ٽهڪن ۾ ٽانڊا ويسيءَ کان گيسيءَ تائين! ڊاڪٽرعزيز ٽالپر پاسي جي کيسي ۾ اڍائي سئو هئا، رات جو قميص لاهي سُتس، صبح جو ڏسان ته ٻه سئو گم، باقي 50 هجن. ٻارن جي خرچي لاءِ ڏيان ٽيهه ٽيهه روپيا.. کين ملن ڏهه ڏهه.. ٻيا گم، ڀاڄيءَ لاءِ ڏيان ٻه سئو، سئو جي ڀاڄي اچي، سئو گم، زال کي سڏي چيم، ’پئسن جي هي ڀينگ ڪير پيو ڪري؟‘ کِلي چيائين،” آئون پئي ڪريان، ويسي رکي اٿم“. ويهه مهينا مون سان اها تعدي ٿي، مسين مسين ويسي نڪتي، ستر هزار روپيا، مائي خوشيءَ مان جهل ئي نه ڏي. ايترا پئسا اسان حياتيءَ ۾ نه ڏٺا هجن. چيو مانس ”ڇا ڪندينءِ ايترن پئسن کي؟“ هن ميڪ اپ جي سامان، ڪپڙن ۽ زيورن جي وڏي لسٽ ٻڌائي. گڏوگڏ صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ، ڊريسنگ ٽيبل، آمريڪن ڪچن، واشنگ مشين، اوون ۽ الائي ڇا ڇا جي فرمائش ڪئي. مون دل ۾ سوچيو هي پئسا حرام ڪندي، سو کيس ليکا سيکا ڏيئي راضي ڪيم ته پاڻ مينهن ٿا وٺون، هڪ ته پاڻ کي 80 روپيا ڪلو کير ٿو ملي، ان ۾ به 12 آنا پاڻي، اهي پئسا بچندا، ٻيو ته کير وڪڻي پئسا ڪمائينداسين، ٽيون ته مينهن ڦر ڏيندي، پاڻ امير ڀاڳيا ٿي پونداسين. مائي ليکي تي مڃي ويئي. پئسا کڻي جو مينهن وٺڻ لاءِ پڙيءَ تي وڃان ته مينهن جا اگهه ٻڌي دل ٻڏي ويئي، ڪا ڏيڍ لک، ڪا ٻه لک، ڪا ماڳهين اڍائي لک! چيم ”بابا مينهون ٿا وڪڻو يا ڪارون پيا وڪڻو“. چون،” مينهن وٺين ته وٺ، باقي تبصرا نه ڪر.“ نيٺ هڻي وٺي هڪ ٿڪل مينهن ستر هزار ۾ وٺي گهر آيس. مينهن ڪا اڳوڻي مالڪ وٽ پاڪستاني جيل جي قيدين وانگر بکن جي ماريل هئي. مون ڏهه ڪلو ڪُتر آندي، کائي ويئي، وري پنج ڪلو آندم، کائي ويئي، پوءِ ٻه ڪلو سڄو ڏينهن پئي آندم، ڀٽاري کائيندي ويئي. ڍئو ٿئيس ئي نه. آئون ۽ مون واري سائيڪل ڪُتر وٺي وٺي پنچر ٿي پئي. مينهن هيٺ پائيپن ۾ ٻڌل، منهنجو گهر ستين ماڙ تي.. پاڻي جون بالٽيون ڀري ڀري چيلهه چٻي ٿي ويم، پر مينهن جو ڍئو ٿئي ئي نه. هاڻي مسئلو ٿيو کير ڏهڻ جو. مون ٿڻن ۾ هٿ وڌو ته ٺڪاءُ ٿي پڇ ٻوٿ تي هڻي ته مون وارو يارهن سئو جو چشمو چٽ. ٻه سئو روپيا ڏيئي، هڪ واڙي تان ڏهائي وارو وٺي آيس. سئو روپيا رڪشا واري کي ڏنم، کير ڏهي ڏنس ڏيڍ ڪلو، هڪ ڪاٺيا واڙي دوست کان حساب ڪرايم ته مينهن تي چشمي سميت خرچ آيو ٻاويهه سئو روپيا ۽ آمدني ٿي 120 روپيا. ڪاٺيا واڙي صلاح ڏني ته اها مينهن روسي ٽريڪٽر وانگر گهر ٻُهاري ڇڏيندئي، بسم الله ڪري ڪڍينس. ٻئي ڏينهن ڀٽاري کي ڪاهي ويس پڙيءَ تي.. ڀاڳيو ڪو وٺي ئي نه، چوَن ڪوسڙ مال آهي. نيٺ ڪاساين سان ڳالهايم، ٽيهه هزار مليا، ان مان پنج هزار کنيا دلال، هزار ڪلي جي في، باقي چوويهه هزارن مان ٻڪري وٺي آيس. ٻڪري به هيٺ اهڙو گند ڪيو جو اوڙي پاڙي وارن مون تي ڪيس ڪري ڇڏيو، جو نوڪري ڇٽي، آئون شنواين ۾ پورو هئس. مجبور ٿي کيس ست ماڙ تي گهر ڪاهي ويس، گهر ۾ اهڙي خوشبوءَ پکڙي ويئي، جهڙو ميونسپل جي باٿ روم ۾ رهيل هجون. ٻيو ته ٻڪري جي کير جو عجيب ذائقو، جيڪو پيئي تنهن کي الٽيون، دست.. پاڙي جي ڊاڪٽرن کان اوڌر تي علاج ڪرايم، ڪيسن جي ڪري وڪيل الڳ پئسن لاءِ پئي پنڌ ڪيا. نيٺ ٻڪري به ڪاهي ويس پڙي تي، وري به ڪاساين ورتي، اٺ هزار مليا. ڊاڪٽر جو کاتو، وڪيل جو کاتو ۽ گاهه واري جو کاتو ڪليئر ڪيم. بچيا 300 روپيا ان مان هڪ ڦلي ڪڪڙ وٺي آيس، زال کي چيم ته، ”هي آنا لاهيندي، ان مان ٻچا ٿيندا، اهي وڪڻي ستر هزار ڪمائي پنهنجون فرمائشون پوريون ڪجانءِ“ ڪڪڙ ڪا ٽرڙي نسل جي هئي، الائي ڇا، جو نه آنا لاهي نه ٻچا ٿين. هڪ دفعي مون واري زال مڪئي جو سنگ کائي سُتي، هڪ داڻو مڪئي جو مٿين چپ تي رهجي ويس، ڪڪڙ کٽ تي چڙهي داڻو کائڻ لاءِ اهڙو ته ٺونگو هنيس، جو مائي جو چپ ائين لڙڪي پيو، جهڙو چنگ پئي وڄائي. مائي به ڪاوڙ مان زور سان ٿي جُتي اڇلائي هڻيس ته ڦلي ڦٿڪڻ لڳي، مون به ڇُري کڻي کيس حلال ڪيو. کائي ڍئو ڪياسين. ويسيءَ جا ستر هزار خيرن جا نيٺ ڪاتي سان ڪهي ڪياسين پورا. پوءِ ته مائي ٻئي هٿ کڻي مونکي پٽڻ شروع ڪيو. مائي صفا ڇتي ٿي پئي ۽ ڀرسان پيل وڃڻي اڇلائي جو هنيائين ته سندس ڳن وڃي کاٻي اک ۾ لڳو، اک جي اهڙي حالت ٿي، جهڙو ٽماٽي تي پير اچي ويو، سورن جا ٽانڊا هجن. ٻاهر نڪري اکين جي ڊاڪٽر جو ڏس پڇيم، ته ڪنهن عطائي ڊاڪٽر جو ڏس مليو. ٻاهران لکيل هو ” نور چٽ ڪلينڪ“ ڊاڪٽر جهٽ پٽ جهانپو، ڊاڪٽر کي اک ڏيکاريم. چئي ”هينئر جو هنيئر آپريشن ٿيندو، نه ته ڪينسر ٿي ويندي ۽ گذاري ويندين..“ آئون روئڻ لڳس، مونکي فقط اهو کٽڪو هو ته مون واري زال جي چار مهينا 10 ڏينهن عدت ۾ نه ويٺي، ته مئي پڄاڻان به ٿرڊ ڪلاس ماڻهو مون تان پيا کلندا. مونکي عام سنڌي ماڻهو جيان آپريشن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي، سو پئسا نه هئڻ جو بهانو ڪيم. ڊاڪٽر وٽ ٻه ست فوٽا مڪراني ڪمپائونڊر هجن، تن مونکي جهلي جهاڙو ورتو، پاسي جي کيسي ۾ بجلي جي بل سان گڏ ٽيهه هزار هجن بل پيارڻ لاءِ، ڊاڪٽر اهي پئسا کڻي ورتا ۽ بل ڦاڙي چيائين.. ” ميان نورُ کان وڌيڪ بجلي ڪانهي، اهي پئسا آپريشن تي ٿا خرچ ڪريون“ تنهنجي لائين ڪٽجي وڃي ته ڪنڊي هڻائي ڇڏجانءِ. هونئن به اڌ پاڪستان ڪنڊي تي پيو هلي. مون پوءِ ڏٺو ته مڪراني ڪمپائونڊر آپريشن جو سامان پئي لڳايو، ڇيڻي، هٿوڙو، تيشي، واهولو، ڪارائي، ڊرل مشين، مختلف سائيزن جا رنبا ۽ کرپا، آئون ڊڄي ويس، مون آپريشن کان ٺپ انڪار ڪيو ۽ ڀڄڻ لڳس. ڪمپائونڊرن چيو ويندين وري ڪيڏانهن؟ سو مونکي جهلي زوري ٽيبل تي سمهاري، رسن سان ويڙهي ٻڌي بيهوشيءَ جون سُيون هڻي آپريشن ڪري ڇڏيائون. هوش ۾ آيس ته ڊاڪٽر جهٽ پٽ جهانپو تري تي منهنجي ڪڍيل اک کڻي آيو، چئي ” هي ڏس تنهنجي مڪمل اک، هي ڪارو تارو، هي اڇوتارو، هي ماڻڪي، هي لينس، هي پويون بال، هي نظر جو پاڻي ۽ هتي آخر ۾ تنتيءَ نظام وارو پردو. آئون مڪمل آپريشن ڪندو آهيان، مرض جي پاڙ نه ڪڍان ته سک سان نه ويهان. آخر ته پئسا حلال ڪرڻا اٿم. ٻچن کي حرام ته ڪونه کارائيندس تنهنجي اک سورنهن آنا ڪڍي ورتي اٿم باقي ڇنڀر ڇڏيا اٿم، سي ٽيٽيار پکيءَ جي کنڀن وانگر پيو سڄي عمر ڦڙڪاءِ“ مون جو هٿ لائي ڏٺو ته مون واري ڌڪ لڳل کاٻي اک کي اشراف هٿ ئي نه لاتو هجي، ماڳهين صحيح سلامت ساڄي اک ڪڍي ڇڏي هيائين. اهڙي ڀينگ ۽ زيادتي تي مون گوڙ ڪيو ۽ مٿس ڪيس ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ دانهن جي ڌمڪي ڏني. ڊاڪٽر جهٽ پٽ جهانپي چيو. ”هل هل! وڏو آيو آهي ڪيس ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ دانهن وارو! ميان اسين ته ننڍڙا عطائي ڊاڪٽر آهيون، پر سول اسپتال ڪراچي جي وڏن ڊاڪٽرن به ميهڙ جي نجمه چانڊيو جي کاٻي ٽنگ جي بدران، چڱي ڀلي ساڄي ٽنگ جي آپريشن ڪري ڇڏي ته انهن کي ڪجهه ڪونه ٿيو، باقي مون کي وري ڪهڙي ڇڪي ايندي“ پوءِ ست فوٽن مڪراني ڪمپائوندرن مون کي زوري ڌڪي نور چٽ ڪلينڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
کل ڀوڳ سان ڀرپور ليک۔۔۔ پڙهندي پڙهندي ڪڏهن ڳئون تي رحم پئي آيو ته ڪڏهن ٻڪري تي۔۔۔ ڪڪڙ ويچاري به گهٽ ڪو نه هئي۔۔۔ ڪارنامو به اهڙو ڪيائين جو چڱن ڀلن جي به جا ناهي۔۔۔ عطائي ڊاڪٽر جي فن کان به متاثرٿيس۔۔پاڻ پنهنجي حق حلال جي ڪمائي ۾ واقعي دل جان سان سچو هو۔۔ باقي افسوس جو اصل اک جو علاج رهجي ويو۔۔۔خير اهو وري ڪنهن ٻي ويسي ۾ پورو ٿي ويندو۔۔بس ساڳيون تعديون ٻيهر شروع ٿيڻ جي دير آ۔۔۔
ادا سائين اسلام عليڪم۔سمجه ۾ نه ٿو اچي ته اوهان جي هن ليک تي ٻين وانگر کلي ڪمنٽس ڏجن يا افسوس ڪرڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي بي حس معاشري ۾ رهئي رهيا آهيون۔بهرحال توهان پنهنجي ليک سان معاشري جي ستم ظريفي جي صحيحي ڄاڻ ڏني آهي۔ توهان جي ليک اسان جي دل تي هڪ چهبندڙ سوال ڇڏيو آهي۔
سائين معاشري جو حال به اهڙو ئي وڃي رهيو آهي، مينهن، ٻڪري ،ڪڪڙ جهڙو،۽ خراب ٿيل اک جي آپريشن بدران درست اک جي آپريشن جهڙي ويڌن روز جو معمول آهي، ڪا شي سڌي سنوت ۾ ڪونهي، ڪو مُلهه ئي نه رهيو آهي، بيمار مينهن جيان بک ۽ بدحالي اهڙي آهي جو ختم ئي نه ٿي ٿئي، غربت هڻي هيڻو ڪري وڌو آهي مسڪين ماڻهن کي ، مٿان وري ڪا ويڌن ٿئي ته نه ڪا داد نه فرياد، وڪيلن، ڊاڪٽرن هٿان پاڻ ڦرايون اچڻ معمول آهي، غريب سدائين سورن ۾۔ شابس هجي هن ليک جي بانيڪار کي جنهن کل ڀوڳ جي هن انداز ۾ معاشري جي ناسور جي اهڙي ته عڪاسي ڪئي آهي جو اکيون روئڻ بدران کلڻ جي ڪري لڙڪ لاري رهيون آهن۔