خرابي سسٽم ۾ نه پر اسان ۾ آهي..روزانه مهراڻ، روزاني جيجل، عوامي آواز

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2013۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ڪائنات جو نظام، هن دنيا جو نظام، انساني نظام، سياسي نظام، معاشرتي يا سماجي نظام، اڃا به الائي جي ڪيترا نظام آهن جن جي چوگرد زندگيء جو نظام گردش ڪندو رهي ٿو، يا اهي نظامَ زندگيء جي چوگرد گردش ڪندا رهن ٿا. ٻين نظامن کي رکئون ٿا پاسي تي ڇاڪاڻ جو انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ پنهنجي وس جي ڳالهه ناهي. پاڻ ڳالهه ڪنداسون ان نظام جي جنهن ۾ اسين پنهنجو جيون گھاري رهيا آهيون. “معاشرتي يا سماجي نظام.” انهيء نظام کي اسين پنهنجي روزمره جي زندگيء ۾ عام اصطلاح ۾ سسٽم سڏيندا آهيون، جيئن اسان مختلف شين جي نندا ڪندي اهو چوندا رهندا آهيون يا چوندي ٻڌندا رهندا آهيون ته يار سسٽم ئي خراب آهي، هيء شيء هينئن نه هونئن هجڻ گھرجي ها وغيره وغيره. سو ڏسڻو اهو آهي ته ڇا واقعي اهو سسٽم خراب هو، يا اسان هٿ سان انکي خراب ڪيو آهي. پر ان کان پهريان جو پنهنجي ان سسٽم جي وڌيڪ وضاحت ڪجي، ان لفظ جي عام فهم وضاحت يا ٻين لفظن ۾ ڊيفينيشن کي سمجھڻ ضروري آهي. سسٽم جي وضاحت ڪجھ هن ريت آهي ته، “ شين جو يا ڪارگذارين جو اهڙو مجموعو جيڪي پاڻ ۾ ملي ڪري هڪ مربوط سرشتي جو حصو بڻجي وڃن يا پاڻ ۾ هڪ قسم جو تاڃي پيٽو ٺاهين ته ان کي سسٽم سڏجي ٿو.”
    هاڻ پنهنجي چوگرد ڏسجي ته اهي ڪهڙيون شيون آهن يا اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسانجي زندگيء جي سرشتي جو حصو بڻجي هڪ سسٽم ٺاهين ٿيون، جنهن کي اڳتي هلي اسين پاڻ ان سسٽم جا موجد ئي انجي بابت دانهون ڪندا رهون ٿا. اسانجي ان معاشرتي نظام جو بنياد جن پهلوئن تي رکيل آهي انهن مان سڀ کان پهريان اسين تعليم کي ٿا وٺئون. جنهن معاشري ۾ تعليم ناهي اهو معاشرو به ڪو سڌريل معاشرو سڏبو؟ تعليم جنهن کي اسان سماج جو زيور سمجھئون ٿا انجو حشر اسان اهو ڪيو جو يونيورسٽين ۾ روز روز بائڪاٽ ڪري، پنهنجي ئي ڏنل فيز مان ورتل پوائنٽون ۽ آفيسون ساڙي، سڄي اداري جو ٻيڙو ٻوڙي آخر ۾ اسين اهو ئي ٻڌندا ۽ چوندا نظر اچون ٿا ته يار هت جو ته سسٽم ئي خراب آهي.
    سُڌريل معاشري جي فردن جي سڀ کان پهرين نشاني اها آهي ته هو ڪٿي به وڃن، ماڻهن جي پِيهه هجڻ جي سبب هو قطار ۾ لڳي پنهنجي واري جو صبر سان انتظار ڪندا رهن ٿا. انکي “ڪِيُو ڪلچر” پڻ چئجي ٿو، جيڪو اسانوٽ ايندڙ سوء کن سالن تائين پهچي ويندو. ڇاڪاڻ جو پاڻ کي ته قطار ۾ بيهڻ اچي ئي ڪونه. ڪو به ادارو هجي، مثال طور ٽرين جي ٽڪيٽ وٺڻي هجي يا هوائي جهاز جي، شناختي ڪارڊ ٺاهرائڻو هجي يا پاسپورٽ، يوٽيلٽي بل جمع ڪرائڻو هجي يا بئنڪ ۾ ڪو چالان جمع ڪرائڻو هجي، ڪنهن ڊاڪٽر وٽ چڪاس لاء وڃڻو هجي يا پبلڪ ٽوائليٽ استعمال ڪرڻو هجي، انهن مثالن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهڙا موقعا اچن ٿا جن ۾ اسين صبر سان ڪم وٺي پنهنجو وارو اچڻ جي بجاء پنهنجا ذاتي واسطا هلائڻ، قطار کي ٽوڙڻ ۽ ٻين لاء تڪليف جو باعث بڻجڻ کان ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ڪيٻائيندا آهيون. پوء به اسين اهو ئي ٻڌندا ۽ چوندا نظر ايندا رهون ٿا ته يار هت جو ته سسٽم ئي خراب آهي.
    موٽر سائيڪل يا ڪار غلط پاسي هلائڻ يا غلط جڳهه تي پارڪ ڪرڻ کانپوء جڏهن ٽريفڪ پوليس وارو اچي مٿان ڪڙڪندو آهي ته اسين پشيمان ٿيڻ جي بجاء پنجاهه جي نوٽ سان پوليس واري جو کيسو گرم ڪيون اِجھو روانا ٿي ويندا آهيون. شهر ۾ مختلف چونڪن تي لڳل سگنلن تي به الائي ته ڇو گورنمينٽ ايڏو خرچو ڪندي رهندي آهي. صبر ته اسانکي اچڻو آهي ئي ڪونه پوء سائي بتي ٻرڻ جو انتظار ڇا جو؟ حيدرآباد جي راڻي باغ واري چونڪ تي نئون سگنل صرف ٻه مهينا مَسَ ڪم ڪڍي سگھيو. پر ان جي هوندي سوندي به پوليس وارو ٻانهون ڌوڻيندو رهيو سگنل ڳاڙهو سائو ٿيندو رهيو پر اسانجي مٿي ۾ جونئن به ڪانه رڙهي. پر حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته اسانوٽ سگنل هجڻ جي باوجود به پوليس واري جي ضرورت پوي ٿي. معنى گورنمينٽ ٻيڻو کرچ ڪري سگنل به هڻايو، پوليس وارو به رکيو ته مَنَ اسان سُڌري پئون پر هر هيلو ناڪام، نه پاڻ کي سگنل جي بتي نظر اچي نه وري پوليس وارو. ان صورت ۾ ڪو حادثو پيش اچڻ کانپوء اسانجي رَڙ پئي پوندي آهي ته يار هت جو ته سسٽم ئي خراب آهي.
    اسڪول هجڻ جي باوجود اسين ٻارن کي ٽيوشن ڏانهن لازمي طور تي موڪليندا آهيون ته جيئن ٻار اڃا وڌيڪ پُختو ٿي پوي. پر پوء به لڳ ڀڳ اَسي سيڪڙو ٻار ڦرا هڻي پاس ٿيو مائٽن جي آڏو اچي سُرخرو ٿين ٿا. هاڻي اهڙن ٻارن کي نوڪري به تڏهن ملندي جڏهن کين ڪجھ ايندو هوندو. نوڪري نه ملڻ جي صورت ۾ اسين وري پنهنجو سياسي اثر رُسوخ هلائي پئسا ڏوڪڙ خرچ ڪري پنهنجي ٻارن کي اعلى عهدن تي پهچائڻ کان وسان نه گھٽائيندا آهيون. پُٽڙي کي جيئن تيئن آفيسر بڻائي سُرخرو ته ٿي وياسين پر ڪڏهن اهو نه سوچيو ته سورهن سترهن سالن جي پڙهائيء ۽ خرچن پکن کانپوء به اسانکي سفارش يا پئسي هلائڻ جي ضرورت ڇو پيش پئي. ان ڳالهه تي سوچڻ جي بجاء اسان پيا ان سسٽم جي خلاف ڳالهائينداسين ته يار سسٽم ئي اهڙو آهي، هلي ئي پئسو ٿو، ميرٽ جو ته نالو ئي ناهي پوء ڇا ڪجي ڀلا.
    لائين مينن جون ماهوار خرچيون مقرر ڪري ڪُنڍا هڻائي ڇهه ڇهه ايئر ڪنڊيشنرز هلائي، بجليء جو ٻيڙو ٻوڙي، پوء اوندهه ۽ مڇرن ۾ ويهي پيو منهن مٿو پِٽبو ته يار مري ويا آهيون هڪ ته گرمي ٻي لوڊ شيڊنگ، سسٽم ئي خراب آهي هتان جو ته.
    پنهنجي ئي سسٽم جا اهي ڪجھ پهلو بيان ڪرڻ کانپوء گھڻي ڀاڱي ڳالهه واضح ٿي وئي ته اهو سسٽم آهي ڪهڙي بلا، ڪيئن ٺهيو، ڪنهن ٺاهيو، اهو ڪم ڪيئن ٿو ڪري، ان ۾ ڪهڙيون خرابيو آهن، انهن خرابين جو ڪارڻ ڪير آهي. سو ڳالهه کي کُٽائيندي ائين کڻي چئجي ته مٿي بيان ڪيل سسٽم جي ڊيفينيشن مطابق انهن سڀني پهلوئن ملي ڪري اسانجي زندگيء جو هڪ سسٽم هڪ نظام ٺاهيو ۽ انهن سڀني ڪارگذارين کي سرانجام ڏيڻ وارو ڪير؟ اسين. پوء منهن مٿو پِٽڻ وارو ڪير؟ اسين. ڪرتوت اسانجا ڏوهه سسٽم جو. مطلب ته خرابي سسٽم ۾ نه پر اسان ۾ آهي. سو سسٽم تي ڏوهه مڙهڻ جي بجاء اسانکي پنهنجي رهڻي ڪهڻيء کي اسان جي ئي ٺاهيل سسٽم مطابق گذارڻ جي نه پر ان سسٽم کي پنهنجون عادتون مٽائي صحيح سمت ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
    http://dailymehran.net/?page_id=30&pid=1450
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واقعي ئي سچ ٿا چئو ۔۔۔ خرابي نظام ۾ پر نظام هلائيندڙ ۽ ڪردارن جي ڪري ٿيندي آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    مهرباني ادا۔ لک لائق
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو