چاچو حفيظ قريشي : سنڌ جو سچو وڪيل

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    چاچو حفيظ قريشي : سنڌ جو سچو وڪيل

    جميل گاد

    سنڌ جي ثقافتي شهر هالا جو رهواسي ايڊووڪيٽ حفيظ قريشي، جنهن کي جيئي سنڌ جا نوجوان ”چاچو حفيظ“ ڪري سڏيندا هئا. حفيظ قريشي سائين جي ايم سيد جو گِهرو پر حجتي دوست هيو، هُو خوددار بيباڪ، بي ڊپو، معتبر، ڏاهو، مقرر، مدبر، قانون دان، قوم دوست، عاشقِ سيد ۽ سنڌ هُيو، پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو، ان ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان وٺي عام جلسن تائين هو خطاب ۾ سنڌ جو ڪيس اهڙو وڙهندو هو جو حفيظ قريشي جي وڇوڙي کان هِن مهل تائين سنڌ جو اهڙو سچو ۽ کرو وڪيل پيدا ناهي ٿي سگهيو. حفيظ قريشي کي اردو ڳالهائيندڙن جي تعصب پرست طبقي تي ڏاڍي چڙ هوندي هئي، چوندو هو ته آئون پنجاهه سالن کان حيدرآباد جي ريشم گهٽي اندر رهائش پذير آهيان اهي ڪڏهن به سنڌين سان سچا ڪو نه ٿيندا. ان ڪري حفيظ قريشي جڏهن به تقرير ڪندو هو ته پاڻ پنجاب جي ڏاڍاين سان گڏ اردو آبادي جي تعصب پرست طبقي جي منافقين کي به سختي سان ننديندو هيو، جنهن ڪري هڪ ڀيرو سن ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ سالگرهه جي تقريب دوران ڪراچي سان واسطو رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن جو آيل هڪ نمائندو علي مختار رضوي سخت ڪاوڙجي پيو هو.
    1988ع ۾ حيدر منزل ڪراچي تي جنگ اخبار سميت مختلف اردو اخبارن جا نمائنده سائين جي ايم سيد کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته ان دوران اردو اخبارن جي رپورٽرن سان رسمي ڪچهري ڪندي حفيظ قريشي اردو ميڊيا وارن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”هم سنڌي انتي سادي هين ڪَي سچ ڪو ڀي سچ ثابت نهين ڪر سڪتي، ليڪن آپ اردو ميڊيا والي اتني چالاڪ هو ڪه جهوت ڪو ڀي سچ ڪر ليتي هو“
    حفيظ قريشي حساس دل وري ايترو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت تي روئي پوندو هو. تقريرن ۾ مثال طور ڪي عجيب ڳالهيون ڪندو هو، جنهن مان ڪنهن ڳالهه تي نوجوان بي اختيار ٿي ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا ته کيس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ اهڙي حالت ۾ نوجوانن کي چوندو هو ته ”کِلو کِلو اڃا ڪاٿي آ، اڃا اوهان کي ته نُهُنڊ به ناهي آئي، پر آئون ڏسان پيو اوهان سنڌين مٿان اهڙا مشڪل ڏينهن اچڻ وارا آهن جو اوهان جا پرڪار ڏسي مستقبل ۾ اوهان مون کي رڳو رئندي نظر ٿا اچو“.
    سدائين سادا ڪپڙا ۽ بغير جورابن جي بوٽ پائيندڙ ۽ اڌ تقرير انگريزي ۾ ڪندڙ حفيظ قريشي جي سائين جي ايم سيد تمام گهڻي عزت ڪندو هو، ڪوشش ڪندي سندس ڪنهن ڳالهه کي رَدِ نه ڪندو هو. سائين جي ايم سيد جي 1989ع واري اتر سنڌ جي دوري دوران جڏهن شڪارپور جي خانپور شهر ۾ سائين جي استقبال لاءِ ڪجهه ڪارڪنن ڌڙاڌڙ فائرنگ شروع ڪئي ۽ اڳواڻن جي روڪڻ باوجود هُو نه پئي مُڙيا ته سائين جي ايم سيد سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو هو، ڇو ته سيدُ عدم تشدد جو حامي هيو ۽ هروڀرو جي هٿيارن جي نمائش وغيره جي سخت خلاف هيو، ان ڪري هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ سائين جي ايم سيد جلسي ۾ تقرير ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو هو. ڪيترن ئي اڳواڻن سيدَ کي چيو ته ڇوڪرا نادان آهن مهرباني ڪري اوهان تقرير ڪيو پر سائين ڪنهن جو به چيو نه مڃيو نه آريسر جو نه جکراڻي جو!: اتي به جڏهن نوجوانن جي چاچي حفيظ قريشي سائين کي عرض ڪيو تڏهن سائين جي ايم سيد خطاب شروع ڪيو ۽ ڪارڪنن کي تاڪيد ڪندي چيو ته ”اوهان شاهه لطيف ڀٽائي جهڙي مهذب انسان جي قوم آهيو، ان ڪري اوهان کي اهو نه ٿو سونهين ته جنهن شهر مان گذرون ۽ جتي به جلسو ڪيون اوهان اتي هٿيارن سان ٺش ٺش ڪندا وَتو. ”سائين جي ايم سيد خطاب دوران پختون خواه جي پاسي جو واقعو ٻُڌايو ته“ هڪ ڀيري اسين پشاور خان غفار خان وٽ وياسين ته اتي اسان جي پڄڻ شرط پٺاڻن اسان جي استقبال ۾ هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا، جڏهن کانئن مون پڇيو ته اهو ڪهڙو رواج آهي ته اڳواڻن جواب ڏنو ته انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن ڪو وڏو ماڻهو يا ليڊر ايندو هو ته اُن کي توبن جي سلامي ڏني ويندي هئي، ان کي ڏسي هاڻي اسان وري پنهنجن معزز مهمانن جي آمد تي ان کي هٿيارن سان سلامي ڏيندا آهيون ته مُون خدائي خدمتگار خان غفار خان کي چيو ته خان صاحب هي ڪهڙو طريقو آهي؟ خان غفار خان ويچارگي سان جواب ڏنو ته سائين ماڻهن کي روڪيون ٿا ته به مُڙن ئي ڪو نه ٿا! سو اوهان جيئي سنڌ جا ورڪر به پٺاڻن وارو رستو اختيار نه ڪيو جيڪڏهن رهبر مڃيو ٿا ته پوءِ چيو به وٺو“.
    ان ئي دوري دوران جڏهن پي پي سرڪار سائين جي ايم سيد کي سکر ايئرپورٽ تي پاڪستان جي جهنڊي ساڙڻ ۽ جلسن، جلوسن دوران مختلف هنڌن تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن پاران ڪيل فائرنگ ڪيس ۾ ڪشمور مان گرفتار ڪيو ته حفيظ قريشي اتي موجود ڪجهه هليڊرن وانگر سيدَ کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي وڃڻ بجاءِ سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو ۽ پاڻ به گرفتاري ڏنائين جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ٻه سال سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو، پر وڏي ڳالهه ته سيد جي هن پختي ساٿي ۽ هن هيڏي وڏي پائي جي انسان سان به جهنڊي ڪيس ۾ گرفتار ٻين اڳواڻن سُٺو ورتاءُ نه ڪيو، اهي جيل جا قصا حفيظ قريشي شهيد بشير خان قريشي ۽ اسان آڏو بيان ڪيا هئا. سائين جي ايم سيد، حفيظ قريشي کي جيئي سنڌ جي اعليٰ اختياراتي اداري سپريم ڪائونسل جو ميمبر به ڪيو هو ۽ سيد اڪثر ڪري مشڪل وقت ۽ حالتن ۾ صلاح مشوري لاءِ حفيظ قريشي کي ئي گهرائيندو هيو، مگر جڏهن 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو ته ان کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ وچ ۾ انضمام ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ”جيئي سنڌ قومي محاذ“ جو وجود عمل هيٺ آيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي ان وقت جي شروع وارن اڳواڻن چاچي حفيظ قريشي کي بنهه ياد نه ڪيو ۽ آخري ڏينهن ۾ حفيظ قريشي اهڙو ذڪر ڪندي روئي ويهندو هو ته ”افسوس جو مون کي سيد جي نون جانشينن ڌِڪي ڌڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي“.
    ان کان علاوه حفيظ قريشي پنهنجي پونئيرن کي اها وصيعت ڪئي هئي ته مون کي مَرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ڀَر ۾ جڳهه ڏجو، ڇو ته جيئري به هر وقت ۽ هر حال ۾ جي ايم سيد سان گڏ رهيو آهيان ۽ ڌرتي اندر به سيد جي پاسي ۾ آرامي ٿيڻ ٿو چاهيان، پر نه ڄاڻ ڪهڙي سبب ڪري سندس پونئيرن هن جي وصيعت کي پورو نه ڪيو ۽ کيس هالا پراڻا جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    دعا آهي ته شل موجوده وقت ۾ به حفيظ قريشي جهڙا سچا، بيباڪ انسان، ديش پريمي ۽ قانوندان پيدا ٿين جيڪي بغير ڪنهن لالچ، خوف ۽ غرض جي حفيظ قريشي وانگر سنڌ ڌرتي جو ڪيس وڙهن.


    عوامي آواز جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهراڻ جا موتي: حفيظ قريشي



    محمد عثمان ميمڻ

    نامور سياستدان، ائڊوڪيٽ حفيظ قريشي عرف چاچا حفيظ قريشي، هالا پراڻا جي مشهور قاضي خاندان مان، قاضي شفيع محمد جي گهر ۾ 26 جولاءِ 1920ع تي جنم ورتو. اڃا هڪ سال جو مس هو ته سندس والد گذاري ويو. کيس ٻه وڏا پيئيتا ڀائر قاضي محمد بچل ۽ قاضي فضل الله هئا. والد جي لاڏاڻي سبب سندس سموري پرورش ۽ تربيت وڏي ڀاءُ قاضي محمد بچل ڪئي. هن روايتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول مان ورتائين، جتي سندس هم سبق حاڪم علي زرداري، قاضي ڀليڏني جو فرزند عبدالرحيم جوڻيجو ۽ قاضي عبدالرحمان قريشي، هالائي رهيا. حفيظ قريشيءَ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڏنو. ان دور ۾ ميٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. ان بعد بي. اي پڙهڻ لاءِ ممبئي ويو، جتي سندس ملاقات برک دانشور پروفيسر ڪرار حسين سان ٿي، جنهن جي اثر هيٺ غالب ۽ اقبال جي فڪري اُڏام ۽ شاعرانه رمزن کان آگاهه ٿيو. پروفيسر ڪرار حسين جي صحبت ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ پڙهيل لکيل ۽ متحرڪ ماڻهو ٻن مڪتبهء فڪرن کان متاثر رهندا هئا، هڪ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ ٻي علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ. ممبئيءَ مان بي. اي ڪري اچڻ کان پوءِ ڪراچي لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪرڻ سان گڏ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ ڪراچي نيويءَ ۾ بغاوت ٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه ٽاور ڏانهن وڌڻ لڳا ته انهن ۾ حفيظ قريشي ۽ جمال ابڙو به شامل هئا. جڏهن سرڪاري اهلڪارن شيلنگ ڪئي ۽ گوليون هلايون ته هن جمال ابڙي کي پُٺي ڏئي ڀڄڻ بدران پٺئين پير ڀڄڻ جي صلاح ڏني ته جيئن گولي لڳي ته پٺيءَ ۾ نه پر ڇاتيءَ ۾ لڳي.

    حفيظ قريشي ايل. ايل. بي جي تعليم مڪمل ڪري، ماستري ڇڏي، آرام باغ وٽ آفيس قائم ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو. 1958ع ۾ کيس لطيف سان شناسائي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪرائي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي مارشل لا جو زمانو هو، ڪراچيءَ کان حيدرآباد سفر دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ٽرين ۾ ملاقات ٿي، جنهن غالب ۽ علامه اقبال سان سندس چاهه ڏسي کيس لطيف شناسيءَ کان آگاهي ڏني. اڳتي هلي جي. ايم. سيد کان به لطيف شناسي حاصل ڪيائين ۽ سڄي زندگيءَ لطيفي رنگ مٿس چڙهيل رهيو. هن جي گفتگو ۽ تقرير ۾ منطق، استدلال، لطيفي لات ۽ قرآن جون آيتون، گڏجي هڪ مؤثر رنگ پيدا ڪنديون هيون. جي. ايم. سيد کيس ’سنڌ جو ابوالڪلام‘ لقب ڏنو، جڏهن ته هو قومي تحريڪ ۾ چاچا حفيظ قريشيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هو قومي تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سبب ڪيترا ڀيرا جيل ويو. بينظير ڀٽو جي پهرئين دور (90-1988ع) ۾ هُو جي. ايم. سيد جي سنڌ جي دوري دوران سکر مان گرفتار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ رهيو. حفيظ قريشيءَ جي جدوجهد اڌ صديءَ تي ٻَڌل آهي، زمينداري ۽ وڪالت سندس ڪاڄ هئا، پر سنڌ جو روشن آئيندو سندس نصب الدين هو. هُو سائين جي. ايم. سيد سان بزم صوفياءِ سنڌ، ائنٽي ون يونٽ فرنٽ، سنڌ متحده محاذ ۾ گڏ رهيو.
    1970ع واري ڏهاڪي ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ ٺاهيائين، جنهن جو پاڻ صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هو، پر پليجي صاحب جا جي. ايم. سيد سان اختلاف ڏسي کانئس ڌار ٿي ويو. هن جا شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان به واسطا هئا، ساڻس گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو هئائين، پر سندس سياست سان اختلاف رکيائين. جڏهن ڀُٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته حفيظ قريشيءَ کي وفاقي وزارت جي آڇ ڪئي ۽ چيو ويو ته کيس سنڌ جي ڪنهن تڪ تان چونڊرايو ويندو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو.
    حفيظ قريشي ڪامياب وڪيل هو. انگريزي، اردو، سنڌيءَ تي عبور رکندو هو، پر عربي ۽ فارسيءَ جي به سٺي ڄاڻ هيس. هو ڪمال جو حافظو رکندڙ، حاضر جواب، مدبر ۽ معنيٰ خيز گفتگو جو ماهر هو. هو جي. ايم. سيد جو وڏو احترام رکندو هو، پر ساڻس حجتي به ڏاڍو هو. ڪڏهن ڪڏهن ذاتي معاملن ۾ کيس به سڀ ڪجهه چئي ويندو هو. هو سنڌ جي ڪميونسٽن، خاص ڪري اردودان ڪميونسٽن جو سخت مخالف هو، جيڪي ’انڪارِ وطن‘ جي فلسفي ۾ يقين رکندا هئا. هُن ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن مان ٻه شاديون ڪيون، پهرين گهر واريءَ خديجه قريشيءَ مان کيس 7 پٽ ٿيا ۽ هن جي وفات کانپوءِ ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس نياڻي ۽ پٽ تعليم يافته آهن، جن مان ٻه گذاري ويا آهن.
    حفيظ قريشيءَ کي قدرت اولاد ۽ جائيداد سان خوب نوازيو هو، پر هو انهن ٻنهي نعمتن کان انتهائي حد تائين لاپرواهه رهيو. هي سچار انسان پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جو سڄو ڪريڊٽ پنهنجي ٻي گهر واريءَ سيما قريشيءَ کي ڏيندو هو. هو قرآن ۽ حديث مان حوالا ڏيئي زمينداريءَ کي قدرت ۽ مذهب جي تعليم جي خلاف ۽ زمين تي فساد ۽ استحصال جو ڪارڻ ثابت ڪندو هو. ان ريت هو سنڌ جي قديم ۽ فطري زرعي پيشي ’جو کيڙي سو کائي‘ واري اصول جو حامي ۽ حمايتي رهيو.
    هن 29 جولاءِ 1997ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت هئي ته کيس سن ۾ جي. ايم. سيد جي پيرانديءَ کان دفنايو وڃي، پر پونئيرن کيس مخدوم عربي ڏياني عرف شاهه دياني جي قبرستان ۾ دفن ڪيو، جتي ابدي آرامي آهي.

    مهراڻ جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورسيءَ جي مناسبت سان
    حفيظ قريشي: سنڌجو ابو الڪلام
    سهيل ميمڻ

    هالا سنڌ ۾ اهو علائقو آهي. جنهن ۾ لطيف سرڪار ۽ مخدوم نوح جهڙين هستين جو جنم ٿيو. سنڌ جي سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن مان حفيظ قريشي به هڪ هو. حفيظ قريشي هالا پراڻا ۾ جنم ورتو، سڄي عمر سنڌ سان عشق ڪيو، جيل ڪاٽيا، سنڌ جي ڀلي جي تبليغ ڪئي، نه جُهڪيو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي وِڪاميو، واپس اچي انهيءَ هالا پراڻا جي زمين ۾ آرامي ٿيو. اها عقل جي گهٽتائي چئبي، جو اسان جي نوجوانن جي اڪثريت حفيظ قريشيءَ جهڙي شخصيت جي تقريرن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ وڌيڪ وٺندي رهي آهي، انهن تقريرن جي گهرائين ۾ جاچجي، ته کين خبر پئجي ويندي، ته حفيظ قريشي ڪيڏو وڏو عالم، مدبر، سنڌ شناس، مذهبن جو ڄاڻو، تاريخ نويس ۽ لطيف شناس هو. چاچو حفيظ قريشي، 1940ع جي ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد سان سنڌ جي عشق جي قافلي ۾ جُڙيو، ته کيس مرندي گهڙيءَ تائين ڪوبه سيد ۽ سنڌ کان جُدا ڪري نه سگهيو، ايستائين جو ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهي سنگت ۽ اقتداري عهدن جي پيشڪش به کيس پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري نظريي تان هٽائي نه سگهي. خانداني طور سُکيو ستابو، وڏي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ حفيظ قريشي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ تعليم حاصل ڪندو هو، هڪ واقعو بيان ڪندي هن ٻڌايو ته، مان ۽ نبي بخش (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) وئڪيشن تي ڳوٺ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، ريل گاڏيءَ جو انتظار هو، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ صاحب چيو ته، قريشي! لطيف ٻُڌاءِ. مون چيو ته، لطيف ڇا ٻڌايان، لطيف ۾ آهي ڇا؟ رڳو اديون ڙي ڀينر..اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون! غالب چئو، اقبال چئو ته ٻڌايان، باقي لطيف تون ٻڌاءِ، بلوچ صاحب چيو: مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي، ان لاءِ تون ٻڌاءِ. ڳوٺ پهتس، گهر واريءَ کان موڪل وٺي ڀِٽ شاهه پهتس جو شرمسار پئي محسوس ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ ٽوڪ هنئي هئي ته، لطيف جي ڳوٺ جو آهيان ۽ لطيف نه ٿو اچي، ان ڪري ٿورو ڏسان ته ماجرا آهي ڇا؟! درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو، ته چون ڇا پيا، هڪ همراهه ڏٺم، راڳ تي رُنو پئي، سوچيم اُنَ کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم: ڪر خبر! روئين ڇو پيو؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا پئي، جو تون آخر روئين پيو. ان همراهه جواب ڏنو ته، ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مونکي به نه ٿو اچي، بس، پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو. بس پوءِ اهڙين اڻ ڄاڻائين بعد حفيظ قريشيءَ لطيف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن لطيف سمجهه ۾ اچي ويس، ته چاچو حفيظ چوندو هو ته، ”پوءِ ڇا جو غالب، ڇا جو اقبال، منهنجي زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.“

    حفيظ قريشيءَ جهڙا ماڻهو، ورلي پيدا ٿيندا آهن. عالم، مدبر، غضب جو مقرر، قانون جو وڏو ڄاڻو، هڪ حقيقي دانشور، پئسي ۾ تمام وڏو زميندار، پر لَٽي ڪپڙي، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ تمام سادو. عزت، وقار ۽ شان جو ايترو خيال رکندو هو، جو چوندو هو، ڊي ڪلاس ٿي سگهجي ٿو ڊي گريڊ نه! ان جي سمجهاڻي ڏيندي چوندو هو ته، ”گلاس نه هجي، ته ٻُڪَ ۾ پاڻي پيئو، بسترو نه هجي، ته زمين تي سُمهي پئو، پر ڪو انسلٽ (بيعزتي) ڪري ته اها برداشت نه ڪريو.“ حفيظ قريشيءَ کي جيڏو عشق لطيف، سنڌ ۽ سيد سان هو، اوترو ئي عشق کيس ”انبن“ سان هو. انب ائين کائيندو هو، جو ٻانهن تان رس ڳڙندي هيس، چوندو هو، انب ائين ئي کائبو آهي. چاچو حفيظ ڪڏهن ڪڏهن رَڙ ڪندي چوندو هو ته، ”مينگو از دي ڪنگ آف فروٽ“ (انب ميون جو بادشاهه آهي). سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هالا جا ٻه نوجوان اصغر خانوٺي ۽ ذوالفقار شاهه کيس ڪافي ويجهو هئا. خاص ڪري اصغر خانوٺي ساڻس ڪافي سفرن ۾ گڏ رهيو، مون کي به چاچي حفيظ قريشيءَ سان قربت جو شرف حاصل ٿيو. صدر ريگل ۾ ڪَلاڪن جا ڪَلاڪ فُٽ پاٿَ تي پراڻا ڪتاب گڏجي ڪنگاليندا هئاسين. ٽائيم مئگزين جا پراڻا شمارا ڍيرن جا ڍير وٺندو هو. ان مان خبر پئي ته تمام گهڻو ۽ تيز پڙهندو هو. روايتن ۽ روادريءَ جو امين ايترو جو هڪ ڀيري مون ڏانهن هالا کان ڪراچي نياپو ڪيائين ته، فلاڻو ڊاڪٽر انگلينڊ کان ڪراچي اچي رهيو آهي، ان کان مون لاءِ چيڪ اپ جي تاريخ وٺو. مون ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺي کيس ٻڌايو، چاچو چيڪ اپ ڪرائي واپس ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد مون کي پوسٽ ذريعي سندس خط مليو، جنهن ۾ پورو هڪ صفحو صرف ان شڪريه ادائيءَ لاءِ لکيل هو، ته مون سندس لاءِ ڊاڪٽر کان تاريخ ورتي.

    چاچا حفيظ قريشي ٻڌائيندو هو ته، ”ڀُٽو صاحب سندس دوست هو پر سائين جي ايم سيد ان کان مون لاءِ تمام گهڻو مٿي آهي.“ هڪ ڀيري ٻڌايائين ته، ڀٽو صاحب ”ڦاروا“ ڏاڍو پسند ڪندو هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي اها تقرير به سپريم ڪورٽ جي رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن اي ڪي بروهي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، ”بروهي! تون هڪ ڊڪٽيٽر پويان آهين، پر ملڪ جو عوام مون سان گڏ آهي. هن عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل حفيظ قريشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته، ”حفيظ قريشي سنڌ مان مون لاءِ آيو آهي.” ڀٽو صاحب، چاچي حفيظ قريشيءَ کي ’ماءِ ايور فرينڊ‘ چوندو هو.

    29 جولاءِ 1997ع تي چاچا حفيظ قريشي هالا جي ڌرتيءَ ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس سنڌ، سيد ۽ لطيف سان رشتو اڻ ٽُٽ رهيو ۽ سدائين چوندو هو ته، ”سنڌ لطيف کي تَپايو، لطيف جي ايم سيد کي تَپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تَپايو ۽ اسان پيا سنڌ جي عشق ۾ لوڙيون.“

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ”سنڌ لطيف کي تَپايو، لطيف جي ايم سيد کي تَپايو ۽ جي ايم سيد اسان کي تَپايو ۽ اسان پيا سنڌ جي عشق ۾ لوڙيون.“

    واهه واهه اسان به چاچا جون ڳالهيون ٻُڌيون آهن۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو