سنڌي زبان جو پهريون صاحب شاعر خليفو گل محمد ”گل“ ولد ولي محمد عقيلي، 12 صف 1324 پهرين اپريل 1808ع تي حيدرآباد جي هالا تعلقي ۾ ”سانوئي ملن“ جي گهر ۾ ولادت ٿي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ علم تصوف جي وڏو ڄاڻو هو. پاڻ ڪنگريءَ وري پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاھ (اول) جو مريد ۽ خليفو هو، ۽ قادري طريقت رکندڙ هو. هن لا طمع ۽ فيضان انسان، علم وارن جي صحبت ۾ رهندي ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هئائين روزي نماز جي پابنديءَ سان گڏوگڏ ذڪروفڪر ۾ پڻ رڌل رهيو. کيس شعر چوڻ جو شوق شروعات کان ئي هو. غالباً هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ”الف ب“ واري مڪمل رديفن تي مشتمل غزلن جو ”ديوان“ مرتب ڪري 1851ع ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ ويندي. بمبئيءَ جي هڪ پريس مان ليٿو ۾ ڇپرايو، جيڪو شعر جي اصولن پناندڙ بحز ۽ وزن تي پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو. عام طرح ”غزل“ عشقيه شاعريءَ کي چئبو آهي، مگر آخوند گل پنهنجي غزلن جي موضوع کي نئين رنگ ۾ رکندي، هڪ منفرد مثال قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ خداپرستيءَ کان مجازي علم تائين تمام فڪر کي قلم وسيلي محفوظ ڪيو آهي. سندس ڪلام سادو، سپڪ ۽ سوادي هجڻ سان گڏوگڏ وضاهت ۽ بلاغت وارو پڻ آهي. پاڻ فارسي زبان جي اثر کان آجو رهي، اهڙا ته ٺيٺ سنڌي الفاظ ۽ محاورا پڻ استعمال ڪيا اٿس، جن مان گهڻا ڀٽائي ڀلاري رحمت الله عليه جي ڪلام ۾ به ڪونه ٿا ملن. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس دلي تمنا مطابق وفات عربستان جي سرزمين تي ٿي، جيڪا هڪ اندازي مطابق 47 ورهين جي ڄمار ۾ 5شوال 1273ھ 1855ع ڌاري چئي وڃي ٿي. خليفي گل جا کيرن ۾ ڪافي مريد ٿيا. پاڻ مير صاحبان جي پڄائي ۽ انگريزن جي شروعاتي صاحبي پئي سنڀريو. اڪثر سندس صحبت صوفي فقير سان ٿي گذري. ساده طبيعت ۽ قناعت ڪندڙ هو.
جواب: خليفو گل محمد ”گل“ هالائي ادا عبدالرحيم صاحب، توهان جي تمام وڏي مهرباني جو اهڙي سنڌ جي ڪامل بزرگ جو تعارف لکيو اٿوَ۔ پر اوهان جي تصحيح جي لا گذارش آهي ته خليفو گل محمد هالائي اصل ۾ حضرت خليفي محمود نظاماڻي صاحب جن جو مريد ۽ خليفو هيو۔ خليفه محمود نظاماڻي سنڌ جا هڪ ڪامل اڪمل ولي الله ٿي گذريا آهن ۽ پاڻ حضرت سيد محمد راشد المعروف پير سائين روضي ڌڻي جن جا وڏا خليفا هيا۔ منهنجي تصنيف "ٻري جن ٻاري" مان هيٺيان اقتباس پيش خدمت آهن؛ حضرت خليفو گل محمد هالائي رحمة الله عليہ 1226ھ (مطابق 1811ع) ۾ ڄائو. اصل شهر هالا پراڻا جو ويٺل هو. پاڻ سانوڻي آخوندن جي گھراڻي سان تعلق رکندڙ هو. ننڍپڻ جي حالات بابت معلومات نٿي ملي. شروع ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جن جو مريد ٿيو، سندن وفات کانپوءِ حضرت خليفه محمود نظاماڻي رحمة الله عليہ جن کان تلقين ۽ خلافت حاصل ڪيائين. سندس شمار خليفه صاحب جن جي اڪابر خلفاءِ ڪرام بلڪه نائبين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ساڻس گھڻي محبت ۽ الفت رکندا هئا. هن بزرگ کي به سندن ذات گرامي سان والهانه عشق هوندو هو، جنهن ڪري سفر توڙي حضر ۾ ساڻن گڏ رهندو هو. رابطه شيخ ۽ مرشد جي محبت جي ڪري هن بزرگ کي دوران تربيت باطني مقامات خود بخود طئ ٿي ويندا هئا. مرشد جي صحبت ۾ کيس گھڻا روحاني حالات ۽ ڪيفيات طاري ٿيون، جيڪي وقت بوقت پنهنجي مرشد حضرت خليفه صاحبؒ جن جي خدمت ۾ عرض ڪندو رهندو هو. پاڻ سندس باطني احوال ٻڌي گھڻو خوش ٿيندا هئا ۽ کيس مبارڪون ڏيندا هئا. هڪ دفعو ته خليفه صاحبؒ سندس عروج ۽ مشاهدات کانئس روبرو لکائي ورتا. پاڻ کيس فرمائيندا هئا ته تنهنجون حالتون حضرات نقشبنديه جي حالتن سان مشابھ آهن. ان ارشاد مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس نقشبندي نسبت گھڻي حاصل هئي، جنهن ڪري ولايت جي اعلى مقامات تي فائز هو. پاڻ پنهنجا ڪجھ روحاني احوال ۽ مشاهدا توفيق الطالبين ۾ لکيا اٿس. خليفو گل محمدؒ عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم هو ۽ انهيءَ وقت جي بهترين شاعرن مان هو. آخر عمر ۾ جڏهن حج ۽ زيارت روضه رسولﷺ جي شوق سان ممبئي پهتو ته اتي پنهنجي سنڌي ۽ فارسي شاعري ”ديوان گل“ جي نالي سان ڇڀرايائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ کيس سنڌي زبان جو پهريون صاحب ديوان شاعر ڪوٺيو آهي. سندس ڪجھ ذاتي حالات مرحوم عبدالغفور هالائي ڪتاب ”ديوان گل“ ۾ ”حالات خليفو گل محمد مرحوم“ جي عنوان سان لکيا آهن، جيڪو سنڌ مسلم سوسائٽي حيدرآباد طرفان 1933ع ۾ ڇپيو آهي. ان ۾ لکي ٿو ته ديوان گل کانسواءِ سندس ٻي ڪا تصنيف معلوم ڪانه ٿي ٿئي. ليڪن سندس تصنيف ڪنوز المعرفت (توفيق الطالبين جو اصل فارسي نالو) هڪ عظيم الشان تصنيف آهي، جنهن ۾ پنهنجي پير و مرشد حضرت خليفه محمود نظاماڻي رحمة الله عليہ جن جا ارشادات، ملفوظات ۽ ذاتي حالات فارسي ۾ لکيا اٿس. ان ڪتاب و ترجمو توفيق الطالبين جي نالي سان ڪيو ويو. وڌيڪ تفصيل ”تصنيفات“ جي باب ۾ ڏسي سگھجي ٿي. هن سوانح حيات جي تياري ۾ سڀ کان زياده معلومات انهيءَ ڪتاب مان ملي. خليفو گل محمدؒ ممبئي مان ”ديوان گل“ ڇپرائڻ کان پوءِ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ عربستان روانو ٿي ويو، ۽ اتي ئي 1272ھ ۽ 46 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. مرحوم عبدالغفور هالائي خليفي گل محمدؒ جي اولاد جي باري ۾ لکي ٿو ته کيس ٻه پٽ هئا، جن مان ننڍو ته سندس حياتيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو، باقي وڏو پٽ خليفو احمد پيءُ کان پوءِ گھڻو وقت حيات هو. انتهائي نيڪ ۽ صالح هو. زمين ڪافي هئس جنهن مان کيس چڱي آمدني ٿيندي هئي. کيس ڪوبه نرينو اولاد نه ٿيو. سندس نياڻيون به انتهائي نيڪ ۽ صالحه عورتن منجھان هيون. جيترو وقت حيات رهيون، پنهنجن وڏن بزرگن جي طريقي ۽ شان مطابق هلنديون رهيون. سنڌي ۽ فارسي شاعري خليفو گل محمد هالائيؒ پنهنجي وقت جي ڪامل اوليائن منجھان هو ۽ هڪ اعلى پائي جو شاعر پڻ هو. پاڻ سنڌي کان علاوه فارسي ۾ پڻ شاعري ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار آهن. هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو لَمۡ يَلِدۡ پنهنجي صفت ڪيو پاڻ کي لا مثل چئين! پوءِ يَدُ اللهِ ڏئين اشارا آئون ڏسان چئو توکي ڪِٿ؟ ذات پنهنجي غيب چائين پوءِ چوين ٿو اَيۡنَمَا، ثُمَّ وَجۡہُ الله اي ڇا آئون ڏسان چئو توکي ڪِٿ؟ اهڙي طرح سندس شاعري معرفت جي انوارات ۽ تصوف جي حقيقتن تي مشتمل آهي. هڪ هنڌ عشق و محبت جي صفت هنن لفظن ۾ ڪري ٿو محبت اعتبار ذاتِ حق است محبت مظهر آيات حق است محبت خازنِ گنج شهود است محبت مبدءِ اصل الوجود است محبت مونس جانِ کباب است محبت پرده سوزِ احتجاب است محبت مايهء عشق و سرور است محبت علت نمائي ظهور است عشق سائينءَ کي ڪري ٻانهو غلام، ڏس ته ڪيئن ٿيو شاھ محمود و اياز. پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي مرشد ڪريم حضرت خليفه محمود نظاماڻي رحمة الله عليہ جن جي تعريف ۽ توصيف ۾ پڻ ڪمي ڪانه ڪئي اٿس. ٻين صوفي شاعرن به پنهنجن مرشدن جي ساراھ ۾ عشق و محبت ۽ فراق جا شعر چيا آهن، جن ۾ شاعرن جي سرتاج مولانا جلال الدين رومي رحمة الله عليہ جو نالو سرفهرست آهي. پر سنڌ جي شاعرن ۾ جيتري قدر مرشد جي ساراھ ۽ واکاڻ ۽ عشق و محبت جو اظهار خليفي گل محمدؒ ڪيو آهي، ورلي ڪنهن بزرگ ڪيو هوندو. سندس هيٺين شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس پنهنجي مرشد مربي قلبي و روحي فداه سان ڪيتريقدر والهانه عشق هو: باغ ذاتي جو گل محمد گل احمد و حامد هو المحمودؒ احد يکي است بذات و صفات خود موجود محمد احمد و حامد بنام يک محمود مدار دائر دور مقتدائي طريق سراج امت سالار قافله تحقيق قيوم قائم بنياد دين و الملت قوي قادر قاطع قوائد بدعت زِ کانِ لطف تمامي وجود او موجود بخَلق و خُلقِ گرامي محمد و محمود سندن مرشد حضرت خليفه محمود نظاماڻي رحمت الله عليه جن بابت وڌيڪ پڙهڻ لااهو ڪتاب هتي پڙهي سگهو ٿا؛ http://www.maktabah.org/index.php/biography/sufi-shaikhs/239.html