• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هاڻي ايئر ڪنڊيشنڊ موٽر سائيڪل۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جي دوستو توهان ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ، بس، ٽرين ۽ ڪار ته اڳ ٻڌيون ۽ ڏٺيون به هونديون بلڪه انهن تي سفر پڻ ڪيو هوندو پر هاڻي توهان کي هڪ قدم اڳتي وڌجندي ٻڌائجي ٿو ته ايئر ڪنڊيشنڊ موٽر سائيڪل پڻ ايجاد ٿي چڪي آهي۔۔۔
موٽر سائيڪل تي سفر ڪندي جتي کليل هوا ۽ دلچسپ نظارن جو لطف ورتو ويندو آهي اتي جيڪڏهن اهڙي سواري تي سنڌ جي گرمي جي مند ۾ دادو کان نوابشاهه سفر ڪجي ته ڪهڙو حشر هوندو ان جو تصور ئي ڏڪائي ٿو۔۔۔۔
پر جيڪڏهن مالڪ سائين توهان کي هيٺين تصوير جهڙي موٽر سائيڪل ڏياري ته توهان ڇا محسوس ڪندو۔۔۔

timthumbphp.jpg

دوستو هي موٽر سائيڪل EntroSys نالي ڪمپني متعارف ڪرائي آهي۔۔۔ هتي مان هڪ وڊيو پڻ لڳائي رهيو آهيان جنهن جي ذريعي موٽرسائيڪل تي اها ايئر ڪنڊيشن 2 منٽن جي اندر لڳائي سگهڻ جو طريقو ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو ويو آهي۔۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=LnEibndWyQU

ته پوءِ هن گاڏي کي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان ڪمپني طرف رجوع ڪريو ٿا يا دعا لاءِ هٿ ٻاڏايو ٿا۔۔۔
 
جواب: ۽ هاڻي ايئر ڪنڊيشنڊ موٽر سائيڪل۔۔۔

سائين في الحال ته هٿ کڻڻا پوندا جو اها موٽر سائيڪل لڳي ٿو تمام سستي هوندي۔ ها باقي چائينا وارا ڪا مهرباني ڪري ان جو نعم البدل ٺاهين ته پوء ٿي سگهي ٿو هتان جا دوست به وٺڻ جي تياري ڪن۔
 
جواب: ۽ هاڻي ايئر ڪنڊيشنڊ موٽر سائيڪل۔۔۔

سائين رشيد صاحب اِن نئي ايجاد جي معلومات ڏيڻ تي اوهان جا لک لائق وڏي مهرباني۔​


shal judy hujeen​
 
Back
Top