اڄوڪي ڏينهن 4 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 4 آگسٽ 1899ع اردو جي مشهور شاعر تبسم صوفي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1919ع ليکڪ ليکو تلسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1922ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1929ع اداڪار ۽ ڊانسر رميش جنجاڻي (خيرپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1939ع شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد امين الزمان فهيم جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1939ع شاعر مستانو محمد شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1939ع اردو جي ناليواري شاعر، ڊراما نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1945ع صحافي غلام محمد کهڙو (ڦلجي اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1948ع سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1950ع شاعر جڳديش نماڻو (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1967ع شاعر زاهد ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شهزاد جاگيراڻي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 آگسٽ 1991ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي جي وفات ٿي. 4 آگسٽ 1999ع گلوڪار اخلاق احمد جو انتقال ٿيو. 4 آگسٽ 2000ع نامياري اداڪار محمود صديقي جو انتقال ٿيو. 4 آگسٽ 2015ع هند ۽ سنڌ جو نامياروي شاعر، ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش ديهانت ڪريويو. حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
تنهنجي ياد جي وري آ وير! جي ايم خاصخيلي ﺳﻨﮅﻱ ﺗﻮڙﻱ ﺍﺭﺩﻭ ڊﺭﺍﻣﻦ ﺟﻲ ﻟﻴﺠﻨڊ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﮐﻲ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﮀڙﻱ 15 ﺳﺎﻝ ﮔﺬﺭﻱ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﻮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮﺳﺘﺎﺭﻥ ۽ ﺳﺎﭤﻲ ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺩﻟﻴﻦ ۾ ﺯﻧﺪﻩ ﺁﻫﻲ . ﻟﮙﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻣٽﻦ ﻣﺎﺋٽﻦ، ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺗﻮڙﻱ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺍﺳﺎﻥ ﻣﺮﺩﻩ ﭘﺮﺳﺖ ﻗﻮﻡ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﮐﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﻩ ﻫﻮﻧﺪﻱ ۽ ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ڏﮐﺌﻲ ﻭﻗﺖ ۾ ﻳﺎﺩ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ . ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻲ ﻓﻨﻲ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﻭﺟﻬﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫُﻦ 1970 ﻉ ۾ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺟﻲ ڊﺭﺍﻣﻲ ﺑﺪﻣﻌﺎﺵ ۾ ﻣﺮڪﺰﻱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻨﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ . ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻮ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﺳﮑﺮ ۾ ﮔﺬﺭﻳﻮ . ﭘﺎﮠ ﺳﭽﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ ﺍﻧٽﺮ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﭘڙﻫﺎﺋﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺧﻴﺎﻝ ﺭﮐﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﭤﮡ ﻭﻳﻬﮡ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭘﺎﺭٽﻲ ۾ ﺷﻤﻮﻟﻴﺖ ڪﺌﻲ . ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ 6 ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺳﮑﺮ ﺳﻴﻨٽﺮﻝ ﺟﻴﻞ ۾ ﻗﻴﺪ ﭘﮡ ڪﺎٽﻴﻮ . 1969 ﻉ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺗﻲ ﺗﺤﺮﻳڪ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻫﺌﻲ، ﺍﻥ ﺗﺤﺮﻳڪ ۾ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺣﺼﻮ ﻭﺭﺗﻮ . ﺳﮑﺮ ﺟﻴﻞ ۾ ﻗﻴﺪ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﻬﺎﻥ ڪﻮﻱ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻴﺦ ﺍﻳﺎﺯ ۽ ﭖ ﭖ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ﭤﻴﻮﻥ . ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣڪﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻭڪﻴﻞ ﺑﮣﻴﻮ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﮐﻴﺲ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲﺀَ ﻭﺍﺭﻱ ﮐﺎﺗﻲ ۾ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺑﻪ ﻣﻠﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺑﻌﺪ ۾ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻻﮘﺎﭘﻦ ڪﺮﻱ ﮐﺴﺠﻲ ﻭﺋﻲ . ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻮﻥ ﭔﻪ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﮐﻴﺲ ﺍﻭﻻﺩ ﻧﻪ ﻫﻮ . ﮐﻴﺲ ﺍﺻﻞ ﺷﻬﺮﺕ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺟﻲ ﺍﺭﺩﻭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ”ڪﺎﺭﻭﺍﻥ “ ﮐﺎﻥ ﻣﻠﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ 1986 ﻉ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﺟﻮ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﭘﮡ ﻣﻠﻴﻮ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺩﻳﻮﺍﺭﻳﻦ “ ۽ ڊﺭﺍﻣﺎ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺟﻨﮕﻞ “ ۾ ﻓﺎﻟﺞ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﻳﺾ ﻭﺍﺭﻭ ڪﺮﺩﺍﺭ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﻮ . ﻫُﻦ ڪﺠﻬﻪ ﻓﻠﻤﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﻲ ڊﺭﺍﻣﻦ ۾ ﭘﮡ ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻱ ۽ ﺻﺪﺍڪﺎﺭﻱ ڪﺌﻲ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﻫڪ ﻧﺠﻲ ﭼﺌﻨﻞ ﻻﺀِ ﺍﺭﺩﻭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﻧﻬﻠﻲ ﭘﻲ ﺩﻫﻼ“ ﭠﺎﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ 26 ﻟﮏ ﺧﺮﭺ ﺁﻳﻮ . ﺍﻫﻮ ڊﺭﺍﻣﻮ ﭘﺮﺍﺋﻴﻢ ٽﺎﺋﻴﻢ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻠﻴﻮ . ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺍﻥ ﭼﺌﻨﻞ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﮐﻴﺲ ﭘﺌﺴﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﻴﺎ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ڊﺭﺍﻣﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﺑﺰﻧﺲ ﺑﻪ ڪﻴﻮ . ﺍﻥ ﭼﺌﻨﻞ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻲ ﺑﺤﺮﺍﻥ ۾ ﺍﭼﮡ ڪﺮﻱ ﭔﻴﻦ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﺎ ﺑﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﭔڏﻱ ﻭﻳﺎ . ﺍﻫڙﻱ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ۾ ﭘﺌﺴﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﭘﺴﻲ ﻻﺀِ ﭘﺎﮠ ۽ ﭔﻴﻦ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮﻥ ﺍﺣﺘﺠﺎﺝ ﺑﻪ ڪﻴﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻮ ﮐڙﺗﻴﻞ ﻧﻪ ﻧڪﺘﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ڏﮎ ۽ ﺍﻓﺴﻮﺱ ۾ ﺑﻴﻤﺎﺭ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ . ﺩﻝ ﺟﻲ ﺗڪﻠﻴﻒ ۽ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﺳﺒﺐ 4 ﺁﮔﺴٽ 2000 ﻉ ۾ ﻫڪ ﻧﺠﻲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ۾ ﺩﻡ ﮄﮢﻲﺀَ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺳﻨﺪﺱ ﺁﺧﺮﻱ ڊﺭﺍﻣﻮ ” ﻗﺮﺑﺘﻮﻥ“ ﻫﻮ . ڊﺭﺍﻣﻲ ” ﺟﻨﮕﻞ“ ۾ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﮠ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺗﻪ ﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ ﭘﺮ ” ﺟﻨﮕﻞ“ ڊﺭﺍﻣﻲ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻱ ڪﺮﮠ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ ﻋﺮﺍﻕ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﻐﺪﺍﺩ ۾ ” ڊﺭﺍﻣﺎ ﻓﻴﺴٽﻴﻮﻝ “ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﺟﻮ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ 170 ﻣﻠڪﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﻥ ﺷﺮڪﺖ ڪﺌﻲ ۽ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻣﺎﻥ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ڪﺌﻲ