حاضر آهي هڪ فليش وڊيو ۔۔ جيڪا ٻڌائي ٿي ته اسان جي ڪائنات ڪيتري وسيع آهي۔۔۔ ۽ اسان ان ۾ نه هئڻ جي برابر آهيون۔۔ مهرباني فرمائي ٿورو انتظار ڪريو جيتري تائين وڊيو لوڊ ٿئي۔۔۔ جنهن کان پوءِ Play بٽڻ دٻايو ۽ هيٺ موجود اسڪرول بار کي حرڪت ڏيو۔۔۔۔ [FLASH="width = 600 height = 600"]http://uploads.ungrounded.net/525000/525347_scale_of_universe_ng.swf[/FLASH] توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔
جواب: اسان جي ڪائنات تمام گهڻي وسيع آهي۔۔۔ محترم سائين رشيد صاحب، تمام سٺو، تحقيقي ۽ معلوماتي شو آهي ۔۔۔ ۽ ٺاهڻ واري ڪمال جي مهارت سان ٺاهيو آهي ۔۔۔ گهڻو تڻو ته پنهنجي سمجهه کان ٻاهر پڻ آهي ۔۔۔ جنهن شئي کي سائنس اڄ آهستي آهستي ڪري مڃڻ لڳي آهي، اسانجا ڏاها ۽ اسانجي ديني رهنما ۽ اسانجا ديني ڪتاب اهي ڳالهيون، هزارين سال اڳ ٻڌائي ۽ خبردار ڪري چڪا آهن ته ڪائنات ۾ انسان ۽ انساني دنيا جي حيثيت هڪ نقطي جيتري آهي، رب جي ڪائنات تمام وسيع ۽ انسان جي پهچ کان تمام مٿاهين آهين ۔۔۔ مثال: قرآن شريف جي سوره رحمان جي آيت نمبر 33 ۾ رب العالمين ڪجه هن طرح فرمائي ٿو: ” اي انسان ۽ جنن جي جماعت! جيڪڏهن اوهانکي سگهه آهي هن زمين ۽ آسمان جي حدن کان نڪري وڃڻ جي ته نڪري وڃو، پر اوهان ڪڏهن به ايئن ڪري نه سگهندئو، سواٌ رب جي ڏنل سگهه (اختيار) جي۔ هاڻ اندازو ڪيو ته ڪٿي آهي انسان ۽ ڪٿي آهن هن ڪائنات جون حدون ۔۔۔ بيشڪ انسان هجي يا جنُ انهن حدن کي ڪيئن پار ڪندو؟
جواب: اسان جي ڪائنات تمام گهڻي وسيع آهي۔۔۔ سائين فليش وڊيو ڊائون لوڊ ڪيئن ٿيندي اهو ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي۔