جواب: پنهنجي لکڻي يا ذاتي پيغام مٽائڻ جو طريقو ٻڌايو
اسلام عليڪم دوست مونکي به هن فورم ۾ لکڻ يا پنهنجو ميسيج موڪلڻ جو طريقو ٻڌائيندا
ادا ظهيرالدين صوفي صاحب، سڀ کان پهريان ته هن اڱڻ تي
ڀليڪار ۔۔۔ اوهان جي پنهنجو تعرف ڪرايو ها ته هوند ڪيترو نه ڀلو ۔۔۔ اوهانجي ۽ سڀني سنڌ دوستن جي اچڻ سان دلي خوشي ٿيندي آهي ۽ اوهانجي لکڻين جو انتظار رهندو ۔۔۔
ادا سائين اوهان جيڪو سوال ڪيو آهي انجو جواب انتهائي سولو آهي ۔۔۔ ڪجهه تڪڙو طريقو آءُ اوهانکي ٻڌايانٿو باقي ڪجهه دوست جيڪي ڪمپيوٽر جا ماهر آهن سي ممڪن ته اڃان به سولي ۽ تصويرن جي مدد سان سمجهاڻي ڏين ۔۔۔
مٺا دوست، سڀ کان پهريان ته اوهان ڪهڙي مضمون سان لاڳاپيل ليک موڪليو ٿا ۔۔۔ مثال اوهان اسلام جي باري ۾ ڪو ليک موڪلڻ چاهيو ٿا ته؛ ”
اسلام زنده آباد“ واري سيڪشن تي وڃو، اتي وري اڃان سب سيڪشن ٺهيل آهن مثلن
”قرآن مجيد - حديث“ وغيره
هاڻ اوهان گهربل سيڪشن تي ڪلڪ ڪريو ته انجو پيج کلندو ۔۔۔
انکانپوءِ اوهان کي پيج جي مٿئين حصي ۾
”نئون موضوع“ جي عنوان سان هڪ خانو نظر ايندو ۔۔۔ ان خاني کي ڪلڪ ڪريو ته اوهانجي سامهون هڪ پيج کلندو ۔۔۔ مٿان عنوان لکڻو آهي ۽ هيٺ پنهنجو ليک ۔۔۔ جي ورڊ ۾ لکيو اٿوَ ته ڪاپي پيسٽ ڪريو ۽ جي سڌو سنئون لکڻ چاهيو ته به لکي سگهجي ٿو ۔۔۔
ليک لکي پورو ڪيو ته هڪ دفعو جاچ ڪري، غلطيون وغيره سڌاري ۔۔۔ هيٺ هڪ خانو آهي ۔۔۔
”جواب موڪليو“ انکي ڪلڪ ڪندا ته اوهانجو ليک هن فورم تي اچي ويندو ۔۔۔
آءُ سمجهانٿو ته اهو ئي سولو طريقو آهي ۔۔۔ وڌيڪ به جي ڪو مونجهارو هجي ته ”پڇڻا نه منجهڻا“ تي عمل ڪندا ته ٻيڙا ئي پار ۔۔۔
رب العالمين اوهاکي ساٿ سميت خوش رکي ۔۔۔ آمين
sindhsalamatsaathsal