گوريلن جي موت جي موسم نثار کوکر اربع 14 ڊسمبر 2011ع ان ڏينهن هڪ صحافي جيسن ميڪلين جا اهي لفظ پڙهي چپ ٿي ويس ته، ”جيڪڏهن توهان باغين جي اڳواڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪريو ٿا ته پوءِ صرف ٻن نتيجن تي ئي ڪهاڻي ختم ٿي سگهي ٿي، يا ته توهان صدارتي محل ۾ پيا سلاميون وٺندا يا وري اڪيلائيءَ ۾ موت توهان جو مقدر بڻجندو.“ اهڙو ئي منظر ان وقت انڊيا جي تلگو ٽي وي چينلز تي ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن 56 سالا گوريلا ليڊر مالو جولا ڪوٽيشور رائو يا عرف عام ۾ ڪشن جي رائو کي هڪ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. انڊيا ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ ٽن ڏهاڪن کان مٿي عرصي تائين ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل ”ڪشن جي“ جنهن وقت پوليس جي گولين جو کاڄ بڻيو، ان وقت هو جهار کنڊ ۽ ڏکڻ بنگال جي سرحدي ڳوٺ ۾ هڪ شاگرد جي ڪمري ۾ لڪل هو. پوليس جي کڙڪ پوڻ تي هو پنهنجو ليپ ٽاپ ۽ موبائيل وغيره ڇڏي رائيفل کڻي جهنگ ۾ ڀڄي ويو. جنهن وقت پوليس سندس لاش ڏيکاريو، ان وقت ڪشن جي اونڌي منهن پيل هو، سندس ڪنن واري خراب ٿيل مشين ۽ چورايل سرڪاري رائيفل سندس لاش ڀرسان پيل هيون. ڪشن جي 20 هزار اهڙن گوريلن جو ڪمانڊر هو، جنهن کي ”پيپلز وار گروپ“ سڏيو وڃي ٿو ۽ اهي گوريلا انڊيا لاءِ ڪنهن جهادي اڳواڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيا آهن. ڏهه هزار ماڻهو هنن گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ قتل ڪيا ۽ انڊين سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪشن جي هميشه چئلينج ڪندو هو ته، ”پڪڙيو، جي پڪڙي سگهو ته“ هن جي سياسي تنظيم ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) آهي، جنهن تحت هو انڊيا ۾ چيني ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزيتنگ جيان انقلاب آڻڻ چاهين ٿا. ڪشن جي پنهنجي پيءُ کي آزاديءَ جو سپاهي چوندو هو، جنهن برطانوي راڄ جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي، هن جي زال به سندس سياسي ۽ هٿياربند جدوجهد ۾ ساڻس گڏ هئي. ڪشن جي، باقي مائو نواز باغين جي پاليسين جي ابتڙ، ميڊيا وارن کي ائين جهنگلن ۾ پنهنجي پناهگاهن تي سڏائيندو هو، جيئن ڪنهن وقت پاڪستان ۾ ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل جهادي اڳواڻ بيت الله محسود پشاور ۽ اسلام آباد جي صحافين کي پنهنجي جابلو پناهگاهن ۾ سڏائيندو هو. ڪشن جي اهڙن خيالن جو اظهار بار بار ڪندو هو ته انڊيا جي آزاديءَ کي 63 سال گذري چڪا آهن، پر عام ماڻهو يا قبائلي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي حق نه ملي سگهيا آهن. آزادي جا ثمرات صرف دهلي، ممبئي ۽ گجرات وغيره تائين محدود رهجي ويا آهن. ڪشن جي ڏکڻ بنگال ۾ زرعي زمين جي حقداريءَ لاءِ هارين جي حقن واري تحريڪ هلائي، بعد ۾ هنن شايد 2004ع ڌاري سمورن ڌڙن کي ملائي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مائوسٽ) جو بنياد وڌو. ڪشن جي هٿين خالي قبائلين کي اهو ئي چوندو هو ته ٿاڻن تي حملا ڪري هٿيار ڦري وٺو ۽ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ ٺيڪيدارن وٽان ڌماڪيدار مادو ڦري پنهنجون ڪارروايون ڪريو. هن جو پختو يقين هو ته ڇتيس ڳڙهه ۽ جهار کنڊ وارن علائقن ۾ معدني وسيلن جي کاڻين جي کوٽائي اڃا ڪي ڏهاڪا هلندي، ڇو ته هڪ ٽريلين جا زير زمين خزانا هٿ ڪرڻ لاءِ ٺيڪيدارن حڪومتن سان ملي ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا هئا ۽ سمورا متاثر ڪشن جي واٽ وٺي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ائين وڙهي رهيا هئا، جيئن ان ڏينهن مهتاب اڪبر راشديءَ ڪنهن شاعر جو اهو شعر ٻڌايو، جنهن جو مفهوم اهو هو ته جي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪجي وڃان، ان کان اڳ ڪاش مان وڙهندي مران، وڙهندي مران. ڪشن جي صحافين ۽ ڪئميرائن کان لنوائيندو ڪو نه هو، پر هن هميشه پنهنجو چهرو لڪايو ۽ سندس سمورا انٽرويو پٺيرا هئا. هڪ لک انڊين اهلڪار سندس تلاش تي مقرر ٿيل هئا، جنهن 100 ماڻهو پنهنجي هٿن سان مارڻ جو اعتراف به ڪيو. ڪشن جي مون کي ان ڪري به ياد آيو، جو سنڌ ۾ به وقفي وقفي سان نوجوانن جا ڪجهه جٿا هٿياربند جدوجهد کان متاثر ٿي ڪڏهن چي گويرا سڏائين ٿا ته ڪڏهن ابو جهاد. عورتون ڪڏهن ليليٰ خالد سڏائين ٿيون ته ڪڏهن ايراني انقلابي ڇوڪري چورائين ٿيون ۽ اهي شيخ اياز جي انهن سٽن کي به ٻين دليلن سان گڏ جهونگارين ٿا ته: تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾ آءُ پهاڙيءَ پاڇي ۾ هنن سرد راتين ۾ آئون باهه تي هٿ سيڪيندي اهو ئي سوچيان ٿو ته انهن ٻاٻرن ٽانڊن جو ٻرڻ اجهامڻ وارو ايڊوينچر آخر ڪيستائين؟