۽ چيومانس ته تون به انٽر نيٽ استعمال ڪندو آهي ڇا؟ چيائين ها سائين مون وٽ وي وائرليس سيٽ آهي ۽ ان ۾ اڄ ئي هڪ سئو روپين وارو ڪارڊ لوڊ ڪيو اٿم، مان اڄ ئي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کوليندس، ايتري ۾ سڌورو چانهه جي ڪٽلي ۽ ٻه ڪوپ کڻي آيو، اڙي سڌورا بابا تو چانهه جي تڪليف ڇو ڪئي ، سڌوري سنڌ جي روايتي محبت جو اظهار ڪندي چيو ته سائين ائين ڪيئن ٿيندو پهرين چانهه پيو ان کان پوءِ گهر ۾ مانِي به تيار ٿئي پئي. اڙي نه بابا نه بس چنچي اجهو آئي ڪا آئي مان ماني نه کائيندس....... مسٽر فلاڻي چيو ته سائين ماني ته توهان کي ضرور کائڻي پوندي....... بس صرف ڏند ڪڍي کلي ويٺس. فلاڻي سان گڏ چانهه پيتم، ايتري ۾ ڪلاڪ پورو ٿي چُڪو هو، پر چنچي جو پري پري تائين پتو ڪونه هو، هورا کورا وڌي وئي ، ماني به آئي جنهن ۾ پٽاٽا تريل ڳاڙهن چانورن جي ماني اڦراٽا، مکڻ جي وٽي ۽ جنهن ۾ ماکي پيل هُئي سا به کاڌيسين، مسٽر فلاڻي چيو ته سائين اهو چنچي وارو سُڃاڻو آهي نه به آيو ته مون وٽ موٽر سائيڪل آهي ان تي توهان کي توهان جي شهر ڇڏي ايندس، او شڪر منهنجا الله دل ۾ چيم ته گهٽ ۾ گهٽ پنڌ وارو مسئلو ته حل ٿي ويو، ڪجهه دير انتظار ڪيم ته چنچي وارو اڃان به ڪونه پهتو سو مسٽر فلاڻو پنهنجي گهران پنهنجي موٽر سائيڪل ڪاهي آيو، اسٽارٽ ڪيائين پي مس ته چنچي کر کر ڪندي ظاهر ٿي، اچي اسان وٽ پهتي ، پري کان آواز ڏنومانس ته بند نه ڪجان مان بس اچي ويهان ٿو، مسٽر فلاڻي جا وري به ٿورا مڃيندي اجازت ورتي مانس اچي چنچي ۾ پنهنجي شهر ٿوري دير اجهو هينئنر پهتو آهيان اهو گيت مڪسنگ ڪري استاد مرحوم محمد يوسف کي ارپيندي توهان کي ونڊ پيو ڪريان توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هن گيت جي شاعري سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي آهي، ٿي سگهي ٿو هن گيت جي مڪسنگ ۾ ڪٿي ڪٿي بيلنس نظر نه اچي پر دوستو مونکي اميد آهي ته هي گيت توهان سڀني سنڌي دوستن کي ضرور وڻندو ڇاڪاڻ ته هن گيت جي وڊيو ايڊيٽنگ سان گڏ هن ۾ منهنجو تمام گهڻو پيار سمايل آهي جنهن جو ذڪر توهان سان مٿي هڪڙي ڪهاڻي جي صورت ۾ ڪري چڪو آهيان سنڌ سلامت جي خالص پيشڪش آهي، دعائن ۾ ياد ضرور ڪندا
جواب: مهان راڳي مرحوم محمد يوسف جو ڳايل ڪلام سنڌو ڪناري تي سائين ۔۔۔ گيت ڪٿي آهي ۔۔۔؟؟؟ يار سڪايو ته نه ۔۔۔؟ نه ته چنچيءَ وارو خفو اجايو ۔۔۔ مهرباني ڪري سجايو ڪيو ۔۔۔
جواب: مهان راڳي مرحوم محمد يوسف جو ڳايل ڪلام سنڌو ڪناري تي يار گيت نه لڳو اهو سڀ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو ڪمال آهي بجلي اچڻ کان پوٌءِ داستان دل جو بدلجي ويو، ڏسو گيت به لڳو پيو اٿوَ ۽ گهڻو ڪجهه داستان دل لکيو پيو آهي مهرباني دوست توهان ٿورو انتظار ڪيو
جواب: مهان راڳي مرحوم محمد يوسف جو ڳايل ڪلام سنڌو ڪناري تي ادا سائين قصو به مزيدار آهي جنهن مان خبر پئي ته اوهان هن وڊيو کي اسان تائين پهچائڻ لئه ڪيترا جتن ڪيا، ۽ ڪهاڻي پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل افسانو پڻ آهي ۔۔۔ مٿان وري جڏهن وڊيو ڏٺيسون ته ٿڪ ئي لهي پيا ۽ اوهانجي محنت سون جهڙي، نوجوانن جو ناچ ۔۔۔ محترم محمد يوسف مرحوم جو آواز ۽ مٿان وري ٻول اهڙا جو اصل مست قلندر ٿي وئي ۔۔۔ بس دعا به آهي ته انتظار به آهي ته ڪڏهن ٿا ڀونئه جا ڀاڳيا جاڳن ۽ مست ملنگ ٿين ۔۔۔ سائين هن گيت ۾ هڪ سوال پڻ آهي ۔۔۔ اهو هي ته: ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا تون سوڪيندي سهين پر تن کي ڪندي ڪيئن جي پنهنجن هيان پُٺِ ۾؟ لک ٿورا ۔۔۔
جواب: مهان راڳي مرحوم محمد يوسف جو ڳايل ڪلام سنڌو ڪناري تي سائين نثار ابڙا توهان منهنجي همت افزائي ڪئي لک لائق ، شڪر الحمد الله منهنجي محنت رائيگان ڪانه وئي۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي ڪهاڻي توهان کي وڻي ان جا به ٿورا مٺا۔۔۔۔۔۔۔