• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڙي شهر جانان

جواب: اڙي شهر جانان

وري درد تنهنجا به درمان ٿي پيا
وري سهج جا ڪجهه ته سامان ٿي پيا ۔۔۔

تمام سهڻو گيت ونڊ ڪيو اٿوَ، ۽ مهربانيون جو اوهان اسان سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيو آهي ۔۔۔
جت هلڻ محبوب جو ٿي پئي سارنگ
۽ کلڻ ٿي پئي تنبوري جون تارون
اتي اوهانجي هن قرب جون ٿينديون ضرور پچارون ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
جواب: اڙي شهر جانان

محترم سائين ڊاڪٽر قادر بخش منگسي شال جُڙيا هُجو، ٿر ۾ وسڪاري جيان سنڌ جي سُهڻي شاعر محترم حليم باغي جو گيت مٿان وري لاڙ جي ٿڌڙي ڏکڻ جي هير وانگر راڳي الهڏنو خاصخيلي جو ترنم سان ڀريل اهو گيت توهان مونکي ارپيو، انهي، گيت ٻُڌڻ سان مان پاڻ کي 21 سالن جو نوجوان ۽ سنڌ يونيورسٽي جي فارميسي ۾ سکيا وٺندڙ شاگرد پيو محسوس ڪريان، ۽ پنهنجا جذبا محترم حليم باغي جي جذبن وانگر بلڪل سنڌ جي گُلابن تي ڪرندڙ شبنم وانگر محسوس پيو ڪريان۔ لک لائق سائين
 
Back
Top