• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي موبائيل جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي ضرورت نه پوندي۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جي ها توهان صحيح پڙهيو مون لکيو آهي۔۔۔ ”هاڻي موبائيل جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي ضرورت نه پوندي۔۔۔“
لڳي ٿو يوجن ڪمپني جو ڪو نمائندو پاڪستان جي دوري تي آيو ۽ هتي بجلي جهڙي ناپيد شيء کان متاثر ٿي اهڙي قسم جو چارجر ايجاد ڪيائين جيڪو سولر انرجي يعني سج جي ڪرڻن کي جذب ڪري توانائي پيدا ڪري ٿو۔۔۔۔

scoschesolbatii.jpg

مٿين تصوير مطابق توهان چارجر کي سج جي روشني ۾ گهمندي ڦرندي يا ڪم ڪندي سٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان ڏسندو ته Charge in وارو ڳاڙهو بٽڻ ٻرندو رهندو ۔۔۔ جنهن جو مطلب ته چارجر سج جي روشني کي جذب ڪري توانائي پيدا ڪري رهيو آهي۔۔۔ هاڻي جڏهن به ۽ جتي به توهان جي موبائيل جي بيٽري جواب ڏئي توهان موبائيل کي چارجر سان ڳنڍيو ۽ چارج آئوٽ وارو بٽڻ دٻايو ۔۔۔ توهان ڏسندو ته هڪ ننڍو سائو بٽڻ ٻرڻ شروع ٿي ويندو جنهن جو مطلب ته چارجر سج جي روشني مان تيار ڪيل توانائي توهان جي موبائيل جي بيٽري ۾ منتقل ڪري رهيو آهي۔۔۔
10 منٽن ۾ ئي توهان جي موبائيل جي بيٽري مڪمل چارج ٿي ويندي۔۔۔ ياد رهي ته هي چارجر يو ايس بي ڪيبل ذريعي ڪنيڪٽ ٿيندو آهي۔۔۔
ڪمپني هن جي تعارفي قيمت 30 پائونڊ رکي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪا خبر يقينن توهان نه وڻندي۔۔۔
پر سٺي خبر اها آهي ته اهڙي چارجر جي خبر چائنا تائين پهچي چڪي۔۔۔ :D:D
 
جواب: هاڻي موبائيل جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي ضرورت نه پوندي۔۔۔

سائين تمام بهترين ڳالهه ٻڌائي اٿوَ يعني عنقريب اسان جي هٿن ۾ پهچڻ وارو آهي ۔ سولر انرجي جون پليٽون مهانگيون ٿي پيون آهن نه ته پاڻ به ڪافي تجربه ڪري سگهون ٿا ۔
 
جواب: هاڻي موبائيل جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي ضرورت نه پوندي۔۔۔

الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
محترم ادارشيد صاحب جڙيا هجو شال۔
سائين تمام بهترين ڳالهه ٻڌائي اٿوَsindhsalamatsaathsal

sindhsalamatsaathsal

الله نگھبان
توهان جودعاڳو
مڪو پاڪ کـان
علي منير لوهار پاٽائي
 
جواب: هاڻي موبائيل جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي ضرورت نه پوندي۔۔۔

سٺي خبر اها آهي ته اها خبر چائنه وارن تائين پهچي چڪي آهي ها ها ها
 
Back
Top