• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسان جي فطرت مان فائدو وٺڻ جا انوکا طريقا۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
انسان جي فطرت به عجيب آهي ۔۔۔۔ مون کي ياد آهي ته جڏهن مان ڪراچي جي هڪ پلازه ۾ رهندو هيم ته مون سان گڏ هڪ دوست به هوندو هو جيڪو هفتي ۾ شايد ئي ٻه چڪر وهجندو هجي۔۔۔ پر جڏهن پلازه انتظاميه ٻڌايو ته مٿي واٽر ٽانڪي تائين پاڻي پهچائيندڙ موٽر خراب ٿي پيو آهي ان ڪري مهرباني فرمائي ٽن ڏينهن تائين پاڻي استعمال ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺو ته مون کي پوري طرح ياد آهي ته انهي دوست انهن ٽن ڏينهن ۾ 10 دفعا غسل ڪيو هو۔۔۔ پڇا ڪرڻ تي ٻڌائيندو هو ته متان پاڻي ختم ٿي وڃي۔۔۔
ساڳي نموني انسان جي فطرت کي صحيح دڳ ڏئي انيڪ فائدا به وٺي سگهجن ٿا۔۔۔
ٻاهرين ملڪ ۾ هڪ مارڪيٽ جي مارٽ جي ڏاڪڻ نما لفٽ ڪمزور ٿي وئي ۔۔۔ مارڪيٽ انتظاميه پروگرام رٿيو ته خريدارن کي ڪهڙي طرح في الحال لفٽ واري ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي جو ان ڳالهه کي برو به نه سمجهيو وڃي۔۔۔ آخر کين هڪ ترڪيب سوجهي ۔۔۔ هن وڊيو ۾ موجود ان ترڪيب کي توهان به ڏسو۔۔۔
نوٽ: وڊيو هلائڻ کان اڳ پنهنجي لائوڊ سپيڪر جو آواز ضرور کوليو۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=2lXh2n0aPyw

ڀلا هن وڊيو کي ڏسو ته ڪهڙي نموني ماڻهن کي ڪچرو ڊٻي ۾ اڇلائڻ لاءِ ترغيب ڏني پئي وڃي۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=cbEKAwCoCKw
 
جواب: انسان جي فطرت مان فائدو وٺڻ جا انوکا طريقا۔۔۔۔

ادا جيڪڏهن هتي اسان وٽ ائين هجي نه ته اسان ان جا گهنٽي پاور پلڪ ڪڍي کڻي گهر هليا اچون

ها ها ها ها ها
 
جواب: انسان جي فطرت مان فائدو وٺڻ جا انوکا طريقا۔۔۔۔

سچي ڳالهه؛
ڪجه سال ئي اڳ، ڳوٺ رتيڪوٽ (لاڙڪاڻي) جي ڀر مان ويندڙ هڪ رستو ٿي ٺهيو ۔۔۔ ان رستي تي هڪ ننڍڙي پل ٿي ٺهي ۔۔۔ هڪ ڏينهن ٺيڪيدار ويچارو لوهه ۽ پڪيون سرون کڻائي ڪم واري جاءِ تي رکي ويو ۔۔۔ ٻي ڏينهن تي شايد موڪل هئي ۔۔۔ ٽين ڏينهن تي آيو ته نه لوهه نه سرون ۔۔۔ ڪاريءَ وارا ڪک ۔۔۔ ٺيڪيدار جا تاڪ ئي لڳي ويا ته انهن ئي ڳوٺ وارن جي سهولت لئه ڪم پيو ٿئي جنهن واه مان سندن عورتون پاچا مٿي ڪري ٽپنديون هيون اتي پل پئي ٺهي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جا ڪم!!! آهي نه سوچڻ جي ڳالهه۔۔۔!!!
سو ادا فقير يار! سچ چيو اٿئي ۔۔۔
 
Back
Top