(ن) ليگ- ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرست

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    (ن) ليگ- ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرست
    وينگس

    پاڪستان جي اقتداري سياست جنهن جي رڳ رڳ ۾ مفاد پرستي ڊوڙي پئي، ان امن اصول پرستي جي اُميد ڪرڻ، پنهنجو مٿو لوهي ڀت سان هڻڻ برابر آهي، هڪ بنجر زمين تي محنت ڪري فصل پوکي سگهجي ٿو پر مفاد پرستي جي سياست ۾ اصولن جي ڳالهه پتلي تماشي کان سواءِ ڪا حيثيت نه ٿي رکي.

    سياست ڪرڻ جو آرٽ به گهٽ ماڻهن کي اچي ٿو. يقينن سياست جي ميدان ۾ سياستدانن جا ميڙ موجود آهن پر سياسي چرغي کي ڪيئن هلائجي ان جو فن ڪنهن ڪنهن کي اچي. مان گذريل ڪالمن ۾ لکندي آيس ته سنڌ جا قومپرست جيڪڏهن سمجهي رهيا آهن ته نواز شريف سياسي سوچ ۾ تبديل ٿيو آهي ته پوءِ انهن جي اها سياسي غلطي ٿيندي.

    نواز شريف، هڪ آمر مشرف سان معاعدو ڪري ملڪ ڇڏي هليو ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي سامهون آصف زرداري جهڙو سياسي شطرنج جي پيادن کي هلائيندڙ سان پيو. هن ڀيري نواز شريف جي سامهون، شهيد پنڪي نه هئي جنهن عوام کي ترجيع ڏيڻ کي اهميت ڏني پر هن ڀيري آصف زرداري هو، جنهن سياست کي پنهنجن اصولن تي هلايو آهي.

    هن ٻوساٽيل ماحول ۾ نواز شريف سمجهيو پئي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ قومپرستن سان هٿ ملائجي ۽ متحده جي خلاف ڳالهائي سنڌ جي عوام کي پنهنجي طرفان بيهاري سگهجي ٿو.

    حيرت آهي جو نواز شريف ۽ هن جي پارٽي عوام جي اکين کي نه ڏسي سگهي. پيپلز پارٽي عوام کي گلن جا هار نه پارايا آهن ان جو مطلب اهو نه سمجهڻ گهرجي ته عوام جي سياسي سگهه ڪمزور آهي. سنڌ، پنهنجي مزاج ۾ حساس ۽ جذباتي آهي، اهي سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهن ٿا پر هن عوام کي خبر آهي ته نواز ليگ سنڌ جي سياسي موقف تي ڪهڙي سوچ رکي ٿي.

    مان پهرين ڏينهن کان لکيو هو ته نواز شريف ۽ جلال شاهه سان ٿيل مهاعدي تي عمل نه ٿيندو. پر ڇا ڳالهه ڪجي انهن جي جن نواز شريف جي سياسي سوچ کي تبديل ٿيندي محسوس ڪيو ۽ قومپرستن جي معاهدي کي تاريخي حيثيت پئي ڏني وئي.

    قومپرستن سان ٿيل سياسي معاهدي جي تاريخي تذليل به تاريخي انداز سان نواز ليگ، متحده سان هٿ ملائي ڪيو. نواز ليگ آخر متحده تي ڏمريل ڇو هئي. متحده پيپلز پارٽي سان بيٺل هئي. نواز ليگ چاهيو پئي ته اهي الڳ ٿين ته جيئن پ پ پارٽي جي اقتداري ڀت کي ڪيرائي سگهجي. متحده، اصل حڪمرانن جي اجازت بغير ڪيئن پئي الڳ ٿي سگهي.

    هڪ پاسي پيپلز پارٽي، جنهن متحده جي هر حڪم تي لبيڪ ڪيو. هن ڀيري به پ پ پارٽي متحده جي لاءِ گلن جا هار جهلي بيٺي آهي. پر متحده کي حڪم مليل آهي ته اهي نواز ليگ سان هٿ ملائن. سنڌ جي سياسي اقتدار ۾ متحده فيڪٽر کي اهميت ڏني وئي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڏياريندي هلان ته جيڪي متحده کي ڪمزور پارٽي سڏي رهيا هئا.

    انهن کي ڪجهه وقت کانپوءِ خبر پئجي ويندي ته متحده ڪمزور نه پر صرف چهري کي تبديل ڪرڻ لاءِ هيڏو سارو ڳوڙ مچايو ويو آهي.

    واپس اچون ٿا متحده فيڪٽر جي اهميت سنڌ جي اقتداري سياست ۾ : اسان کي ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسڻو پوندو ته جڏهن به پ پ پارٽي جي حڪومت آئي متحده اڳتي اچي حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا.

    جيتوڻيڪ ان قسم جا رويا آمريت دور يا نواز ليگ حڪومت دوران ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

    هن ڀيري به نواز ليگ ۽ متحده وچ ۾ معاهدو به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي اڌوري مينڊيٽ مٿان گورنري راڄ جي لت رکي سگهجي ٿي.

    متحده، نواز ليگ سان هٿ ملايو ئي ٻه اهم سببن ڪري آهي، هڪ لنڊن پوليس ڪيس ۾ وفاق جي مدد ۽ ٻي سنڌ ۾ اهم پاور ڏيڻ آهي. متحده هميشه اقتداري ڪرسي تي ويهڻ پسند ڪري ٿي.

    نواز ليگ جنهن اصولن ۽ اخلاقي قدرن جي ڳالهه ڪندي رهي هاڻي انهن کي ڇا ٿيو جو انهن پنهنجي سياسي انتقام وٺڻ لاءِ ماضي ۾ چيل هر لفظ کي دز ۾ ملائي ڇڏيو. نواز شريف جي عمر ۾ تبديل ضرور ٿيو آهي پر هينئر به سياست جو محور ماضي جهڙو ئي آهي.

    سنڌ جا اهي قومپرست ۽ مسلم ليگ ف جنهن وڏي واڪي سان نواز ليگ جي شان ۾ پئي ڳالهايو اڄ انهن کي ايترو محسوس ضرور ٿيو هوندو ته شايد مستقبل ۾ سياسي تصوير ڪيئن بيهندي ان کي سمجهڻ ۾ سياسي بصيرت ڪمزور آهن.

    نواز ليگ کي خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ ۾ اهي پير نه ٿا کوڙي سگهن ڇاڪاڻ جو نواز ليگ جو سنڌ جي سياسي ايجنڊا تي موقف ڪليئر ناهي، هينئر نواز ليگ، متحده سان هٿ ملائي ماضي جا گهاوَ وري تازا ڪري ڇڏيا آهن.

    نواز ليگ جي سياست ۾ رولڙي جو شڪار سنڌي قومپرست ٿيا آهن ڇا انهن وٽ ڪا واضح سياسي حڪمت عملي رهي آهي؟
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو