برقع ايونجر پاڪستان جي پهرين سپر هيروئن

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    برقع ايونجر پاڪستان جي پهرين سپر هيروئن
    2927 اٽيچمينٽ ڏسو
    پاڪستان جي پهرين سپر هيروئن هڪ برقعو پهريل عورت آهي جيڪا رات وقت تعليم جي دشمن سان جنگ ڪري ٿي ۽ ڏينهن ۾ شفقت ڀري استاد جو روپ ڪري پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائي ٿي.
    اهو سڀ ڪجهه پاڪستان جي پهرين اينيميٽيڊ سيريز برقع ايونجر ۾ شامل آهي جيڪا نجي ٽي وي جيو تي نشر ٿي رهي آهي. برقع ايونجر نالي هيءَ سيريز اڃا ٽي وي تي لانچ نه ٿي آهي پر ان هن وقت کان هلچل مچائي آهي. پاڪستان، جتي ڇوڪرين جي تعليم جي شرح 12 سيڪڙو کان به گهٽ ٻڌائي وڃي ٿي ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان پاران ڇوڪرين جا اسڪول تباهه ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
    13 قسطن تي مشتمل سيريز برقع ايونجر جي ڪهاڻي سرسبز ۽ شاداب جبلن سان وڪوڙيل فرضي شهر حلوه پور جي چوڌاري گهمي ٿي. ان جي ٻين ڪردارن ۾ 3 شاگرد شامل آهن جيڪي قلم ۽ ڪتاب جي مدد سان شرپسند بدمعاش بابا بندوق ۽ ان جي ساٿين خلاف ويڙهه ڪن ٿا.
    ڪهاڻيءَ جو هڪ ٻيو مرڪزي غنڊو وڏيرو پجيرو آهي. جيڪو هڪ ڪرپٽ سياستدان آهي.
    برقعي پوش هيروئن جو اصل نالو جيا آهي ۽ هن ڪراٽي جا داو پيچ پنهنجي پيءُڪيڊي جان کان سکيو آهي. پروگرام جو خالق پاڪستاني پاپ ڳائڻو هارون آهي جنهن گذريل سال برقع ايونجر تي ٻڌل هڪ آءِ فون جي گيم به لانچ ڪئي هئي. پر جيا ۽ برقعه ايونجر جوڪردار ايترو مضبوط ٿي ويو جو هڪ سڄي سيريز جو مواد بڻجي ويو. هارون جو چوڻ آهي ته اهو ٻارن تائين هڪ سگهارو پيغام پهچائڻ جو هڪ نهايت ئي دلچسپ طريقو آهي. برقعه ايونجر هڪ اهڙي رول ماڊل آهي جنهن جي اسان وٽ وڏي کوٽ آهي.
    پر حقيقي زندگي ۾ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ چند عورتون ان سان متفق ناهن. اسلام آباد جي عورت صحافي ماروي سرمد جو چوڻ آهي هڪ عورت کي اهڙي لباس ۾ مزاحمت جي علامت طور پيش نه ڪرڻ گهرجي. جنهن کي عورتن تي ڏاڍ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
    ماروي سرمد جي لفظن ۾ اها ڳالهه تباهه ڪندڙ آهي جڏهن اوهان چئو ته طات تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن جبر جي ڪنهن علامت جو سهارو ورتو وڃي.
    برقعه ايونجر جو پوسٽر: ان سيريز جي باضابطه تشهير کان اڳ ۾ ئي ان جا وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي چڪا آهن. هن چيو ”ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اوهان پاڪستان جي پوئتي پيل علائقن ۾ انهن عورتن جي ڪوششن کي بي مقصد قرار ڏيو جيڪي عورتن لاءِ وڙهي رهيون آهن ۽ جيڪي ڏاڍ جي انهن علامتن کي رد ڪن ٿيون. پر برقعه ايونجر جي اينيميشن انچارج طحٰه اقبال سمجهي ٿو ته سڀني ماڻهن کي ٽي وي سيريز جي نشر ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ٻئي سپر هيرو وانگر برقعه ايونجر جو به هڪ پس منظر آهي ۽ ان ڪردار جي برقعو پهرڻ جو به هڪ سبب آهي ان جي موسيقي لاءِ علي عظمت، جوش ۽ علي ظفر جو سهڪار به ورتو ويو آهي.

    (بي بي سي جي ٿورن سان)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر

هن صفحي کي مشهور ڪريو