پنجاب جي هڪ ٻي چال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پنجاب جي هڪ ٻي چال

    پنجاب جڏهن ڪالاباغ ٺاهڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آهي، تڏهن کان سنڌ جي پاڻي چوري ڪرڻ جا نوان نوان منصوبا ٺاهي رهيو آهي ... جن ۾ تازو چشمه جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ جو پروگرام ٺاهي ان برساتي نالي کي سنڌو درياه جو پاڻي ڏئي پورو سال ڪارآمد ڪيو ويندو، جنهن مان نه فقط بجلي ٺاهيندا پر ان مان سڄو سال پنجاب جون زمينو زرخيز ٿينديون ...

    جڏهن ته سنڌ ۾ اڃان به سوڪهڙو وڌندو ... اڃان به رڃ ٿيندي ... ۽ اڃان به زمينون غيرآباد ٿينديون ... اڃان به سنڌي ماڻهون ڏکيا ٿيندا ۽ ڏڪار وڌندو ... ماڻهون ماڻهونءَ کي کائيندو ... بد امني وڌندي ... چوريون ۽ ڌاڙا وڌندا ...

    سنڌ جا سڄڻ دوستو، پنهنجي آواز ۾ سگهه پئدا ڪريو ۽ سنڌ دشمنن کي سنڌ جي حقن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏيو ... اهو اسان سڀني جو اخلاقي، قومي ۽ مذهبي فرض آهي ....

    حق جيڪڏهن گهري وٺڻ سان نه ملن ته ڇا ڪجي؟ بس پوءِ سائين ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جو هي بيت پڙهجي ...

    سڄي سنڌ وڪوڙي ويا سپ، ساٿي،
    اوهان کي اڃا ننڊ جو آ نشو دوستو.

    وڃو ويڙه تي ٿا وڏي واءُ واڪي،
    سهيڙي سڀن کي وڃو دوستو.

    گدڙ ٿي گذارڻ وڏي گار آهي،
    جيئو ٿا ته شينهن ٿي جيئو دوستو.

    تڙڻ تان تڙي غير تقدير ٺاهيو،
    نوان ويڙه جا گھٽ گھڙيو دوستو.

    پنڻ سان پلئه ڪان پوندي آزادي،
    لڙو، حق ڇنڻ لئه لڙو دوستو.

    مٽي کان مٽيندو جو منهنڙو مٺا،
    هوندو سو وڏو بيوڙو دوستو.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پنجاب جي هڪ ٻي چال

    هي مسئلو سنڌ حڪومت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر جڏهن ناڪام وئي ته پو اسان روڊن تي نڪري پنجاب کي هڪ سبق ڏيندا سو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنجاب جي هڪ ٻي چال

    سائين علي اڪبر شر صاحب، مهرباني!

    اوهانجي جواب ۾ ٻه ڳالهيون آهين ۔۔۔

    پهرين ڳالهه لئه ايئن چئبو ته ”ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي“ ۔۔۔ رب العالمين اهڙو ڏينهن آڻي جو سنڌي سياستدان ۽ ڪامورا سنڌ سان سچا ٿين ۽ سنڌين جي حقن جي حفاّظت ڪن ۽ مرڪز جي ڏنڊي کان ۽ لوڀ جي لار کان نڪري اچن ۔۔۔

    ٻي ڳالهه لئه اهو چئبو ته ” انشاء الله! جنهن وقت هي جوڌا جاڳيا، پوءِ سور نه رهندا ساڳيا، ڪندا پوءِ مست قلندر“ بس دعا اها آهي ته سنڌي جوڌا جاڳن ۽ ايڪي جي طاقت ساڻ سنڌ جي حفاظت ڪن ۔۔۔
    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو