شاعر شيخ اياز

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    شاعر شيخ اياز

    آءُ ڪـڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته چنڊ اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي! اُن ۾ اِهو ڇا آهــي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ مادي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ چون ٿا ته حسن ڪـــــــــــــــوئي دائمي قدر نه آهي، ان جي تصور ۾ زمان ۽ مڪان جي فاصلي سبب ڪيتروئي اختلاف آهـــــــــي. پر مان پڇان ٿو ائين ڇو آهي ته دؤر قديم کان وٺي اڄ تائين چنڊ کي حسين سمجھيو ويو آهي؟ اهڙو ڪوئي به دؤر ۽ اهڙي ڪائي به جاءِ نه آهي، جتي انسان چنڊ کي حسين نه سمجھيو هجي. اُن ۾ اهو ڇا آهي، جنهن کي اسان حسن چئون ٿا؟ ۽ انسان ۾ اهو ڇا آهي جو ان جي حسن کان يڪدم متاثر ٿي وڃي ٿو؟ انهن ٻن سوالن جو جواب مون لاءِ خودشناسيءَ جو درجو رکي ٿو. ڇوته اِن کانپوءِ مان سمجهي سگھنـــــــــــــــــدس ته مان شاعر ڇو آهيان .

    جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي) ــــــــــــ شيخ اياز

    .......................................................................................


    مون اونهي آڪاش ۾ ڪَتيءَ ڏانهن ڏسي، ڪَر موڙيا، ۽ من ۾ چيو، ”هيءَ گھڙي اَمر آهـــــي. هيءَ گھڙي وري نه ايندي، مگر مرندي ڪڏهن به نه! هيءَ گھڙي مان آهيان، مان اَمر آهيان، آدجڳاد کان آهيان. هيءَ گھڙي ساريءَ سرشتيءَ جي سونهن آهي ۽ اُن سونهن جو مقام منهنجي ساھ ۾ واسو آهي. هيءَ گھڙي ڪوئي ٽئگور جو گيت آهي، هيءَ گھڙي شاھ لطيف جو بيت آهي، هيءَ گھڙي اَبد اهي، اَزل آهي، منهنجو ۽ خــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــدا جو وجود آهي ـــــ لازوال آهي!“
    (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي) ــــــــــــــ شيخ اياز

    ....................................................................................................

    اُٿي اور الله سان

    جڳ سان ناتو ٽوڙ، ناتو جوڙ الله سان،
    اڄ ته مهاران موڙ، ڏاچي پنهنجي ڏيهه مان!

    سيني ۾ الله جو، هڪ ئي آ آواز،
    آهه اهوئي راز، هن پوري آفاق جو!!

    تون ئي مُنهنجي ساهه ۾ تون ئي آن ويساههُ،
    تون جو آنهه الله، مون کي مونکان ويجهڙو!

    اڳي کان اڳتي هُئين، پُهچي جِتِ نه خيال،
    تُنهنجِي مامَ محال، ويجهي کان ويجهو هُئين!

    ڦُوڪَ ڏئي ڏيئي جيان، وِسائين سنسارُ،
    تون ئي اُپائڻهار،جِئَڻ مَرڻ تو وس ۾!

    تون ئي الرحمان آن، تون ئي آنهه رحيم،
    تو بِنِ آئون يتيم، هن اونهي اسرار ۾
    .....................................................................................................

    ڪجھ راهرو نڪـري ويا، هــر ڪـاروان پُٺـتــي ڇــڏي

    ڪجھ راهرو نڪـري ويا، هــر ڪـاروان پُٺـتــي ڇــڏي،
    مُنهن تي مِٽي، گُـل جـھول ۾، پُهتا پرينءَ جي پار ڏي.


    تُون ننڊ ۾ تُون جــاڳ ۾، تنهـنـجـي لگـــن ۾ مـن مگن،
    هــر رات تــو لَــئـه ٿــي رڙي، هـر صبح توکي ٿو سڏي.


    هي يادگيريون يار جون، هــن سـاھ جي سينگار جون،
    گويا سوين تارا ڪَتيون پکـــڙڻ لڳا منهنـجــي تـــــڏي.

    هــــــــي جـــام آ مــــنـهــنـجــو خــيـالِ خــام آ، بــدنــــام آ،
    جُڳ جُڳ جيئين، جي تون پيئين، ڍُڪ ڍُڪ ڇڏي توکي اڏي

    ............................................................................

    قيد هستي کي ڪيئين ڊاهيان مان

    قيد هستي کي ڪيئين ڊاهيان مان
    مارئي جي پڪار آهيان مان
    اڄ ٿڪجي پيو هان،چئو ڪيسين
    زندگي جو ڳاھ ڳاهيان مان
    ڪنهن گل نو بهار سان گڏجي
    آشيانو الڳ ٿو ٺاهيان مان
    زندگي ٿي وئي آ مٺڙو گيت
    ڪنهن ڪنول سان پيو نڀاهيان مان
    عمر گذري وئي اياز الا!
    مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.

    ...............................................................................

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    هن سر جي گدلي سينور ۾
    هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ
    ۽ ڪوبه چڪور انڌاري ۾
    جي اڏري ٿو ته دروهي آ
    هي ڏوهه نه آهي ماڻهوءَ جو
    مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    هي ڏوهه نه آ آڪاش ڇڏي
    مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان
    هوءَ سانجھي جا ست ـ رنگي هئي

    مون ڪانه قبولي سج ڪنان
    ٿو آگم آگم ٿي اڀران
    ۽ ڪرڻا ڪرڻا ٿي برسان

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    هُو ڌُوتا تنهنجي ڌرتيءَ جا
    پوءِ صوفي ها يا جوڳي ها
    مان گھاٽي بڙ جيان ڇانوَ ڪئي
    هو ٺانگر سارا ٺوڳي ها
    مون روز سگهارا گيت چيا
    هو راڳي تنهنجا روڳي ها

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    هيءَ ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي
    هيءَ ڪاري چوٽي پانڊي جي
    مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ
    ٻئي آگ اجھاڻيل ٽانڊي جي
    سڀ دين ڌرم جي ڌوڪي ۾
    ٿا کوٽ ڀرن کاڻانڊي جي

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    هي ڏوهه نه آ هن ڌرتيءَ جو
    مون دل جي ديول جوڙي آ
    تون نفرت جي ديوار کنئي
    مان ان جي پاڙ اکوڙي آ
    مان ڳاتا گيت محبت جا
    مون واڳ وطن جي موڙي آ

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    ٿو سڏ ڏيان هر سڏڪي کي
    تون جاڙ ڪرين مان ماڙ ڪيان
    تون چيتي جيان چنگار ڪرين
    مان راڱي وانگر راڙ ڪيان
    مان تنهنجو وچتر ويري هان
    ٿو توتي ترڇي تاڙ ڪيان

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    تون پويون جھوٽو پت جھڙ جو
    مان ڳڙها ڳڀ بهارن جا
    تون ڇوت نه لاهين پاڇي کي
    مان ڳايان گيت چمارن جا
    جت ڪٽ ڪڙهي جت لوهه رجي
    ات ڌنوڻا ڌنوڻيءَ وارن جا

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    مون گيت چيا ها ڪويل ٿي
    ڪلهه ڪيسوڦل جي ٽاريءَ جا
    ٿو جھر مر جھر مر گيت چوان
    ڪي گيت ڏجھايل ڏاٽن جا
    ڪي گيت هپايل هارن جا

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    جنهن وقت اُٻَن ۾ اوسر ٿي
    ڪي اسروند اچن ٿا پيا
    ۽ آنڌيءَ مانجھيءَ اوٻر ۾
    هي سارا کيت پچن ٿا پيا
    ٿو آءٌ وڏي ويڙهاند ڏسان
    ۽ منهنجا انگ نچن ٿا پيا

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    جنهن وقت لڪن ۾ لوساٽيل
    انسان ڳلين مان نڪرن ٿا
    جنهن وقت دکن ۾ دونهاٽيل
    مخزدور ملن مان نڪرن ٿا
    مان پنهنجي تند تپايان ٿو
    ۽ درد دلين مان نڪرن ٿا


    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن


    مون آزديءَ جي سئن هنئي
    مون لاٿا طوق غلامن جا
    هي گيت هئا يا جادو ها
    زنجير ٽُٽا ايامن جا
    سڀ موتي سمجھي چونڊن ٿا
    اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا


    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن

    مون ڏات انوکي آندي آ
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان
    ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن
    ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان
    ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن
    تون هيڻو آن هٿيارن سان

    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن


    تون مونکي ڦاهيءَ چاڙهيندين
    مان توکان مور نه مرڻو هان
    گنجار ڪندي جا مونکان پوءِ
    تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو هان
    ٻيو چارڻ بڻجي چنگ کڻي
    مان ورڻوهان، مان ورڻو هان

    سي پهرين ڏوهه سڏجن ٿا
    هي ڏاها ڏيهه ـ ڏيا آهن
    مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن


    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آهن
    ............................................................

    ٻي خبر ناهي...

    ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
    جان ۾ جان رهي نه رهي منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون
    زندگي تلخ آ، هجي ته هجي، روح ۾ سئو ملاهتون رهنديون
    سرحدِ غم قريب آ اي دوست، ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون
    تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيسيتائين دوست، ابن آدم جون جنتون رهنديون

    ...............................................................................

    روئڻ سان جي رهن ها سپرين

    روئڻ سان جي رهن ها سپرين
    مان نيڻين نير نه روڪيان ها
    مان ڳوڙها ڳاڙهي ڳايان ها
    مان وک وک وار وڇايان ها

    گهر گهوريان ها ورُ واريان ها
    مان سهسين سانگ رچايان ها
    روئڻ سان جي رهن ها سپرين

    اڄ ڏور ويا ڪالهه ڀرسان ها
    گهنگهور گهٽا ٿي برسان ها
    مان سارا چارا ميٺيان ها
    مان بدلي بڻجي برسان ها

    روئڻ سان جي رهن ها سپرين
    مان نيڻين نير نه روڪيان ها

    ...........................................................................................

    اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ

    اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
    جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو

    ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ ـــــ مُـئا، هُو رُڃ ــــــ مُئا جي اُڃ ــ مُئا
    ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ ــــــــ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .

    ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
    آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو

    ...................................................................

    سنڌ پو ڀي ڀلي

    ساڳ پنهنجو پلي،سنڌ پو ڀي ڀلي،
    ڀاڳ واري سدا ڀون تي ڀر جهلي

    تو چيو سنڌڙي مون چيو جندڙي،
    مون پرولي سلي!مون پرولي سلي!

    پريت ليلا به آ،پريت ڪونرو به آ
    پريت پرکي ته ڪا مون جيان دل جلي

    وک وتري ڪيو ٿي اچي،ٿي اچي،
    هو جهڙالي هوا،هو گلابي گلي

    سنڌ مرڻي نه آ،اي اياز آ اڃا،
    اڃ جو آسرو،ڪا ته پاڻي کلي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو