رت ڳاڙيندڙ ڪراچي جا اهلڪار ڇا پيا ڪن!؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    رت ڳاڙيندڙ ڪراچي جا اهلڪار ڇا پيا ڪن!؟

    2916 اٽيچمينٽ ڏسو
    ڪو ڏينهن نه ٿو گذري جڏهن ڪراچي ۾ ماڻهن کي ٽارگيٽ بنائي قتل نه ڪيو ويندو هجي. يا انڌا ڌنڌ تشدد، ڌماڪن، فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ نه ماريا ويندا هجن. جيڪڏهن چئجي ته هر روز لڳ ڀڳ درجن ماڻهو مارجي وڃن ٿا ته غلط نه ٿيندو. اهو سڄو تشدد بنهه ظاهر آهي پر ان ڪراچيءَ جي جسم کي اندران اڏوهيءَ وانگر کاڌو آهي.
    حڪومت سالئون سال امن امان لاءِ بجيٽ وڌائي آهي پر امن قائم نه ٿيو آهي ۽ تشدد جا واقعا هڪ رفتار سان ٿيندا رهن ٿا يا هر سال وڌن ٿا. فرقيواراڻو، سياسي يار وري نسلي تشدد کي ٻنجو ڪنهن به نه ڏنو آهي ان ڪري 2008ع کان وٺي هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، حڪومت، پوليس ۽ رينجرز ڪابه ڀروسي جوڳي حڪمت عملي نه ٺاهي سگهيون آهن ۽ ڏوهن ۽ دهشت گرديءَ خاص طور ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن.
    رڳو ڪراچي ۾ گذريل 6 مهينن اندر 1800 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ، خاص طور فرقيواراڻي نفرت هيٺ حملن ۾ مارجي ويا آهن. جڏهن ته گذريل سال جي رڳو 6 مهينن ۾ 1205 ماڻهو ان قسم جي واقعن ۾ مارجي ويا.
    انساني حقن واري ڪميشن آف پاڪستان ۽ ميڊيا جي رپورٽن موجب جنوري ۾ 291، فيبروري ۾ 271، مارچ ۾ 311، اپريل ۾ 262، مئي ۾ 278 ۽ جون ۾ 313 ماڻهو قتل ڪيا ويا.
    قانون لاڳو ڪندڙن جي ڏنل معلومات موجب جنوري 2013ع کان جون 2013ع تائين 110 قانون لاڳو ڪندڙن کي قتل ڪيو ويو. اهي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن جا واقع هئا جن ۾ انهيءَ عرصي دوران ايس ايس پي سطح کان سپاهين جي سطح تائين 100 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، 5 رينجرز اهلڪار، آرميءَ جا 2 سپاهي، نيوي جا 2 سپاهي ۽ هوائي فوج جو هڪ سپاهي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ويا.
    2 مهينا اڳ پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) بيس فيصل لنگهه وٽ هڪ بم حملي ۾ پي اي ايف جا 3 سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا. 11 مئي 2013ع تي نيا ناظم آباد ويجهو رينجرز جي هڪ چوڪيءَ تي آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 رينجرز اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا.
    نالو نه ڄاڻائڻ جي شرط تي هڪ سينيئر پوليس آفيسر ٻڌايو ته گهڻا پوليس وارا، جن کي قتل ڪيو ويو سي شهر ۾ دهشت گرديءَ خلاف تازي ڪنهن سرگرميءَ نه هئا بلڪه انهن مان گهڻا ڪنهن به دهشت گردي ٽوڙ يونٽ جو حصو نه رهيا آهن. دهشت گردن انهن کي رڳو ان ڪري قتل ڪيو ته جيئن سرڪاري اهلڪارن کي دهشت سٽيل بڻائي رکجي.
    دهشت گرديءَ جون اهڙيون گهڻيون وارداتون جن هنڌن تي ٿيون تن ۾ شامل آهن سهراب ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، سچل، گبول ٽائون، ملير سٽي، موچڪو، بلديه، مومن آباد، سعيد آباد، اورنگي، شارع فيصل، شاهه لطيف، قائد آباد، پير آباد ۽ ماڙيپور، ان پوليس آفيسر موجب اهي علائقا دهشت گردن جي هٽ لسٽ تي آهن.
    ڪرائم انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ ايس ايس پي فياض خان چوي ٿو ته اهي حملا ”قانون لاڳو ڪندڙن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن مورال ڪيرائڻ لاءِ ڪيا ٿا وڃن. پر اسان دهشتگردن، ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين“.
    ايس ايس پي چوڌري اسلم موجب تحريڪ طالبان پاڪستان لشڪر جهنگوي، لياري گينگسٽرز ۽ ٻيا مختلف گروپ اهڙن حملن ۾ ملوث آهن. جن جا ڪي گرفتار به ٿيا آهن.
    سٽيزن پوليس لائزن ڪميٽي چيف احمد چناءِ چيو ته شهرين جي سهڪار ۽ شاهدن جي اڳتي اچڻ بنا پوليس ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.
    وارداتن جي ايف آءِ آرز ۾ گهڻو ڪري جوابدارن کي اڻ ڄاتل لکيو وڃي ٿو. هڪ به اهڙو ڏوهاري سڳ سوڌو گرفتار نه ٿيو آهي ۽ ڪورٽ ڪنهن کي به سزا نه ڏني آهي
    . (ڊيلي ٽائمز جي ٿورن سان)

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    رت ڳاڙيندڙ ڪراچي جا اهلڪار ڇا پيا ڪن!؟

    2918 اٽيچمينٽ ڏسو

    ڪو ڏينهن نه ٿو گذري جڏهن ڪراچي ۾ ماڻهن کي ٽارگيٽ بنائي قتل نه ڪيو ويندو هجي. يا انڌا ڌنڌ تشدد، ڌماڪن، فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ نه ماريا ويندا هجن. جيڪڏهن چئجي ته هر روز لڳ ڀڳ درجن ماڻهو مارجي وڃن ٿا ته غلط نه ٿيندو. اهو سڄو تشدد بنهه ظاهر آهي پر ان ڪراچيءَ جي جسم کي اندران اڏوهيءَ وانگر کاڌو آهي.
    حڪومت سالئون سال امن امان لاءِ بجيٽ وڌائي آهي پر امن قائم نه ٿيو آهي ۽ تشدد جا واقعا هڪ رفتار سان ٿيندا رهن ٿا يا هر سال وڌن ٿا. فرقيواراڻو، سياسي يار وري نسلي تشدد کي ٻنجو ڪنهن به نه ڏنو آهي ان ڪري 2008ع کان وٺي هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، حڪومت، پوليس ۽ رينجرز ڪابه ڀروسي جوڳي حڪمت عملي نه ٺاهي سگهيون آهن ۽ ڏوهن ۽ دهشت گرديءَ خاص طور ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿيون آهن.
    رڳو ڪراچي ۾ گذريل 6 مهينن اندر 1800 ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ، خاص طور فرقيواراڻي نفرت هيٺ حملن ۾ مارجي ويا آهن. جڏهن ته گذريل سال جي رڳو 6 مهينن ۾ 1205 ماڻهو ان قسم جي واقعن ۾ مارجي ويا.
    انساني حقن واري ڪميشن آف پاڪستان ۽ ميڊيا جي رپورٽن موجب جنوري ۾ 291، فيبروري ۾ 271، مارچ ۾ 311، اپريل ۾ 262، مئي ۾ 278 ۽ جون ۾ 313 ماڻهو قتل ڪيا ويا.
    قانون لاڳو ڪندڙن جي ڏنل معلومات موجب جنوري 2013ع کان جون 2013ع تائين 110 قانون لاڳو ڪندڙن کي قتل ڪيو ويو. اهي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌماڪن جا واقع هئا جن ۾ انهيءَ عرصي دوران ايس ايس پي سطح کان سپاهين جي سطح تائين 100 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، 5 رينجرز اهلڪار، آرميءَ جا 2 سپاهي، نيوي جا 2 سپاهي ۽ هوائي فوج جو هڪ سپاهي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ويا.
    2 مهينا اڳ پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) بيس فيصل لنگهه وٽ هڪ بم حملي ۾ پي اي ايف جا 3 سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا. 11 مئي 2013ع تي نيا ناظم آباد ويجهو رينجرز جي هڪ چوڪيءَ تي آپگهاتي ڌماڪو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 رينجرز اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا.
    نالو نه ڄاڻائڻ جي شرط تي هڪ سينيئر پوليس آفيسر ٻڌايو ته گهڻا پوليس وارا، جن کي قتل ڪيو ويو سي شهر ۾ دهشت گرديءَ خلاف تازي ڪنهن سرگرميءَ نه هئا بلڪه انهن مان گهڻا ڪنهن به دهشت گردي ٽوڙ يونٽ جو حصو نه رهيا آهن. دهشت گردن انهن کي رڳو ان ڪري قتل ڪيو ته جيئن سرڪاري اهلڪارن کي دهشت سٽيل بڻائي رکجي.
    دهشت گرديءَ جون اهڙيون گهڻيون وارداتون جن هنڌن تي ٿيون تن ۾ شامل آهن سهراب ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، سچل، گبول ٽائون، ملير سٽي، موچڪو، بلديه، مومن آباد، سعيد آباد، اورنگي، شارع فيصل، شاهه لطيف، قائد آباد، پير آباد ۽ ماڙيپور، ان پوليس آفيسر موجب اهي علائقا دهشت گردن جي هٽ لسٽ تي آهن.
    ڪرائم انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ ايس ايس پي فياض خان چوي ٿو ته اهي حملا ”قانون لاڳو ڪندڙن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن مورال ڪيرائڻ لاءِ ڪيا ٿا وڃن. پر اسان دهشتگردن، ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين“.
    ايس ايس پي چوڌري اسلم موجب تحريڪ طالبان پاڪستان لشڪر جهنگوي، لياري گينگسٽرز ۽ ٻيا مختلف گروپ اهڙن حملن ۾ ملوث آهن. جن جا ڪي گرفتار به ٿيا آهن.
    سٽيزن پوليس لائزن ڪميٽي چيف احمد چناءِ چيو ته شهرين جي سهڪار ۽ شاهدن جي اڳتي اچڻ بنا پوليس ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي.

    وارداتن جي ايف آءِ آرز ۾ گهڻو ڪري جوابدارن کي اڻ ڄاتل لکيو وڃي ٿو. هڪ به اهڙو ڏوهاري سڳ سوڌو گرفتار نه ٿيو آهي ۽ ڪورٽ ڪنهن کي به سزا نه ڏني آهي.
    (ڊيلي ٽائمز جي ٿورن سان)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪراچي جا سُور ڪراچي رهواسي ئي ڄاڻين۔۔۔:eek:
    صبح کان وٺي رات تائين موت ۽ زندگي جي وچ ۾ رهندي هر وقت خوف ۽ دهشت واري ڪيفيت کي ڪراچي جو عام ماڻهو جنهن طرح ڀوڳي ٿو اها سندس دل کي ئي خبر آهي۔۔۔هر روز مختلف کُٽڪن ۾ زندگي گذاريندڙ امير توڙي غريب سڀ انهن ڪرپٽ ناڪاره ادارن جي موجودگي جي ڪري وحشين جي ور چڙهيل آهن۔ عجيب ڳالهه آ ته انهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خبر ئي ناهي ته اهي ٽارگيٽ ڪلر ڪير آهن؟ ڀتا خور ڪير آهن؟ ڪراچي جو ڪنٽرول ڪرڻ جي دعوا ڪنهن جي آهي؟ اڌ ڪلاڪ ۾ سڄو ڪراچي بند ۽ کولڻ جي طاقت ڪنهن ۾ آهي۔؟:confused:
    هڪ عام صدر جي ريڙهي واري کي به خبر آ ته دهشت گرد ڪير آهن پر افسوس اهي عوامي بجيٽ جي وڏو حصي تي پلجندڙ اسان جا ادارا سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به اڻڄاڻ آهن۔۔۔:(
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي ڪوس گهر ٿو لڳي ۔۔۔۔ خبر نه ٿي پوي ته ڪنهن مهل ۽ ڪٿان جا حالات خراب ٿا ٿين ۔۔۔۔ ڪراچي جا شهري هر وقت هڪ اڻڄاڻ خوف ۾ مبتلا رهن ٿا۔۔۔۔۔

    روشنين جو شهر هاڻ رت جي راند جو شهر بڻبو وڃي ۔۔۔ اهو شهر جنهن جا رستا ڪڏهن گلاب سان ڌوپبا هئا، هاڻي اهي انسانن جي رت سان ڀريل آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو