موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا سبب عيد ڪارڊن جو رواج ختم 2911 اٽيچمينٽ ڏسو 2912 اٽيچمينٽ ڏسو 2913 اٽيچمينٽ ڏسو 2914 اٽيچمينٽ ڏسو موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا سبب سالن کان هلندڙ عيد ڪارڊن جو رواج ختم ٿيڻ لڳو آهي،عيد جي خوشين جي موقعي تي پنهنجن پيارن ڏانهن عيد ڪارڊ اماڻي خوشيون ونڊيندڙ پريشان ٿي وي آهن،گراهڪ گهٽجڻ ڪري دڪاندار توڙي هول سيل ڊيلرن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي عيد ڪارڊن جي دڪاندارن پنهنجا ڪاروبار بدلائي ڇڏيا نوجوان طبقي ۾سوشل ميڊيا،موبائيل ميسج ۽ ايم ايم ايس ذريعي هڪ ٻئي جي خوشين ۾شامل ٿيڻ جو رجحان وڌڻ لڳو تازي سروي موجب دوستن،عزيزن مٽن مائٽن،استادن ۽ پيارن کي عيد جي موقعي تي عيد ڪارڊ موڪلڻ وارو ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ رجحان گھٽجي ويو آهي،جنهن جو سبب موبائل ايس ايم ايس،ايم ايم ايس ۽ سوشل ميڊيا ٻڌايو پيو وڃي ان سلسلي ۾سروي دوران معلوم ٿيو آهي ته موبائل ايس،ايم،ايس ۽ ايم،ايم،ايس اچڻ بعد عيد ڪارڊ موڪلي مبارڪون ڏيڻ جورواج گھٽجھي ويوآهي پر مهانگائي به ان تي تمام گھڻا خراب اثر ڇڏيا آهن گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ٻِين ٻين شين سان گڏوگڏ عيد ڪارڊن جي اگھن ۾ پڻ ٻيڻ تي اضافو ٿي ويو آهي اڳ جيڪي ڪارڊ 5 رپيا 10 رپيا سٺا خوبصورت ڪارڊ 80 کان 150 رپين تائين هوندا هئا،جڏهن ته هن وقت بازار ۾ مذهبي،خوبصورت گل،اداڪارائن،سياسي پارٽين ۽ ٻارڙن جا رنگ به رنگي ڪارڊ مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن پر مهانگائي سبب سادو ڪارڊ 20 کان 30 رپين ۾ وچولو ڪارڊ 100 کان 150 رپين جڏهن ته عيد مبارڪ۽آءِلو يو جو آواز ڪندڙ ڪارڊ 300کان 400 رپين تائين وڪرو ٿي رهيا آهن هڪ پاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ته ٻئي پاسي عيد ڪارڊن جا اگھه تيزي سان وڌڻ سبب عيد ڪارڊن جي خريداريءَ جو رجحان ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو آهي ان سلسلي ۾ عيد ڪارڊ خريد ڪرڻ لاءِ آيل هڪ نوجوان ٻڌايو ته مٽن مائٽن ۽ دوستن ڏانهن ڪارڊ اماڻڻ لاءِ 12 عيد ڪارڊ خريد ڪرڻ آيو هيس پر مهانگائي سبب1000روپين ۾ 12 بدران رڳو 3 ڪارڊ مليا آهن ابو پئسا نه ٿو ڏئي ابو چوي ٿو ته مهانگائي سبب ڪپڙا بوٽ ۽ ٻي خريداريءَ سبب هاڻي عيد ڪارڊ نه ٿا خريد ڪري سگھون هڪ شاگردياڻي ٻڌايو تهعيد ڪارڊ مهانگا هجڻ ڪري خريد نه ٿي ڪري سگھان 5 کان وڌيڪ سهيليون آهن جيڪڏهن سڀني کي عيد ڪارڊ اماڻيان ته هزارن ۾ خرچ اچي ويندو،ان لاءِ موبائل ايس ايم ايس تي صرف 5رپين ۾ سوين ميسج ڪري سڀني کي واڌايون ڏئي سگھان ٿي ان ڪري هن عيد تي مهانگائي کان بچڻ جو سٺو رستو اهو آهي ته ميسيج ذريعي سهيلين ڏانهن عيد مبارڪ اماڻيان هڪ ٻي ڇوڪري ٻڌايو ته عيد ڪارڊ سوکڙي طور دوستن ڏانهن محبت جو اظهار ڪرڻ جو بهتر طريقو آهي پر مهانگائي سبب عيد ڪارڊ خريد نه ٿا ڪري سگهون جنهن جو ڏک آهي مهانگائي محبت آڏو رستا روڪي ڇڏيا آهن ڪارڊ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ٻڌايو ته عيد ڪارڊ دوستن مٽن مائٽن ۽ محبتي ماڻهن ڏانهن موڪلڻ جو رواج اسان جي معاشري جو حصو بڻجي چڪو هو پر اهو رواج هاڻ ختم ٿي ويو آهي مار پئي موبائل کي جيترو موبائل سهولت پيدا ڪئي آهي ايترو ئي نقصان ڪار به آهي موبائل تي ميسيج ذريعي عيد مبارڪ موڪلڻ سبب عيد ڪارڊن جي خريد جو رجحان ختم ٿيندو پيو وڃي جنهن سان اسان جي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي گفٽ جي دڪاندارن ٻڌايو ته عيد جي موقعي تي اڳ 5 ڀيرا مال کڻي ايندا هئاسين هاڻي مهانگائي سبب ماڻهو گفٽ خريد نه ٿا ڪن اڳ ۾ لکين روپين جو ڌنڌو ٿيندو هو هاڻي گراهڪ دڪان تي چڙهن ئي نه ٿا اهڙي صورتحال رهي ته شايد ايندڙ عيد تي دڪان بند ڪرڻا پوندا..هنن موجب اڳ هر عيد جي موقعي تي عيد ڪارڊن جو اسٽال لڳائيندا هئاسين پر هاڻي ڪارڊن وسيلي مبارڪ ڏيڻ جو رجحان گھٽجڻ ڪري هن سال عيد ڪارڊن جي اسٽال بدران ميڪ اپ چوڙين ۽ سينڊلن جو اسٽال لڳايا آهن
خط اچڻ يا عيد ڪارڊ ملڻ تي جيتري خوشي ٿيندي هئي اوتري موبائيل ميسيج يا ڪال ۾ ناهي ادا،اهو ڏاڍو رومانوي دور هو ۔۔