• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اميد تي دنيا قائم آهي

جميل احمد

سينيئر رڪن
اميد تي دنيا قائم آهي
ڊسمبر 2011 جي آخري هفتي جي هڪ صبح جو جڏهن پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي لاءِ هن جي ڪلينڪ ۾ داخل ٿي رهيو هوس، ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان مريض ڪرسيءَ تان اٿيو،ڀر ۾ رکيل جيڪٽ کڻي پائي ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي ٻاهر نڪري ويو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ”نوجوان جي هڪ ٽيسٽ مان ان ڳاله جو انديشو آهي ته هن جا ٻئي گرده ناڪاره ٿي چڪا آهن. ڪافي ڏينهن اڳ مون هن کي اها ٽيسٽ تجويزڪئي هئي،ٽيسٽ ڪرايائين ته ضرور پر ليبارٽري مان کڻڻ نه ويو،نيٺ ليبارٽري وارن ٽيسٽ جي نتيجي جي خطري کي محسوس ڪندي فون ڪري ٻڌايو ته توهان جي ٽيسٽ صحيح نه آئي آهي تنهڪري مهرباني ڪري اها ٽيسٽ کڻي وڃي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.

وڌيڪ پڙهو
 
بلڪل سائين ڪافي مريض عطيو ڪندڙن جو انتظار ڪري رهيا آهن تاڪه سندن گردو ملي سگهي ۽ نئي زندگي ملي سگهي۔
يقينن عضوو عطيو ڪرڻ وڏو ثواب آهي ڇوته ان سان ڪنهن انسان جي زندگي بچي وڃي ٿي۔
ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت انتظاميه کي منهنجو اردو ۾ لکيل ڪتاب انساني اعضاء ڪي پيوندڪاري اي بوڪ جي صورت ۾ موڪليو ويو آهي ، اميد آهي ته جلد اڱڻ جي زينت بڻجندو۔
 
واقعي سائين هي دنيا نه فقط اميدن تي جڙيل آهي پر انسان جي ايثار جي امتحان جي پڻ جاءِ آهي الله ان نوجوان کي زندگي عطا ڪري وسلام
 
Back
Top