ڊاڪٽر قادر بخش منگسي
سينيئر رڪن
سڄي سنڌ وڪوڙي ويا سپ، ساٿي،
اوهان کي اڃا ننڊ جو آ نشو دوستو.
وڃو ويڙه تي ٿا وڏي واءُ واڪي،
سهيڙي سڀن کي وڃو دوستو.
گدڙ ٿي گذارڻ وڏي گار آهي،
جيئو ٿا ته شينهن ٿي جيئو دوستو.
تڙڻ تان تڙي غير تقدير ٺاهيو،
نوان ويڙه جا گھٽ گھڙيو دوستو.
پنڻ سان پلئه ڪان پوندي آزادي،
لڙو، حق ڇنڻ لئه لڙو دوستو.
مٽي کان مٽيندو جو منهنڙو مٺا،
هوندو سو وڏو بيوڙو دوستو.
suhnan saan ڊاڪٽر قادربخش منگسي
اوهان کي اڃا ننڊ جو آ نشو دوستو.
وڃو ويڙه تي ٿا وڏي واءُ واڪي،
سهيڙي سڀن کي وڃو دوستو.
گدڙ ٿي گذارڻ وڏي گار آهي،
جيئو ٿا ته شينهن ٿي جيئو دوستو.
تڙڻ تان تڙي غير تقدير ٺاهيو،
نوان ويڙه جا گھٽ گھڙيو دوستو.
پنڻ سان پلئه ڪان پوندي آزادي،
لڙو، حق ڇنڻ لئه لڙو دوستو.
مٽي کان مٽيندو جو منهنڙو مٺا،
هوندو سو وڏو بيوڙو دوستو.
suhnan saan ڊاڪٽر قادربخش منگسي