تهذيب۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    تهذيب
    حليم بروهي

    پنهنجي دماغ ۾ اُٺ ويٺل آهي ته جا تهذيب اسانجي پنهنجي آهي، سا نه فقط دنيا جي سڀني تهذيبن کان مٿاهين آهي پر دنياجون سڀئي تهذيبون اسانجي پنهنجي انهيءَ تهذيب مان ئي ڄايون، نپنيون ۽ وڌي وڏيون ٿيون آهن. اها سوچ دنيا جي سڀني جاهل تهذيبنجي ماڻهن جي آهي. جيڪو ماڻهون جيترو وڌيڪ جاهل هوندو، سو اوترو ئي وڌيڪ پنهنجي تهذيب کي مٿاهين سمجهندو. تهذيبن، ٻولين۽ تمدنن ۾ جا ڦير ڦار ايندي رهي آهي، تنهن ڏانهن ڪو به نهارڻ لاءِ تيار ناهي. ستر اسي ورهين جي سراسري عمر تائين ماڻهونءَ جاذاتي ۽ مذهبي عقيدا به گهڻيئي دفعا بدلجي ۽ ڪلٽي کائي ويندا آهن، سو اوهان اندازو ڇو نٿا لڳايو ته مختلف تهذيبن جو سراسري ڪيئيصدين ۾ ڪهڙو حال ٿيو هوندو!
    صاف ظاهر آهي ته هر هڪ تهذيب جي رنگ روپ ۾ سوين ۽ هزارين تبديليون آيون هونديون. ڪا به تهذيب ساڳي نهرهي هوندي ۽ اڄوڪي هر هڪ تهذيب اڳتي هلي ساڳي نه رهندي. دراصل تمدن تهذيب فقط نالا آهن سوشيالاجي ۽ سوشل ورڪ قسمجا ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ. غور سان چئني پاسي نهاريو. اوهان ڏسندا ته هر هڪ سوشل ورڪ ۽ سوشيالاجي قسم جي فنڪشن جوچيئرمئن فقط اهڙو ڪو وڏو ماڻهون هوندو، جنهن جو سوشيالاجيءَ سان ڪڏهن ڪو پري جو به واسطو نه هوندو. سوشيالاجي ۽ سوشلورڪ قسم جا ڪم فقط وڏن ماڻهن کي وڏين ڪرسين تي ويهارڻ لاءِ بهانا آهن.
    پاڻ ڪنهن هوائي خيال کي تهذيب ۽ تمدن قسم جا نالا ڏيئي اهڙا چُهٽي پيا آهيون جو اسان جو خيال آهي ته دنيا جون سڀيئيتهذيبون فقط اسان جي انهيءَ وهم مان پيدا ٿيون آهن، جنهن کي پاڻ پنهنجي تهذيب چوندا آهيون. جنهن کي ايٿڪس چئبو هو، ساڪڏهوڪو مري وئي. جنهن کي ائسٿيٽڪس چئبو هو، سا غائب ٿي وئي. اڄ فقط عقيدو ۽ سائنس بچيا آهن، جيڪي اڃا هلي رهيا آهن. اهوڏينهن پري ناهي، جڏهن سائنس به غائب ٿي ويندي ۽ پاڻ پنهنجي عقيدي ۾ غائب ٿي وينداسين.
    اها عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجي تهذيب واري وهم ۾ مئٿس ۽ فزڪس لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. اهو ڪهڙو تماشو آهي جوپنهنجي تهذيب ۾ اوهان مئٿس ۽ سائنسون نٿا ڳڻيو؟ ڪو به سوشيالاجسٽ يا سوشل ورڪر مئٿس يا سائنس سان واسطو نٿو رکي. اهوچوڻ ته سوشيالاجي به هڪ سائنس آهي، هڪ وڏو ڍونگ آهي. هڪ وڏو دوکو ۽ ڪوڙ آهي. اهو هو اسٽيفن ليڪاڪ جو روح، جنهنجو مان ٻيو جسم آهيان. جي دنيا مان هليو وڃڻ منهنجي وس هجي ها ته مان ڪڏهوڪو هليو ويو هجان ها. جي دنيا ۾ نه اچڻ منهنجيوس هجي ها ته مان آيو ئي نه هجان ها. اهو هو عمر خيام جو روح، جنهن جي جسم جي مٽيءَ جو شايد ڪو ننڍڙو حصو منهنجي جسم۾ سمايل آهي.
    ساڳيو حال اوهانجي ٻوليءَ جو اوهان پاڻ ڪيو آهي. اوهان جو خيال آهي، بلڪه اوهان سدائين ضد تي رهيا آهيو تهاوهانجي ٻولي دنيا جي پهرين ٻولي هئي، جنهن سڄيءَ دنيا جي ٻين ٻولين کي جنم ڏنو. اوهان وٽ ٻولين جا ماهر ناهن، اوهان وٽ آهنسنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ماهر جن اوهانکي ۽ پاڻ کي پڏائڻ لاءِ پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو ۽ ٺاٺ باٺ سان ڇپايو ته پراڪرت مان پهرين سنڌيڄائي، جنهن سنسڪرت کي جنم ڏنو ۽ اوهان مان ڪو هڪڙو ڄڻو به نه کِليو. فقط اوهانجي ئي ادبي تهذيب ۾ ڪتابن جا مهورت ٿيندا آهن،جن ۾ گلن سان سينگاريل ٽوڪريءَ ۾ اهو ڪتاب آڻي تاڙيون وڄائبيون آهن ۽ پوءِ اهو ڪتاب مفت ۾ ورهائجي ويندو آهي. اها آهي سگههجا اوهانجي ٻوليءَ ۾ لکيل اوهانجي ڪتابن ۾ رهي آهي.
    جنهنکي ادارا چئبو آهي، سي نا اهليءَ جا اڏا آهن. اهي ادارا بند ڪري ڇڏيو ۽ ڏسو ته اوهانجي ماهرن جا ڪيترا ڪتاب ڪيرٿو ڇاپي، سندن ڪو ڪتاب وڪامجي به ٿو يا نه ۽ پوءِ اهي ماهر لکن به ٿا يا نه. سڀيئي غائب ٿي ويندا. پاڻ کي سمجهي وڃڻ گهرجي تهپنهنجي تهذيب فقط هٿ ملائڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. ڪتابن، لکا پڙهي ۽ سائنسن سان پنهنجو ڪو به تعلقنه رهيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو