سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سڀ کان پهرين ته مان تمام دوستن کان معافي گهرندس ته مان ايترا ڏينهن اوطاق تان غائب رهيس. مان انهن سڀني ڏينهن جي عيوض مان سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي هڪ پُراثر وڊيو کڻي آيو آهيان. مان ڇا چوان ته منهنجي ڪهڙي حالت هئي. بس توهان پاڻ ئي ڏسي وٺو. هن گيت جا ٻول آهن. فياض چنڊ ڪليري ۽ آواز آهي اسان جي مهربان دوست، گهوٽڪي ايف ايم جي اسٽيشن مئنيجر قادر بخش ڪلهوڙي جو. جڏهن ته هن جي منظر ڪشي ۽ ايڊيٽنگ توهان جي هن گوسڙو دوست جي آهي.
    توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو.

    جيڪڏهن وڊيو جي ڪوالٽي ٿوڙي گهٽ ملي ته معافي. ڇا ڪريان اسان وٽ نيٽ جو لميٽيڊ پيڪيج آهي.

     
  2. qadirkalhoro

    qadirkalhoro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Radio Job
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    ادا رنجيت! اوهان دل خوش ڪري ڇڏي اڄ، واه واه ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو اٿوَ هن شاعريءَ تي ...
    اوهانجي وڏي مهرباني ...
    سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    سهڻا رنجيت، جيترا لفظ جاندار ۽ جيترو آواز اثرائتو آهي اوتري ئي تصوير ڪشي انهن لفظن جي سچائي ۽ معني کي واضح ڪندڙ آهي ۔۔۔ مٺا رنجيت، تو ايترن ڏينهن جي جدائي جو قرض واقعي لاهي وڌو ۽ جي اهڙيون انمول سوکڙيون آڻيندي هر جدائي کانپو ته يار! توکي موڪل آهي ۔۔۔ ڀل گوسڙو ٿي پر اچڻ سان حينئون ٺاري ڇڏيئي ۔۔۔
    ڌڻي توکي هر گهڙي سکيو ستابو ۽ اسانجي ساٿ سان سلهاڙيل رکي ۔۔۔ آمين

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔۔ مٺڙا رنجيت ڪٿي ڪٿي ڏاهپ ئي اندر جو سور ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڏات ديوي جاڳندي آهي ته ماتم ئي ماتم برپا ٿيندو آهي ۔۔۔ بس اسين ڀورا ئي ڀلا ۔۔۔!!! اسين ڀورا ئي ڀلا ۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    مٺا رنجيت سائين قادر سان ڳالهه ٻولهه ته ٿيندي رهي ٿي ۽ واقعي به سندس آواز بهترين ته آهي ئي پر صحيح جڳهه تي صحيح وقت ۾ تصوير ڪشي ڪري سا به لاجواب چونڊ سان توهان پاڻ ملهايو آهي۔۔۔
    جهڙي طرح ڪنهن ڪهاڻي ڪار يا ناول نگار جا پنهنجي ليک کي ڊرامي ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي زنده ڏسندي احساس هوندا آهن ساڳي طرح سائين فياض چنڊ ڪليري جا احساس هن وڊيو کي ڏسي هوندا۔۔۔
    لاجواب شاعري، پر اثر آواز ۽ زبردست ايڊيٽنگ۔۔۔۔ سڀني جي ميلاپ هڪ خوبصورت وڊيو کي سامهون آندو۔۔۔۔ توهان جا لک لائق۔۔۔۔
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    بس سائين اها توهان دوستن جي مهرباني آهي. جيڪڏهن توهان ايترو خوبصورت آواز رڪارڊ ڪري نه ڏيو هان ته اهو ڪم شايد ٿورو مشڪل هو مهرباني سائين

    سرڪار سائين! هميشه جيا اڄ به توهان جي جواب جو انتظار هو. بس توهان جواب ڏئي اصلي دل ئي ٺاري ڇڏي. مهرباني سرڪار.

    بس سائين مون ته هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي هئي ان وڊيو کي ٺاهڻ جي! توهان جي جوابن مان لڳي ٿو ته منهنجي محنت ڪامياب وئي. دل کي هٿي ڏيڻ جي مهرباني
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    ادا رنجيت تمام بهترين محنت آهي اوهان جي سائين نثار ابڙو جن جي ڳالهه وانگر ته دير آيد درست آيد بس اوهان جي محنت کي ڏسي سڄي سنگت خوش ٿي وئي ان ڪري اوهان کي غير حاضري جي ڪنهن ميارئي ڪانه ڏني ۔ سدا سلامت هجو ۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    مٺا رنجيت شال جُڙيو هُجين، تو ايترو ته ايتروته خوبصورت هي وڊيو سنڌ سلامت سان شيئر ڪيو آهي جو دل چوي ٿي ته سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو ۾ موڪليل منهنجو سموريون ڪاوشون انهي هڪڙي من موهڻي شاعري ۽ تنهنجي مٿان گهوري ڇڏيان، انهي دعا سان ته سنڌ جي ڪنول جي گُلن جيان جتي به هُجين شال ٽڙندو رهين ، شال مهڪندو رهين، اها منهنجي دعا به آهي ته مٺا آرزو به آهي۔۔۔۔۔
    تون شبنم ۾ گُل ڪو ڀنل لڳين ٿو
    ڪنهن شاعر جو تازو غزل لڳين ٿو،
    آقسم مونکي سنڌ جِي سُهڻي شام جو
    تون ڪينجهر ۾ ڄڻ ڪو ڪنول لڳين ٿو​
     
  8. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    سهڻا رنجيت،

    توهان جي هن انمول ڪاوش جي تعريف لاء ته انمول لفظ ئي کپن، پر پنهنجي ادبي غربت سبب لفظ ته ڪو نه ملي سگهيا، ها ڪجهه گُل ڳولي توهان جي خدمت ۾ حاضر ڪريان پيو۔۔ توهان جي وڊيو تخليق جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي، هڪ مڪمل ۽ پروفيشنل وڊيو ٺاهڻ تي تمام گهڻيون مبارڪون۔۔ بيشڪ رنجيت جي جيت ٿي وئي آهي۔۔۽ اسان جي اميدن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ڏسون ٿا اڳين تخليق ڪڏهن ٿا ونڊ ڪيو۔۔

    [​IMG]
     
  9. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب


    سائين منهنجي هيءَ ڪوشش، توهان جي محنتن جي اڳيان ذري جيتري به ڪونه آهي. توهان جو سنڌ سلامت سان سچو عشق آهي. اسان ته مڙئي جڙتو عاشق آهيون. ڀلا اسان جي ڪهڙي مجال جو توهان جي وڊيوز تي اڳيان پنهنجي ڪا وڊيو پيش ڪري سگهون. باقي توهان جي دُعا کپي. اهڙي سُهڻي چوسٽي جي لاءِ مهرباني.

    سائين مهرباني.. دل جي اظهار جي اڳيان لفظن جي ڪهڙي مجال جو نه ايندا. جهڙا توهان ادبي غريب آهيو تهڙو مان پاڻ به آهيان. ٻي وڊيو به توهان جي اڳيان جلد ئي پيش ڪندس. جيڪا استاد بخاريءَ جي لکيل غزل جي جوڙيل آهي. جنهن جو موضوع جيجل ماءُ تي آهي. مونکي پاڻ ان وڊيو جي پوري ٿيڻ جو شدت سان انتظار آهي.
    گلن جي لاءِ مهرباني
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي سُرمئي شام جو خواب

    ادا رنجيت توهان جي ڪيمرا واقعي ڪمال آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو