باغي عليم
سينيئر رڪن
ورسيءَ جي مناسبت سان
گوبند مينگهواڙ
اڄ ان ماڻهوءَ کي وڇڙئي ڀريا ٽي سال ٿيا آهن، جنهن پنهنجي مُني صديءَ جيتري حياتي گوتم جي اڪيلائيءَ جيان گذاري هئي. هُو، جنهن کي عطائين سان ڀريل هن سماج ۽ ادب جي ذري ذري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. هُو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ عرصي تائين Sanity (هوشمندي/ سياڻپ) جو نمائنده آواز هو، تنهن لاءِ ڪرشن کٽواڻيءَ چيو هو ته، ”هر سنڌي ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هُن سان ضرور ملڻ کپي“ ۽ جنهن لاءِ نڀور جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويل سنڌ جي انتهائي ذهين ليکڪ گنهور جتوئي لکيو هو ته، ”هيءَ حياتي، جنهن ۾ وڇوڙا آهن، اڪيلائيون آهن ۽ دوست نما دشمن آهن، ان ۾ هُن جهڙي جينيئس جو هئڻ جيئڻ لاءِ وڏي وٿ آهي“ ۽ جيڪو سڄي ڄمار قرت العين حيدر جي ان وصف تي پورو لٿو هو ته، ”اديب هميشه مِس فِٽ هوندو آهي“ ۽ جنهن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي لاءِ لکيو هو ته، ”جيتوڻيڪ منهنجي ۽ ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ جي دور ۾ لڳ ڀڳ 40 ورهين جو فرق آهي پر زندگيءَ اسان ٻنهي کي هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو خوار خراب ڪيو“. ۽ جنهن مرڻ کان گهڻو اڳ ۾ چيو هو ته، ”منهنجي قبر جي ڪتبي تي هي اکر لکيا وڃن“، جيڪو شايد هن جو سڀ کان بهترين تعارف پڻ آهي؛
Jack of all trades,
Man, Animal, Legend
Abdul Haleem Brohi.
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جيتري دسترس رکندڙ هن من موجي ليکاريءَ جي 1936ع کان 2010ع تائين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل زندگيءَ جي ڪهاڻي سندس لکڻين جيان ئي نرالي آهي. حليم بروهيءَ جي سنڌ ۾ نمايان سڃاڻپ توڻي جو هڪ مزاحيه ادب جي ليکڪ جي هئي پر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ هُن جيتري سنجيدگي هُن کان پوءِ ورلي ئي نظر اچي ٿي. هُن جا مُخالف سندس ان سڃاڻپ جي حساب سان کيس ”مشڪرو“ سڏيندا هئا، پر هن جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪاميڊي ۽ ٽريجڊيءَ جو خوبصورت سنگم هئڻ ڪري ڪنهن مزاحيه ادب جي ليکڪ جي ان ڳالھه تي پورا ٿي لٿا ته، ”منهنجو مزاح مڪئي جي سنگن جيان آهي، جن کي جيئن سيڪ اچي ٿو ته اهي ڦُلا بڻجن ٿا“. پر حليم کي گهڻو سيڪ سندس سنجيده ڪم جي عيوض آيو ۽ دنيا جي هر مزاحيه ادب جي ليکڪ جي شڪايت جي ابتڙ هو شايد ان قسم جو اڪيلو ليکڪ هو، جنهن کي هن جي ڪيترن ئي همعصرن نه رڳو ”سيريس“ ورتو پر ساڻس آخر تائين وير به جاري رکندا آيا. هو پاڻ چوندو هو ته منهنجو مزاحيه ادب جي ليکڪ هجڻ وارو پاسو حالتن جي پيداوار آهي. 70ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ مان ون يونٽ وارو طوق تازو ٽُٽو هو ۽ سنڌ جو قومپرست لڏو سنڌ جي قديم تهذيبي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ واري مهم تي لٿل هو، ته حليم پنهنجي پهرين ”بغاوت“ ڪندي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي بنھه غير جانبدار انداز سان لکي سنڌ جي ”سڄاڻ ڌرين“ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گهڻو پوءِ ”حليم بروهي ريويوز“ جي سِري سان ڪتابي شڪل ۾ آيل سندس اهي مضمون اڄ به سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافيءَ جو اڻ ڌريو تجزيو آهن. پنهنجي نالي جي معنيٰ جي ابتڙ حليم پنهنجي زندگيءَ ۽ لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجو هڪ باغي ليکڪ وارو اميج برقرار رکيو.
ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل تاريخ کي سچ جي ساهميءَ ۾ رکي ادبي دنيا جي بُتن کي ڀور ڀور ڪندڙ، ڪاوش جي هن صفحي تي ورهين تائين تواتر سان ڀرپور مزاحيه ڪالم لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ هئڻ کان وٺي سنڌ جي ادبي لڏي جي ”پرسونا نان گريٽا“ هئڻ تائين حليم جي سڃاڻپ جا سوين حوالا هئا، جن کي هن پاڻ به گهڻو ”انجواءِ“ ڪيو. هو واقعي ئي هر فن مولا هو. هڪ بهترين ناول، ڪيترائي شاندار افسانا ۽ ٻولي، ساهت، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي ڪيل هن جو Extensive (وسعت وارو/ جامع) ڪم ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۾ رومن سنڌيءَ ۾خوشي ۽ آسانيءَ سان پنهنجو ڪار وهنوار هلائيندڙن تي به ٿئي ٿي، جن حليم کي حياتيءَ ۾ ڪٿان جو نه ڇڏيو هو. ڪنهن به قسم جي نظرياتي ڇاپ کان آجي ۽ هڪ مڪمل ماڊرنسٽ سوچ واري قلمڪار هئڻ جي ناتي هن سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سماج جي انهن سڀني لاڙن کي شدت سان رد ڪيو، جن موجب اسان جهڙو ”باڪمال“ دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي! هن جو سڄو سنجيده توڻي مزاح وارو لٽريچر حقيقتن سان رُوشنائي ۽ انهن ڏانهن فراخدليءَ سان هٿ وڌائڻ جي دعوت آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي، جتي هر ماڻهوءَ جي هر نئين ڳالھه، هر نئين خيال تائين نه رڳو رسائي آهي پر هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو به حق حاصل آهي ۽ جتي ان ڳالھه جي آجيان ڪرڻ وارا به ڪجھه ملي ئي وڃن ٿا پر حليم پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان دور جي ٻولي ۽ ادب جي ”ٽارزنن“ کي منهن ڏيندي اهڙي اڪيلائيءَ ۾ گذاريو، جڏهن ڪجھه ”سر ڦرين“ نوجوانن کان سواءِ ڪير به سندس ڳالھه جي تائيد ڪرڻ وارو نه هو. گهڻو پوءِ جڏهن موسمون مهربان ٿيون ته هُن لکيو؛ ”هڪ زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.“ حليم بروهي هليو ويو پر سنڌي ادب ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ جنهن عقليت پسنديءَ لاءِ هن اڪيلي سر جهيڙيو هو، تنهن جا اولڙا اسان کي هاڻ هتي هُتي نظر اچي ٿا وڃن. سدائين مُخالف هوا جي سامهون بيٺل حليم جي زندگيءَ ۾ به اهو سڀ ڪجھه هو، جيڪو هر جينيئس ۽ وَکري ماڻهوءَ جو مُقدر بڻايو ويندو آهي پر انهن سڀني ڏکيائين، پيڙائن ۽ ڌڪار باوجود هُن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ مثالي مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ساهت جي کيتر ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرائيندي ان کي دنيا سان هم آهنگيءَ جي دڳ تي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو وقت پري ڪونهي جڏهن سنڌ پنهنجي هن ”سودائي“ پٽ جي ڪم تي ناز ڪندي.
پنهنجي حياتي مرضيءَ موجب ۽ هڪ وڏي ”سيليبريشن“ سان گذاريندڙِ حليم پنهنجي موت کي انتهائي ”لو پروفائل“ ۾ رکڻ جي تاڪيد ڪئي هُئي ۽ اطمينان جي ڳالھه آهي ته ان ئي ڪيفيت ۾ هن جي ورسيءَ جا ڏينهن ايندا ۽ گذرندا ٿا وڃن. هُن جيان ئي سڄي ڄمار مِس فِٽ رهندڙ دهلي درٻار جي شاعر مرزا نوشا جون سٽون هن مُنفرد انسان ۽ يگاني ليکاريءَ جي حياتيءَ جو خوبصورت احاطو ڪن ٿيون؛
نه جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي،
جو گُل هون تو صحرا مين، جو خس هون تو گُلشن مين.