• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعودي عرب ۾ طلاق جو تناسب

نثارابڙو

نائب منتظم

دوستو اڄ جي عرب نيوز (روزاني اخبار) ۾ هڪ خبر آئي آهي ته سعودي عرب ۾ طلاق جو تناسب ڏينهون ڏينهن وڃي پيو وڌندو ... جيڪو گذريل 20 سالن ۾ 25 فيصد کان 60 فيصد تائين وڃي پهتو آهي ... ان جا ڪارڻ ته ڪيترائي آهن پر اصل ڪارڻ آهي ... بي سمجهيءَ جون شاديون ۽ پئسي ۽ مال جي لالچ ... پر هڪ ڳالهه جا مونکي سمجهه ۾ اچي ٿي ته جنهن معاشري جي حالت اهڙي هوندي ته پڪ سمجهو ته ان معاشري ۾ شيطاني طاقتون تمام تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن ...

دوست هڪ حديث مطابق ته ابليس ان وقت تمام گهڻو خوش ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن زال ۽ مڙس جي وچ ۾ وڇوڙو ڪرائيندو آهي ....

رب العالمين اسانجي معاشري کي اهڙن موذي مرضن ۽ شيطاني عملن کان بچائي ... آمين
 
جواب: سعودي عرب ۾ طلاق جو تناسب

جي سائين طلاق جائزي هوندي به اسلام ۾ ناپسند آهي ان جو اهوئي ڪارڻ آهي جو شيطان ان تي خوش ٿئي ٿو ۽ اهو عمل عام طرح ڪاوڙ ۾ ئي ٿيندو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ شيطان جو غلبو به زياده هوندو آهي ان ڪري ڪاوڙ ۾ ماڻهو پاڻ تي ڪنٽرول رکي ته هوند اهڙو عمل پيش نه ايندو ڇو ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪاوڙ ۾ ماڻهو طلاق ڏئي وهندا آهن پوء جڏهن ڪاوڙ لهي ويندي اٿن ته پڇتائيندا آهن ته اهو ته ڪم غلط ٿي ويو ائين ته ڪرڻو نه هو ۔ بهرحال غالبا حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول مبارڪ آهي ته طاقتور اهو نه آهي جي مد مقابل کي دسي وڃي بلڪ طاقتور اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪاوڙ تي قابو پائي سگهي۔ ان ڪري ڪاوڙ لاهي ڪو به ڪم سوچي سمجهي پوء ڪجي ۔ اهوئي سبب آهي جوالله تعالي پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ جنتين جي وصف ٻڌائيندي فرمايو آهي
وَالْكَاظِمِينَ الْغَيْظَ وَالْعَافِينَ عَنِ النَّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ ( سورة ال عمران 134 ) يعني جنتين جي هڪ صفت اها به آهي جو ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ هوندا ۽ الله تعالي (اهڙن ) نيڪو ڪارن سان محبت ٿو رکي.
 
Back
Top