سوچن جي سرڪڻ ۔۔۔ڪهاڻي سائين رسول بخش درس۔۔ 27 تاريخ صبح جو ننڊ مان سار ٿيس،اڃا ڪُجهه وقت آهي ڏاڙهي ٺاهي وٺان ڏاڙهي جو سامان کنيائين،صابڻ لڳائي بليڊ ڳوليائين،منهن لهي ويس،بليڊ کي به اڄ ختم ٿيڻو هو،پئڪيٽ خالي ڏسي مجبوري مان منهن ڌوئڻو پيس۔ رڌڻي ڏانهن وڌيو زالينس چانهه جي هنڍي لاهي هيٺ رکي،،پاڻ پيالو ڀري بنا کير چانهه جي سرڪ ڀرڻ لڳو۔چپن تي پيالو آڻيندي سليماني چانهه تي نظر پيس،ڪاري من حياتي جيان اونداهي،مٿس ڪيئن سجن جي سهائي پئي،پر سندس اوڻٽيهين جي اونداهي جهڙو رنگ نه بدلبو۔جوڻس سندس سندس منهن ۾ چتائي رهي هئي،سوڇن جي سرڪڻ مان نڪرندي چڱو ڀلا ٺپي وٺ ڪو لولو ته پُڄان آفس هوء رڳو ڳنڀير نگاهن سان رڪندي رهجي وئي۔ ڇو ڀلا ڪهڙو ڪارون جو خزانو ڏٺو اٿئي منهنجي منهن ۾؟جو اک به ڪانه ٿي ڇنڀين؟ ڏسان پئي ته تون ڪيئن نه ڏرندو پيو وڃين،منهن تي گهنج وڌندا ٿا وڃنئي،ٻيلي ڇڏ هي رينگٽ مونکي ٿي ٿئي دير تو کي انگل آرا ڪرڻ جي لڳي آهي۔ ها پر اڄ اٽو سڀ ڪي آهي ايترو آهي هينئر پچندو ته ٻنپهرن جو ٻار بُک مرندا،خير تو کي پچائي ٿي ڏيان لولو نه ته سڄو ڏينهن آفيس ۾ بُک مرندين پوء اسان جو کٽي ڀاڳ۔ ڪيڏو نه خيال اٿس ۔۔سکيو ستابو مائٽن جو گهر ڇڏي مون جهڙي بُکي سان انگ اڙيس،۔۔۔سدائين بُکون ٻارن جو راڙهو،ٿڪي به اهڙو ٿي جو رات جو ٽنگ به ڪانه ٿي چوري سگهي۔ جوڻس اڻڀي ماني ۽ چانهه سليماني جو ڪوپ اڳيان رکيس۔نوري تون۔۔۔۔۔۔تو کي مون پرڻي ڏُکن ۽ سورن جو ڏيج ڏنو آهي،تو ڏاڍا سور پٽيا آهن مون سان۔۔۔۔پر منهنجو ڏوهه به ڪهڙو آهي ڇا ڪريان؟ اوهان اهو ڇا ٿا سوچيو اوهان ئي ته ٻُڌايو هو ته هو سڀ سماج جي اوڻاين جي ڪري اهي،ڪُجهه هٿ سڄو ناڻو ڦٻائي ويهن ٿا ته پوء اسان جهڙن ماڻهن جا حال اهي هوندا۔ ها نوري پوء بوسا بصران ڪڍندي آهي،کير کتيجا کائيندي آهي۔ جوڻس کل ۾ ٻُڏي وئي۔۔۔هاهاها۔۔هاها۔۔اها ڳالهه يڪدم ياد اچي ويس پر سچي آهي به ايئن گهڻن جو کٽيو ٿورا کايو وڃن۔۔ چڱو آئون هلان ٿو سير کن اٽو ماما وارن کان وٺجان پوء ڏيندا سون۔ڳوٺ کان شهر ڏانهن ويندڙ واٽ تان گهيلجندو وڃي آفس پهتو جتي سندس انتظار پيا ڪن ڍير فائيلن جا ۽ در تي اک کتل آهي،کِٿل ڳيري جهڙي هيڊ ڪلارڪ جي پنج منٽ ليٽ ته ڳاڙهي پين حرڪت ۾ اچيو وڃي۔ آفس ۾ گهڙندي ئي فائيلن جي اروڙي کي هيٺ مٿي ڪري لڳي ويو ڪم کي،هيڊڪلارڪ جي سامهون رکيل ڪرسي دانهن ڪئي اک کڻي ڏٺائين۔۔۔۔ڪو سٺو متارو سيٺيو ڪرسي ڄمائي چڪو هو ڪجهه پلن کان پوء هيڊ ڪلارڪ رنڀ ڪئي مسٽر ڪمال هيڏانهن اچجو هي ليٽر رجسٽر ڪرائڻو آهي ۽ ها واٽ ۾ ٻه ڪوڪ به چوندو وڃج،بنا ڪڇڻ پُڇڻ جي هلڻ لڳو ڃڻ بٽڻ تي هلندڙ هُجي،جيڏانهن ورائينس پئي وري ،ڀيڻسان هي به ڪا حياتي آهي مون کي ٻاهر موڪلي ڪڍندس ڪو کارو رت،ڀريندو خالي کيسي ۾ ڳاڙها نوٽ،جڏهن کان پٽيوالو گُم آهي تڏهن کان هي مصيبت هيڪاري ماريو وجهي،ٽپال گهر به ڪو ويجهو هجي ته ٺهيو۔ ٽپال گهر ۾ گهڙندي ئي ٽپالي هڪ لفافو ڏانهنس وڌايو خط رجسٽر ڪرائي ٻاهر نڪتو،لفافو کوليائين( 29 تاريخ ادبي سنگت۔۔۔۔پاران ساڻس شام ملهائي ويندي)ڀاڙو گهڻو ٿيندو ڏهه روپيا ڪٿان ايندا؟بڪ اسٽال وٽان لنگهندي نه چاهيندي به ڪتاب ڏسڻ لئه وڌيو تازو رسالو ڏسندي،مار ٻن مهينن کان پوء پهتو،اسٽال وارو نماڻائي سان سائين اوهان ته پاڻ ليکڪ آهيو،خبر اٿو ته سنڌي ادب ڪيئن ٿو ڇپجي؟پوء خرچ به ڳاٽي ۾ ،مڙئي پيو ڪم هلي باقي حال ڪونهي قومي جذبو ڪر کنيو اچي۔ رسالو وٺي سنڌي ادب تي جبل جيڏو ٿورو ٿو ڪريان،پر کيسي جو حال روڪي ٿو۔۔۔سٽاء۔۔۔سندس ڪهاڻي تي اکيون ڄمي ويس،ويهه جو ڍُڪ ڀري رسالو رکي ڇڏيائين۔ ويندي ويندي سيٺ کي وري آزمائيندو وڃان من سولو موڊ هُجيس،سلام جو جواب به نه مليس،سيٺ صاحب پنج سير اٽو ڏي۔۔ موٽ ۾ سيٺ جون ڪروڌ ڀريون نگاهون سندس جيء ۾ گهاء وجهي ويون،هينئين ۾ هورا کورا اچڻ لڳيس پهرين خيال آيس ڏيانس ڇپ مٿي واري پوء ڏٺو ويندو وري ٻارن ۽ زال جو خيال ٿيس۔۔ پوء ڪيڏانهن ويندا ٻارڙا زال جو ڇا ٿيندو؟سيٺ جي ڇڙٻ ٻوري اڳتي وڌيو،شهر جي پُٺئين گهٽي ورتائين،وري آفيس ۾ ساڳيا فائيلن جا سٿا ۽ پاڻ۔۔وڌندو ويو۔ سندس ڀر مان هڪ گڏهه وارو ٽڪ ٽڪ ڪندو اچي لنگهيو جنهن پاسي واري کيسي مان ٻيڙي ڪڍي دُکائي تيئن ڏهين جو نوٽ جهولندو اچي پٽ تي پيو،گڏهه وارو ٽڪ ٽڪ ڪندو سوٽا هڻندو اڳتي وڌي ويو۔ سندس هٿن جهڪي نوٽ کي جهلي ورتو،باز جي چنبي ۾ ڳيرو اچي ويو۔ گڏهه ڪاٺيون وڪڻي ڏهه روپيا ورتا هوندائين سندس ٻچا اوسيئڙي ۾ هوندا،ته اٽو آڻيندو شيون آڻيندو،پر منهنجا به ته ٻچا آهن،اٽو به ڪونهي،،سنگت جي سڏ تي به وڃڻو آهي،نه نه نه ايئن نه ڪندس،آئون هيڊ ڪلارڪ جيون ڇڙٻون سهي اٽي جا پئسا وٺندس،بُک مرندس ٻن ڏينهن تائين ويلا ڪڍندس پر هن جي ٻچن جو رت نه پيئندس،نه نه وٽائنس رڙ نڪتي،او ڀائو گڏهه وارا او ڀائو بيهه اتي ڪجهه وکون اڳيان ويندڙ گڏهه وارو بيهي رهيو ۽ حيرت مان کيس ڏسڻ لڳو،هٿ مان ڏهه رپيا ڇڏائجي گڏهه واري جي تريء تي اچي ويا،جنهن جي اکين ۾ حيرت سان چمڪ اچي وئي،کيسي کي هٿ لاٿائين ۽ ٿوري لاهڻ لئه ڪڇيو پر ڪمال پنهنجي ڌُن ۾ اڳتي وڌي ويو،آفيس۔۔اٽو۔۔۔شام۔۔۔هيڊ ڪلارڪ جي ڪاوڙ۔۔۔۔مسئلا۔۔۔مسئلا۔۔۔۔رڳو مسئلا۔۔۔۔سوچن جو سمنڊ اُٿلي پيو،ڪن تي پڙاڏا هئس هيڊ ڪلارڪ جي رڙين جا،ميان مسخري کڻي مچائي اٿئي روز روز اُڌار،اڄ ڏيئين ٿوپر ٻيهر پن پن منهنجي اڳيان نه ڪجان ۔۔۽ آفس ٻري رهي هئي۔۔۔