جيون ناگا ساڪي۔ ڪهاڻي۔ رسول بخش درس رات ڪافي لڙي چُڪي هئي سندس هلڪي اک لڳي وئي ته وري سار ٿي پيس،گهڙيال جو ڪانٽو اڌ رات ٽپائي چُڪو هو،پر اڃان رئيس جو پتو ئي نه هو،ٽيوب لائيٽ جي کير جهڙي روشني ۾ سندس هٿن جي ميندي اڃان به چٽي ٿي پئي هئي،اڃان هفتو نه ٿيو آهي اباڻن کي ڇڏيندي پر لڳي ٿو ورهيه لنگهي ويا آهن۔موڪلائڻ مهل ماڻس جا چيل لفظ ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳس"مٺي ڌيء سُهريجن ۾ وڃي اسان جي عزت مٿي ڪجان،حيا هٿن مان نه ڇڏجان هو وڏا ماڻهو آهن پاڻ غريب لوئيء لڄ رکجان"۔ گهوٽ جي گهر ۾ آئي ته پاڻ کي بادشاهي محل ۾ محسوس ڪيائين تمام وڏو گهر نوڪر چاڪر، ٻانهيون، ٻايون، پاڻ راڄ راڻي ٿي آئي هئي۔ پهرين رات کيس وٺي وڃي سندس ڪمري ۾ پهچايائون ۽ اها سُهاڳ رات لانڪس ڪيڏي نه ڀوائتي هئي،اڪيلائي ۾ ڀريو تريو ڪمرو به کائڻ ٿي آيس دل ۾ آيس" وٺي دانهون ڪري،ڪو ته ايندو اچي سندس اڪيلائي دور ڪندورات به ڪيڏي نه ڊگهي ٿي وئي آهي،سُهاڳ رات جي اڪيلائي ۽ سندس ور رئيس وليداد اوطاق ۾ يارن سان جشن پي ملهايا،ويهاڻيء رات نشي ۾ ڌُت ٿي اچي سيڄ تي ڪريو ته پاسو به نه ورايائين،ڪُنوار جي حواسن تي دارونء جي ڌپ ڇائنجي وئي،رئيس جي کونگهرن تي سندس دل مان اوڪارا اچڻ لڳا ته باٿ روم ۾ هلي وئي منهن تي ڇنڊا هڻي سامت ۾ آئي صوفي تي آهلي پئي۔ صبح جو ٻانهيون کيس وٺي وڃي سس وٽ ڇڏي آيون،رئيسياڻي ڪنوار کي ڀر ۾ ويهاريو" ڪنوار ڀلي ڪري آئين جي ڪري آئين۔۔ هوء چُپ ڪيو ويٺي رهي ڪجهه دير ۾ سندس پنج ئي نڻانون آهستي آهستي رڙهي آيون ڳالهيون سندس جيء ۾ ولوڙا وجهڻ لڳيون،بس هڪ ئي آس آهي الله شل ڪو ڍول پُٽ ڄڻي هي هن وٺل وستي جو ڪو وارث ڄڻي ڏي ته اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿي پوندا،شل جُڙي هُجين ستابي هُجين۔ هڪ نڻان پيلي چهري تان اڇي چڳ هٽائيندي مايوسيء مان چيو"ڪنوار اسان جي ڀاء جيون اڳيون سڀ زالون صفا ستيون جتيون،سنڍ نڪتيون،جهڙيون آيون تهڙيون پنهنجن ڪمرن ۾ پيون آهن نه مئن گڏ نه جيئرن گڏ۔ اُن مهل سندس پيلي چهري تي پيڙاء جو پڙلاء پيو ڪنوار کي لڳو عمر وڏي ٿي وڃڻ ڪري وڳرڻ لڳي آهي،ٻي چوڻ لڳي"اسان پنجن ڀيڻن مٿان اهيو هڪ ڀاء ڄائو،بابو ويچارو سندس خوشيون به نه ڏسي سگهيو،سڄي راڄ ڀاڳ جو اڪيلو وارث ٻيو مٽ نه مائٽ،اڃان کيس ته اولاد به ڪونهي،هاڻي ته تو ۾،ئي سڀ آسون اُميدون آهن ته هن گهر جو والي وارث ڄڻي ڏينديئن نه ته وري به ۔۔۔ وٽائنس ڇرڪ نڪري ويو "وري به ڇا"؟؟ سج چڙهي آيو پر گهوٽينس کي اڃان سار نه ٿي کيس ڳهريل ڏسي وڏي نڻان پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وئي"سڄي رات اوجاڳو ڪيو هوندئي آرام ڪر ادو ته هونئن به منجهند جو جاڳندو۔ پلنگ تي ليٽي ته اکيون هلندڙ پکي ۾ کُپي ويس،دماغ به پکي سان گڏ ڦرڻ لڳس،وارث مونکي پيدا ڪرڻو آهي نه ته وري؟؟؟ مائٽن تي جکون اچڻ لڳس،ڪيئن نه ماٺ ميٺ ۾ کيس گهاڻي ۾ اُڇلائي ڇڏيائون ايئن ته وهٽ به نه وڪامندو آهي۔ پوء سڄو هفتو لنگهي ويو سندس گهوٽ روز رات لڙيء اچي ڊهي پوندو هو،ڪڏهن ٻه اکر ڳالهه ٻولهه به نه ٿي ڪري سگهي،ڪري به ته ڇا ڀر ۾ دارونء جي ڌپ هاڻو هڪ لاش پيو هُجي ته سوچڻ لڳي،ڇا ٿيندو؟وارث ڪيئن پيدا ٿيندو؟پوء رئيس کي ماڻس وري گهوٽ ڪندي ۽ پاڻ هڪ ڪمري ۾ هميشه لئه قيد ٿي ويندي ته وجود ۾ وڍ پئجي ويس وهم ورائي ويس پر رئيس سڄي رات ٻاهر ڪري به ڇا ٿو؟ڪٿي هوندو آهي؟ اهو سوال هو جنهن سندس لنئون لنئون ڪانڊاري ڇڏي هُئي ٻانهي جي ڳالهه دل تي هُري آيس" سانئڻ رئيس شاديء لئه بلڪل تيار نه هو پر وڏي رئيسياڻي اڳيان ڪُڇي نه سگهيو۔ اهو ڏينهن ياد پيس جڏهن سندس گهر اڳيان وڏي رئيسياڻي ڪارون قطاري اچي بيٺي هُئي،سندس سڱ گهُرڻ مهل رئيسياڻي ڪيڏو نه خوش هُئي،ماڻس سندس اڳيان مُجرم ٿي بيٺي هُئي،ڌيء پڻهين رئيس جي ٿورن ۽ دٻدٻي جي بار هيٺ غرق ٿي ويو آهي ،اکيون پوري ڇڏيون اٿس رئيس ته رئيس آهي پر وڏي رئيسياڻي کي ڪير جواب ڏي۔ هوء رڳو ماء کي اکيون کڻي ڏسي رهي هُئي ۽ ماڻس اکيون ڦيرائي ٿي ڇڏيون۔ " ڌيء آئون ڇا ٿي ڪري سگهان؟پڻهين زبان ڪري ويٺو آهي اسان جي عزت تو وس آهي،متان ڪو اوکو لفظ ڪڍين جو لکيو هوندو سو ٿيندو،پوء رئيس جو آندل جوڙو کيس پهرايو ويو ته بدن کي باهه وٺي وئي هُيس۔۔ جاڳي جاڳي بيزار ٿي پئي ته ڪروڌ جي بٺيء ۾ جلڻ لڳي حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ويس،اُٿي بيٺي ۽ آهستي حويلي مان ٻاهر نڪرڻ لڳي گهر ۾ چُپ چپات سڀ ڀاتي ننڊ جي ڀاڪرن ۾ هئا،هوء هُئي جا ٻاٻرن تانڊن تي ٻري رهي هُئي،پاڻ مُرادو سندس قدم ورانڊي تائين ڇڪجي آياسامهون اوطاق جي ونٽيليٽر مان روشني ڏسڻ ۾ اچي رهي هُئي۔ دل ۾ آيس ته منهن واهه ڪري ڀڄي وڃي رات جي اونداهه ۾ هميشه لئه گُم ٿي وڃي،وري به وسوسا سنگهرون بنجي ويا،دل جهلي اوطاق جي پُٺ ڏانهن وڌي دريء جي ويجهو ٿي بيٺي،مدهوش آواز چٽا ٻُڌڻ ۾ اچي رهيا هُئا"شمن جڏهن کان تون مليو آهين تڏهن کان منهنجي دُنيا ئي بدلجي وئي آهي""ڇڏيو رئيس اوهان جا وڏا وڙ آهن،منهنجي حيثيت ئي ڇا هُئي اوهان جي اڳيان؟اوهان جي مهرباني آهي نه ته هر رات محفلن ۾ ٽڪي جي ماڻهن اڳيان هڪ روپئي لئه ڏهه ڏهه جهمريون هڻڻيون پونديون هيون پوء به ايڏا نخرا ڪندا هُئا،واهه سُهڻا واهه ٺمڪو ته هڻ،هي ڇير جا وڍ اڃان چٽا آهن۔ شمن تو واري اُستاد ڏاڍو نٽايو اٽڪل بازي ڪيائين پر ٻه لک اڳيان رکيامانس ته گگ ڳڙي پيس،مون جڏهن تو کي پهريون ڀيرو ميلي ۾ نچندي ڏٺو ته دل وڃائي ويٺو هُئس ۽ سنگت سان وچن ڪيم ته شمن رُڳو مون وٽ سونهين ٿو هر ڪنهن اڳيان نچڻ نه ڏيندو مانس منهنجي اوطاق تي اهڙو معشوق ئي ٺهندو ۽ اڄ اوطاق ڏس جرڪي پئي نه؟مون ته نئين شادي ڪئي آهي پر اڃان زال جو منهن به نه ڏٺو آهي؟۔ رئيس پوء شادي ڪئي ڇو؟ اڙِي من امان چري آ هرو ڀرو اولاد اولاد کپي اسان جو اهيو چئنل ئي ناهي،اسان ته پنهنجي شمن لئه سڀ مُحبتون ميڙي رکيون آهن،اُن ۾ ٻيو ڪو به حصيدار نه ٿو ٿي سگهي،مڙئي امان ٻه ڏينهن جيئري آهي تيستائين دل رکي اٿمانس،کيس رنج نه ڪندو آهيان شمن کانسواء اسان اڌورا آهيون۔ دريء جي پردي کي ٿورو سرڪائي ڏسڻ لڳي ٽيبل تي خالي گلاس ۽ بوتلون پيون هيون ۽ پلنگ تي رئيس جي ڪڇ ۾ ڪو ڳورو ڳٽو ڇوڪرو هو ۽ رئيس الف اُگهاڙو کيس چهٽيو پيو هو۔ کائنس ڪيهه نڪري وئي ۽ ڌڙام ڪري ڪِري پئي ٿوري دير ۾ سڄي حويلي گڏ ٿي وئي هوء بيهوش پئي هُئي ۽ سڀ کيس هوش ۾ آڻڻ جا جتن ڪري رهي هُئا۔۔