چوڏهين جو چنڊ ۽ ننڊ تي ناڪاري اثر

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    چوڏهين جو چنڊ انسان جي ننڊ جي قدرتي عمل تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو

    طبي ماهرن چيو آهي ته چوڏهين جو چنڊ انسان جي ننڊ جي قدرتي عمل تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن رات توهان کي پاسا بدلڻ تي به ننڊ نه اچي ته هڪ ڀيرو پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان جهاتي پائي ڏسو ته ڪٿي آسمان تي پورو چنڊ ته نه ٿو چمڪي. تازي طبي تحقيق جي نتيجي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوري چنڊ جي شڪل انسان جي ننڊ جي قدرتي عم تي ناڪاري اثر وجهي ٿي. سائنسي رسالي ڪرنٽ بائيلاجي ۾ شايع ٿيل تحقيق ۾ ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انسان جي جسم ۾ هڪ حيرت انگيز حياتياتي واچ موجود هوندي آهي جنهن کي سائنسدانن ڪلاڪ سرڪيولرز جو نالو آهي. ان وچ جي ٽڪ ٽڪ پوري چنڊ جي شڪل کان متاثر ٿيندي آهي تنهن ڪري پوري چنڊ جي راتين ۾ سمهڻ جو عمل سست پئجي ويندو آهي ۽ ننڊ اچن ۾ وقت لڳندو آهي يا وري گهري ننڊ ايندي آهي. پر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چنڊ جي تيز اڇي روشني اصل ۾ ننڊ جي خرابي جو سبب نه ٿي بڻجي پر ان جو سبب حياتياتي واچ آهي. جيڪا اسان جي جين سان ملندڙ آهي ڇو ته اها واچ آڳاٽي زماني ۾ پوري چنڊ جي راتين ۾ اسان جي وڏڙن کي خوني جنگلي جانورن جي حملي کان محفوظ رکڻ لاءِ کين سجاڳ رکندي هئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    زبردست سائنسي تحقيق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو