ٿڪل ٿڪل ٻانهون رسول بخش درس جوڀن جيون 15 بهارون ايئن لنگهي ويس جو چپٽي وڄائي بس ڪجي،نچندي ٽپندي ڳوٺ جي گلين ۾ ڇلانگ ڏيندي وقت ايئن گذري ويو ڄڻ مٺين مان واري وهي وئي،سڄي ڳوٺ جي لاڏلي سڀني جي شفقت ڀري نگاهه سندس دل ۾ محبت جا مٽ اوتي ڇڏيا،کل خوشي سرهائي جڏهن جوڀن جي رنگ ۾ رنڱجڻ لڳي ته وڌيڪ چلولي ۽ چنچل ٿي پئي،ڳوٺ جي ڳڀروئن جي اکين ۾ احترام عزت سان گڏ اوسيئڙي ۽ انتظار جي ڪيفيت ڇلڪڻ لڳي،سندس هلڻ ڦرڻ تي نظر،گهمڻ ڦرڻ جا وقت ويلا نوجوانن جي ڊائرين تي نوٽ ٿيڻ لڳا،سندس ذڪر لڪ ڇپ ۾ ٻنيء ٻاري تي جهنگ جهر ۾ ٿيڻ لڳا۔ بلي هلي ٿي ته ڌرتي ڌٻيو ٿي وڃي۔ اک ته اهڙي آهيس جو سندس گهور گهايو وجهي۔ خماريل نيڻ هرڻ جهڙي چال دل تي منڊ منڊيو ڇڏي۔ قهر آهي قهر۔ اڃان ته مس ڪلي کُلي آهي سندس سڳند جو اڃان ڪنهن ڀونئري تي واس ته نه پيو آهي۔ پري پري کان نيڻن جا نياپا هر ڪو پيو ڏي۔ هوء ته اڃان اڻڄاڻ آهي ڪو واء نه لڳو اٿس۔ صدورو سندس واٽن تي روز اکيون اٽڪايو پيو ونجهلندو هو،سوڍيء لئه سندس دل ايئن ڌڙڪڻ لڳي جو نظر پوندي سُرت ۽ ساڃاهه جي اڳ واڳ وڃائي ويهندو هو،مت موڙهجي ويندي هيس،هڪ لڱان اک ڀري ڏسي دل جي اُڃ به نه اُجهائي سگهندو هو۔سوڍي سندس اکين اڳيان ٽيلارا ڪندي ٽلندي وڃي ماڳ ڀيڙي ٿيندي هئي،صدورو وري به اوسيئڙي جي وير ۾ ويڙهجي ويندو هو،سڄي ڳوٺ ۾ صدورو ئي هو جيڪو چار اکر پڙهي ڪجهه لکڻ پڙهڻ جهڙو ٿيو،هو ڪٿي ڪچهري لڳي اخبار پڙهي ٻڌائڻ شهر جي شغل جيون ڳالهيون،ملڪ جي اُٿل پُٿل جو احوال،صدورو محفلن جو مور ٿيو ويٺو هوندو هو،ٻهراڙي جي ماڻهن جو وقتۡڪيئن گذريو وڃي ،صدورو سوڍي جي سڪ ۾ سڄو ڏيهن راهون تڪي تڪي ٿڪي پوندو هو،هڪ ڏينهن دل جهلي سوڍيء جي اکين سان اکيون ملائي يڪو ڏسندو رهيو،سوڍي سندس اکين جو تاب جهلي نه سگهي ڪڏهن ڪنهن کيس ايئن واٽ جهلي چتائي نه ڏٺو هو،سندس پيء ڀاء ڪجهه اونٿرا ۽ اڙانگا مڙس هئا،پر صدوري جي صبر جو وٽو ڇلڪي پيو،سوڍيء جي لون لون ڪانڊارجي وئي سڄو وجود ٽانڊا محسوس ٿيس هوش سنڀالي هلڻ لڳي،هڪ خونخوار نگاهه صدوري جي جيء کي گهائي وئي،سوڍيء کي خبر ناهي ڇو باهه وٺي وئي۔ ايئن گس هلندي ڪُتي وانگر ڇو پيو ڏسي؟ڀيڻسان ڪِنو بي حيا،بابا کي ٻڌايان؟نه اد وڏي کي؟پوء ڪم خراب ٿي پوندوڀيڻسان جيون اکيون ڪڍي ڇڏيندا،پر مون گناهه ڪهڙو ڪيو ٻه اکر پڙهيو ڇا آهي دماڪ خراب ٿي ويو اهيس،آهستي ڪري ادا وڏي کي ٻڌائي ڇڏيان ڦيهه اهڙي ڪڍيس جو وري ست نه ساري سگهي،پنهنجي ماء ڀيڻ ڪانهيس؟سڄو ڏينهن دل ۾ اُڻ تُڻ ڪاوڙ جا طوفان پي آيا ويا،وس ۾ هجيس ته بندوق ڀري اهڙي هڻيس جو رت ڪُتا نه چٽينس،صدورو به سڄو ڏينهن سوچ ۽ لوچ جي ٻه واٽي تي وهلور پي ٿيو،ڇا سمجهندي ايئن ڏسڻ سندس دل ۾ نفرت جو ٻج نه ڇٽي ڇڏي،۽ سدائين لاء ڪو بُڇڙو تاثر نه ويهي رهي،پوء کل ٽڪو ڪونه ڪندي،مون ڪٿي تڪڙ ته نه ڪئي آهي؟هن نڀاڳي دل کي ڇا ڪريان؟جهل ئي نه ٿي ڏي بس هاڻ ايئن واٽ ويندي تڪڙ نه ڪبي پاڻهي ڪو رب رحم وجهندس ته ڪو وارو ورندو،هيئن هٿن مان هلي ويندي۔ٻي ڏينهن صدورو سندس گهٽي مان لنگهيو،سوڍي ڪسيء مان پاڻي دلو پي ڀريو،صدورو چپ ڪري هليو ويو سوڍي خبر ناهي ڇا سوچيو هو۔ (ست سُريون ٻڌائينديس اهڙو بُڇڙو ڪريانس جو وري همت نه ٿئيس) پر هي ته نياڻي جهڙو پُٽ نڪتو؟اکيون جهڪائي ماٺ ماٺ ڪري هليو ويو،بس ٺيڪ آهي ڇُٽي جند،اجايو ٿيان ها خوار،ڏني نه ورتي چئين واتن ۾ نالو اچي وڃي ها،ڪو ڪيئن سمجهي ڪو ڪيئن؟وڃي ڌوڙ پائي مون کي ڇاڪندو؟پنهنجي وڙان وڃائيندو،ڏينهن گذرندا رهيا،سوڍيء جي دل ۾ هورا کورا وڌڻ لڳي۔ اي مُٺيس صدوري ته وري اک کڻي به نه ڏٺو،ڇو ڀلا ايئن اڳرائي ڪري پوء پڙ ڇڏي ويو؟مون ڪئي به ته بي واجبي نه اهڙي اک ڏيکاريمانس جو ويچارو هڄي ويو۔آئون به صفا چري آهيان،گسان پنڌان ڪو ڏسي کڻي ته مون مان لهي ته نه پوندو؟ماڙهو پنهنجيون اکيون ڪڍائي ڪونه ڇڏيندا؟نڪو مون کي پٽي کائي ويندا،مون ڀلا ايئن ڇو ڪيو؟ هرو ڀرو ڪنهن جي دل جي آهه کنيم،هاڻ جي گڏيو ته ڀلي پيو ڏسي دل ڀري ڏسي،منهنجي گهران ڇا ٿو وڃي لوڦر هجي ها ته يڪو ڍنگهر ٿي پوي ها۔گسان پنڌان پيو کڙا هڻي ها،پر ويچارو اشراف ٻچو آهي،وري مون ڏانهن اک کڻي نه ڏٺائين،هاڻ رات ڏينهن اهو اُلڪو هيس ته مون صدوري سان صحيح نه ڪيو،بي واجبي ڪيم ڇا سمجهندو؟مغرور آهي پاڻ کي ڏاڍن مُڙسن جو اولاد ٿي سمجهي،اهو سوچي سندس دل ۾ وهم وڌي ويا،صدوري جي تصوير ذهن تي اچڻ لڳيس،پورو پُنو قد،بُت سانورو پر ساروکن ۾ صدا ملوڪ چهرو،ڪاريون ڀونئر جهڙيون اکيون جن ۾ کيس نياپو نظر ٿي آيو،جنهن کي هاڻ هوء به سمجهڻ لڳي هئي وري وهمن ۾ وٺجي وئي،ڀلا مون کي اهو صدورو ڇو ٿو خيالن ۾ رهي؟رڳو اُن جو ويچار ۽ پور؟ڇو اچي اجايو پاڻ کي هلاڪ ڪيو اٿم؟پر هاڻ صدوري لاء هڪ پل به نه سوچينديس،منهنجو ساڻس ڪهڙو واسطو جيڪو ٿيو سو ڇُٽو،الله خوش هُجي بس،گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي رليء ۾ ٽڪون جهڙڻ لڳي،هر کڻ هڻي ته وري ساڳيو ويل،هر ٽڪ ۾ صدوري جيون اکيون اُلرون ڪيو اچن،صدورو سندس ذهن جي پوري ڪينواس تي ڇانئجي ويو،هاڻي سندس اکيون گسان پنڌان صدوري لاء واجهائينديون رهيون ٿي،اکين جي راند شروع ٿي ته ٻنهي پاسي ڪسر نه ڇڏيائون،صدين جي سڪ پلن ۾ ڪيئن پوري ٿئي؟يڪو هڪ ٻي کي ڏسي عجيب سرور محسوس ڪندا هئا،جڏهن سوڍي مُرڪي پوندي هئي ته صدوري جي دل ۾ گلاب ٽڙي پوندا هئاٻني ٻاري تي سندن اکيون هڪ ٻي لئه واجهائينديون رهنديون هيون،ان ڏينهن سوڍيء وڇ کي واٽر تان پاڻي پياري وري صدورو سامهون پي آيو وڇ کي الهي ڪهڙو ڇرڪ پيو جو وٺي ٽاپيون ڪري ڀڳي سوڍيء جي هٿ مان رسو ڇڏائجي ويو،صدوري لوهه ڪري وڃي وڇ کي جهليو،وڇ گهڻي ڇڪ تاڻ ڪئي پر مڙس ماڻهو جي هٿ ۾ هئي،سوڍيء ٿورائتي ٿيندي وڇ جو رسو ورتو هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته ڪير به ڪونه هو،مُئي وڇ مُرڳو ماريو هو،صدوري دل جهلي چيو۔ وڇ به سانڍي اٿو،مستي چڙهي وئي اٿس ۔۔ وڇ ڇال ڏنو هنن ٻنهي جيون وکون پاڻ ۾ وچڙي ويون،وٽجي سٽجي اچي واٽر ۾ ڪريا،گپ ۾ ليٿڙجي ويا،سوڍيء ڊپ مان ڇڪي کڻي صدوري کي قابو جهليو،ڪي پل ته ٻئي گپ ۽ پاڻيء ۾ گڏ پيا رهيا،سوڍيء کي سنوت آئي ليٿڙي سيٿڙي اُٿي بيٺي۔ اي گهوڙا سُٺو ٿيو ڪنهن ڪونه ڏٺو؟اُٿي جو بيٺا ته ٻنهي کان کِل ڇُٽي وئي۔۔ وڇ پريان بيٺل جوئر جا هڻي لتاڙي لاهه ڪڍي ڇڏيا،نيٺ وڃي ٻٻر جي انگ ۾ رسو ڦاٿس،صدوري ڊوڙي رسو ڇڏايو ۽ وڇ ڪاهي سوڍي جي گهر پُڄائي آيو،سوڍي گهر پهتي ته سڄو گهر سندس حالت تي کل ۾ کارو،آئي امان هي ڇا ٿي ويئي؟روئڻ هارڪي ٿي پئي،ڇا ڇا ٿيو؟مُئي وڇ مرڳو هڏن مان ڀڳو هو،ڪيرائي واٽر ۾ مُئي وٺي ٿي ڀڄي پرايون ٻنيون لتاڙي ڦٽائي آئون وري اُن کي هٿ نه لاهينديس،سڀ مٿس کلڻ لڳا ته لڄي ٿي وڃي ڪوٺيء ۾ گهڙي، ڪپڙا مٽائڻ لڳي ته لڱن تان عجيب سُرهاڻ محسوس ٿيس ڪتڪتايون ڪو ڇُهاء جنهن سندس دل جي سُرندي جا سڀ سُر ڇيڙي ڇڏيا هئا،هڪ وجد مٿس طاري ٿي ويو،صدوري جي ساهن جي سُرهاڻ سندس من واسي ڇڏيو هو،خيالن ۽ خوابن ۾ هاڻ رُڳو صدورو ئي ڇايل هئس،ڪا گهڙي ڪو ويلو اهڙو نه هو جو سندس من ۾ صدوري جو نالو نه ٻُري،مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪڏهن به ايڏي هيڻي نه ٿيس ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيم،هاڻ ته صفا هٿن مان ٿي وڃان ڪا سُرت نه ساڃاهه،آخر صدوري مون کي ڪيو ڇا آهي،جادوگر ته ناهي؟منهنجو من ته صفا پاڳل ٿي ويو آهي ڪٿي مائٽ لکي نه وٺن؟پوء ته کل ٽڪو نه ڪندي من کي ڀانئن ٿا،مون ۾ ته ساهه اٿن اهو طعنو سهي نه سگهندا،ادا وارا ڪيڏو نه پيار ڪن ٿا،منهنجو سِر به نيندا پاڻ به ٿيندا جيلن ڀيڙا پر ڇا ڪريان؟پر ڇا ڪريان صدوري به اهڙو هٿ جهليو آهي جو نه کِل جي نه خُواري جي،جتان ڪٿان گسان پنڌان گس جهليو بيٺو آهي،شُڪر اڃان ڳوٺ جي بدخواهه اک جي ور نه چڙهيا آهيون،الله ڪري بابا کي ڀائرن کي ڪنين تي ڳالهه نه پئي،ڏوهه ته هن جو به ڪونهي منهنجو هي حال آهي ته هو وري به مُڙس ماڙهو آهي سڄو ڏينهن وهلورن ۾۔۔ رات لڙي ته اچي کٽ ڀيڙي ٿي،کڙاهه تي وڏي ڀاء دودي جي کٽ ڀر ۾ ننڍي ڀاء رستم جي کٽ،اڱڻ ۾ پڻس ۽ ماڻس جيون کٽون،گهر جي در تي سندس کٽ،مڇرداني لڳائي جيئن ڪرڻ لڳي ننڊ نيڻن مان رسي وئي هيس اونداهه ۾ کُڙکُٻيتو هلڪو چمڪو ڪري پنهنجي وجود جو مظاهرو پيو ڪري،مڪڙي جي چِر چِر ڪنن کي چِڀي ٿي ويس۔۔ ڪُتي جو ڀنئوڪاٽ فضا کي ٻُرائي ٿو ڇڏي،لڙي آڌي کٽ جي ڀر ۾ ٿورو کڙڪو محسوس ٿيس ڪن مڪمل طرح ڪنهن علامتي چُر پُر تي کُتل هئس،مڇر داني جي هڪ پاسي ڪو هٿ هو جيڪو اندر اچڻ لاء آتو هوهڪ پل لاء ته ڪيهه ٿي نڪتيس پر دانهن دٻائي وئي،سندس وجود جي ڀر ۾ ٻيو ڪو وجود سمائجي ويو،دٻيل دانهن ڪيائين ڪير آهين ٻُڌاء ته ڪير۔۔؟؟ وات تي هٿ اچي ويس آئون صدورو چُپ ته ڪر،آهستي کُسڪو ڪن پيس ۽ سراپجي وئي،هوش عقل سمورو وڃائجي ويس،۔آئي گهوڙا هي ڇا ٿيو؟هي منهجا رب رحم ڪجين هي صدورو ته صفا چريو آهي،جي ڪو ڀاتي اُٿي پيو ته مولا وڙ ڪجين،تون ئي وارث آهي اجهو آهين،سندس وجود کي صدوري جي ساهن واسي ڇڏيو،صدوري جي هٿ سندس سارنگي جي سڀن سُرن کي ڇيڙي ڇڏيو،انگ انگ ۾ باهه ٻاري ڇڏي،سندس ساهه تکا ٿي ويا اکيون اڌ پورجي ويون،صدوري جي مها موسيقار واري ڪار سوڍيء جي جيء ۾ جلترنگ وڄائي ڇڏيا،وير چڙهي سڀ ٻيلا ٻوڙي ڇڏيائين،مستي ۾ ٻنهي وجودن ورهين جا ٿڪ لاهي ڇڏيا،ساڃاهه جي سُڌ پين،سُڌ موٽي ته سوڍيء جو وجود ٽانڊن تي ٽڙڪڻ لڳو،صدوري کي منٿون ڪرڻ لڳي الله جي اسطي هتان ڀڄ،ٻيلي ڪوهه اچي پنهنجي حياتي جو دشمن ٿيو آهين،رت ڪتا به نه چٽيندء،تون هينئر هتان سگهن لڱن موٽين ته سُڀاڻي بادشاهه پير جي ڪُني ڪنديس،صدورو آهستي سُري سوڍيء ماء جي کٽ هيٺيان پڻس جي کٽ هيٺيان سندس ڀائرن جي کونگهرن وچان کڙاهه تان ٻڌ ڏنائين ته پريان پاسي وارن جي ڪتي ڀڙڪو ڏنو،ڪتي کي ڀري جو ڪنهن پٿر هنيو ته ڪتي رڙ ڇڏي،سوڍيء جي دل تي ڄڻ نانگڻ وِڄ ڪري پئي،پڻس کنگهار ڪري اُٿيو،کڙاهه ٽپي ويو ڪافي دير کانپوء سندس پيراندي اچي بيٺو،سوچي سوچي وري وڃي کٽ ڀيڙو ٿيو،سوڍيء جي من ۾ وسوسن ۽ وهمن جا طوفان،بابا کي شڪ پئجي ويو۔۔ وٽائنس ڳالهه لڪندي به ڪونه هاڻي ته مُٺيس ڀائرن کي خبر پئي ته ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏيندا،ننڊ ويهه ٿي پيس،پرهه ڦُٽي سڀ سُتل هئا،ماڻس ماٽيء ۾ منڌي وجهي کير ولوڙڻ ويٺي هئي،پڻس مڇرداني لاهي ڪهاڙي کڻي کڙاهه جي منگهي تي هٿ رکي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو رهيو،سوڍيء جيون اکيون مڇرداني جي ڄاري مان پڻس سانوڻ جي چُر پُر تي کُتل هيون،سانوڻ جي عمر ڀر جي تجربي رکندڙ اک منگهي کان وک وک کڻندي گهر ڏانهن وڌي آڌيء کان پوء ماڪ ۾ رکيل پير آليء مٽي سان گهر جي کير جهڙي اڱڻ تي چٽو چٽو لڳو پيو هو۔ سانوڻ پير سڃاڻڻ ۾ سڄي تر ۾ مشهور هو آليء مٽيء جو پير کڻي اچي سوڍيء جي کٽ تي بيٺو،دودو رستم اڃان سُتل هئا،سوڍيء جي کٽ کان وري پير تي اک رکي وڃي کڙاهه جي منگهي تان ٽپيو،سانوڻ منگهو لاهي کڙاهه لاٿي ۽ اوپرو پير اڱڻ ۾ ڏسي لونء لونء ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳس،اکين ۾ ٽانڊا ٻري آيس چٽو چٽو پير کڻي اچي علي محمد جي گهر ۾ وڌائين،اڃان سج ڪني ڪڍي هئي،علي محمد کي هڪل ڪيائين،صدوري جي ننڊ ڦٽل هئي،ڇرڪ نڪري ويس بابا کي سڏ۔جهڙو ڪاڪا سانوڻ جو،ڀاڳين کي کٽڪو جاڳيو،سانوڻ ڪانگ ماڻهو آهي ڳالهه کي ڳچيء مان جهلي وٺندولڪندي ڪانه وٽانس هاڻ ته الله خير ڪري،مٿي ڦريل پيء پُٽ ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏيندا،علي محمد کڙاهه لاهي سلام ورايو،ڀائو سانوڻ خير ته آهي ساجهر سڏيو اٿئي؟سانوڻ جي اک مان اُلا پي نڪتا زبان ۾ ڀريل زهر کي ماري رڳو ايترو چيائين،علي محمد جلد کري تي اچ تو سان ضروري ڳالهائڻو آهي،علي محمد سندس اکين جو تاب جهلي نه سگهيو ڳالهه سمجهه کان مٿي هيس،سانوڻ ڪڏهن ڪنهن جي در تي هلي نه وڃي نه ڪو ڪنهن سان حُجت ڪري نه ڪ سهي آخر آخر آهي ڇا؟سج چڙهي آيو علي محمد ساهه مُٺ ۾ ڪري کري جي ٻٻر هيٺيان پهتو ته سانوڻ اڳيئي ڪانڀ ڪڍيو سندس اوسيئڙو پي ڪيو،علي محمد به سلام ورائي پراڙ تي ويهي رهيو۔ سانوڻ سهي سهي ڳالهه شروع ڪئي،ڀائو علي محمد تو کي سڏيم پر ڳالهه نڙي ۾ ڳنڍ ٿي ڦاسي پئي آهي،سڄي عمر لڄ لوفر رهياسين رسو ڪهاڙي اسان جو ڏيج آهي،چوري چڪاري اباڻي ڪرت هئي،پر پاڙي اوڙي تر ۾ اسان ڪنهن جو ڪک به ميرو نه ڪيو،تو ڀلا ڳالهه ٻُڌي ؟علي محمد جهلي جهلي چيو نه ڀائو الله رکي اسان تنهنجي تر جي ماڻهن وٽ گلا نه ٻُڌي،سانوڻ هوريان هوريان چوڻ لڳو،وري اونئٿرا به حد جا هئاسين،ٻانهن ۾ ٻل هو،۽ ڪنهن تي اک ئي نه ڇنڊيندا هئا سين،ته به ڪا نياڻي سياڻي اڳيان آئي ته ڪنڌ مڻڪي مان ڀڄي پوندو هو،اکيون زمين ۾ کُپي وينديون هيون،سمجهه ماء ڀيڻ سمجهي ميري اک نه رکي سين۔۔ هائو ادا سچ ٿو چوين اهي وڙ ٿيا۔ماڻهن ۾ ڳوٺ راڄ جو حيا هو۔ پر ڀائو علي محمد اسان ڳوٺ ۾ ڪڏهن ڪنهن جا مُٺا نه ٿيا سين۔ڇورا منهنجا آهن مٿي ڦريل ڌوپار،پري پري مار ڪريو اچن،باقي راڄ جو ٽڪو ميرو نه ڪندا ايترو حيا شرم الله ڏنو اٿن،علي محمد کي ڳجهارت سمجهه نه آئي،پر سانوڻ خير ته آهي اڄ پلٽي پيو آهين؟سانوڻ شوڪارو ڇڏي قصو ورجايو،ڀائو علي محمد جيڪا جاء جلي اُتي باهه ٻري،اڄ صفا وڍجي ويو آهيان،ٻاٻرن ٽانڊن تي پچان پيو،سڄي عمر ههڙو هيڻو نه ٿيس،ڪمزور نه ٿيس بس سئو خون سهسائي تو کي سڏ ڪيو اٿم۔ ادا الله خير ڪري مون کي ته ڳالهه ڪري ٻُڌاء معاملو آهي ڇا؟ علي محمد سمجهه سانوڻ رات مري ويو زمين داخل ٿي ويو،جهڙو ڄائو ئي ڪونه،ڀائو تنهنجي پُٽ صدوري رات منهنجا ڪک لتاڙيا آهن،اڱڻ تي ميرا پير رکي ويو آهي،منهنجي ڇوري صفا اڻ سمجهه ٻار آهي پر ( دل تي هٿ رکي) منهنجي هنيئين تي ويٺِِي راڄ ڪري،ساهه آهي پساهه آهي،بس زهر جا مٽ اوتي تو کي چوان ٿو اها ڳالهه تو ٻُڌي مون ٻُڌي منهنجي ڇورن کي خبر پئي ته مرندي پر تنهنجي ڇوري جي سسي به لٿل هوندي،سو اها ڳالهه هتي کڏ ۾ کڻي ڪر دفن،وڌيڪ سڀ دل جا در بند ڪري تو کي ٿو ڏسان ته ڪهڙو گس ٿو ڏين؟علي محمد جا ته ڇيهه ئي ڇڄي ويا،اکر ڪنڊا بنجي نڙيء ۾ اٽڪي پيس،پٽ کوٽڻ لڳو،ڀائو سانوڻ تو کي ڪهڙي منهن سان جواب ڏيان؟منهنجيون ٽيهه ئي نسون وٺجي ويون آهن،ڪڇڻ جهڙو ڪونه آهيان،ڀائو علي محمد سڄي زندگي چوريون ڪيون سين پاپ ڪياسين،ڪيس ڪياسين،منهنجي دل ٿي چئي هينئر ڪا سولي ڪيون،ڪا سرت ۽ ساڃاهه واري وک کڻون لوڪ لکا به نه ڏيون پنهنجي لڄ پنهنجي هٿ ۾ به رهي،سڄو سور پي نڙي تي لت رکي تو کي صلاح ٿو ڏيان سڀ ڏوهه گناهه تو کي ٻنهي جهانين بشڪ آهن،ڏاڙهي ڏيان ٿو تنهنجي هٿ ۾ رڳو پت رکجان،ٻه ڏينهن ترسي ماٺ مٺيء ۾ پوتي وجهي وڃ،منهنجي ڇوري اڄ به تنهنجي سڀاڻي به تنهنجي۔۔۔۔لوڪ لڄا اسان جي هاڻ اُن ۾ ئي آهي۔۔ علي محمد پٽڪو لاهي پيرن تي رکيس ادا سانوڻ لک وڙ تنهنجاچڱن کان چڱيون پُڄن آئون سڄي حياتي تنهنجو ٿورو نه لاهي سگهان،بس بابو آهين ڪنهن کان ڪونه پُڄندي اهڙي بس ويرون واهي ڇڏيئي۔۔ سانوڻ پٽڪو کڻي مٿي تي رکيس ادا ڇورا منهنجا آهن مٿي ڦريل پر منهنجي زبان کي پاڻي ڏيندا تون وڃي پنهنجي تياري ڪر،ڳالهه تو ٻُڌي مون ٻُڌي پر الله ڪندو ٻُڙڪ به ٻاهر نه نڪرندي لايا سجايا ٿيندا۔ سوڍيء جي اڱڻ تي دهل جي ڌماڌم ۽ پاڙي جيون مايون ميندي کڻي آيون،ڳيچ سهرا ۽ سوڍيء کي سمجهه ۾ نه اچي خواب آهي يا حقيقت؟سندس هٿن تي ميندي لڳي ته ان جي واس ۾ وٺجي وئي،صدورو ته اُن مهل ئي سڌ وڃائي ويٺو رڳو بي ستو ٿيو پيو هو،پڻس موٽي آيو ته صدورو وٽائنس پاسيرو ٿي ويو،هو ڳالهه سمجهي نه سگهيو،ٻه ڏينهن ٻه صديون لڳيس،پر اڄ ته خوشيء ۾ چريو ٿي پيو،سوڍيء جي گهر مان ڳيچن جا آواز ٻُڌي سندس اُجهاڻل اُٻاڻڪي دل درياء ٿي پئي هئي،دل جي منچ تي سوڍيء جي صورت پسي سندس هوش وڃائجي ويا هئا،ماڻس ٻانهن مان جهلي چيس اُٿي بابا ٻاهر دوست يار پيا پُڇن حور جهڙي ڪنوار پيو ماڻين،۽ لوڪ کان لڪو ويٺو آهين،ٻاهر هوائن ۾ عجيب هُڳاء هو،خوشبوء هئي،سوڍي صبح جو مڱڻيء جا ڪپڙا پائي ڪنڊ ۾ ويٺي هئي،ڀائر مٿان اچي بيٺس،مٿي تي هٿ رکي ڀاڪر وجهي چنبڙي پيس،سوڍي ڀيڻ تون متان سمجهين ته اسان تو کان سدائين پري ٿي ويندا سين،تو سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون،ماڻس سُڏڪا پي ڀرياجڏهن پڻس آيو ته سوڍي اونڇگارون ڏئي چنبڙي پيس،پڻس ٻانهن ورائي ڏڍ ڏيڻ لڳس،نه بابا ڌيئر پرايو ڌڻ آهن آخر پنهنجا گهر وسائينديون،سوڍيء کي الاهي ڇو محسوس ٿيو ته پڻس جي ڀاڪر ۾ گرمي نه هئي،هلڪو هلڪو ڇهاء هو۽ ٻانهون ڍريون ڍريون۽ بي ستيون ۽ ٿڪل ٿڪل لڳيون۔۔