اڄوڪو ڏينهن 4 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 4 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 آگسٽ 1899ع اردو جي مشهور شاعر تبسم صوفي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1919ع ليکڪ ليکو تلسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1922ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1929ع اداڪار ۽ ڊانسر رميش جنجاڻي (خيرپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1939ع شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي نشين مخدوم محمد امين الزمان فهيم جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1939ع شاعر مستانو محمد شاھ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1939ع اردو جي ناليواري شاعر، ڊراما نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1945ع صحافي غلام محمد کهڙو (ڦلجي اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1948ع سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1950ع شاعر جڳديش نماڻو (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1967ع شاعر زاهد ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شهزاد جاگيراڻي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 آگسٽ 1991ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي جي وفات ٿي.
4 آگسٽ 1999ع گلوڪار اخلاق احمد جو انتقال ٿيو.
4 آگسٽ 2000ع نامياري اداڪار محمود صديقي جو انتقال ٿيو.
4 آگسٽ 2015ع هند ۽ سنڌ جو نامياروي شاعر، ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش ديهانت ڪريويو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
تنهنجي ياد جي وري آ وير!
جي ايم خاصخيلي

ﺳﻨﮅﻱ ﺗﻮڙﻱ ﺍﺭﺩﻭ ڊﺭﺍﻣﻦ ﺟﻲ ﻟﻴﺠﻨڊ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﻣﺤﻤﻮﺩ
ﺻﺪﻳﻘﻲ ﮐﻲ ﺍﭲ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﮀڙﻱ 15 ﺳﺎﻝ ﮔﺬﺭﻱ ﻭﻳﺎ
ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﻮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮﺳﺘﺎﺭﻥ ۽ ﺳﺎﭤﻲ
ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﺩﻟﻴﻦ ۾ ﺯﻧﺪﻩ ﺁﻫﻲ . ﻟﮙﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﺗﻪ
ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺳﺎﻝ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻣٽﻦ
ﻣﺎﺋٽﻦ، ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺗﻮڙﻱ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ﻭﺳﺎﺭﻱ ﮀڏﻳﻮ
ﺁﻫﻲ . ﺍﺳﺎﻥ ﻣﺮﺩﻩ ﭘﺮﺳﺖ ﻗﻮﻡ ﺁﻫﻴﻮﻥ، ﻓﻨڪﺎﺭﻥ ﮐﻲ
ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﻩ ﻫﻮﻧﺪﻱ ۽ ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ڏﮐﺌﻲ ﻭﻗﺖ
۾ ﻳﺎﺩ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ .
ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻲ ﻓﻨﻲ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﻭﺟﻬﻨﺪﺍﺳﻴﻦ
ﺗﻪ ﻫُﻦ 1970 ﻉ ۾ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺟﻲ ڊﺭﺍﻣﻲ ﺑﺪﻣﻌﺎﺵ ۾
ﻣﺮڪﺰﻱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻨﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ
ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ڪﺌﻲ . ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻮ ﻧﻨﮃﭘﮡ
ﺳﮑﺮ ۾ ﮔﺬﺭﻳﻮ . ﭘﺎﮠ ﺳﭽﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ ﺍﻧٽﺮ
ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﭘڙﻫﺎﺋﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺧﻴﺎﻝ ﺭﮐﻨﺪڙ
ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﭤﮡ ﻭﻳﻬﮡ ڪﺮﻱ ﻫڪ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭘﺎﺭٽﻲ ۾
ﺷﻤﻮﻟﻴﺖ ڪﺌﻲ . ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ 6 ﻣﻬﻴﻨﺎ
ﺳﮑﺮ ﺳﻴﻨٽﺮﻝ ﺟﻴﻞ ۾ ﻗﻴﺪ ﭘﮡ ڪﺎٽﻴﻮ . 1969 ﻉ ۾
ﺳﻨﮅﻱ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺗﻲ ﺗﺤﺮﻳڪ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻫﺌﻲ،
ﺍﻥ ﺗﺤﺮﻳڪ ۾ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺣﺼﻮ ﻭﺭﺗﻮ . ﺳﮑﺮ ﺟﻴﻞ
۾ ﻗﻴﺪ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﺟﻮﻥ ﻣﻬﺎﻥ ڪﻮﻱ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻴﺦ ﺍﻳﺎﺯ ۽
ﭖ ﭖ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ
ﭤﻴﻮﻥ . ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣڪﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ
ﻭڪﻴﻞ ﺑﮣﻴﻮ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﮐﻴﺲ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲﺀَ
ﻭﺍﺭﻱ ﮐﺎﺗﻲ ۾ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺑﻪ ﻣﻠﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺑﻌﺪ ۾ ﺳﻴﺎﺳﻲ
ﻻﮘﺎﭘﻦ ڪﺮﻱ ﮐﺴﺠﻲ ﻭﺋﻲ . ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻮﻥ
ﭔﻪ ﺷﺎﺩﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ، ﺟﻦ ﻣﺎﻥ ﮐﻴﺲ ﺍﻭﻻﺩ ﻧﻪ ﻫﻮ . ﮐﻴﺲ
ﺍﺻﻞ ﺷﻬﺮﺕ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺟﻲ ﺍﺭﺩﻭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ”ڪﺎﺭﻭﺍﻥ “
ﮐﺎﻥ ﻣﻠﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ 1986 ﻉ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ
ﺟﻮ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﭘﮡ ﻣﻠﻴﻮ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﺳﻨﺪﺱ
ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺩﻳﻮﺍﺭﻳﻦ “ ۽ ڊﺭﺍﻣﺎ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﺟﻨﮕﻞ “ ۾
ﻓﺎﻟﺞ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺮﻳﺾ ﻭﺍﺭﻭ ڪﺮﺩﺍﺭ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﻮ .
ﻫُﻦ ڪﺠﻬﻪ ﻓﻠﻤﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻳڊﻳﻮ ﺟﻲ ڊﺭﺍﻣﻦ ۾ ﭘﮡ
ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻱ ۽ ﺻﺪﺍڪﺎﺭﻱ ڪﺌﻲ . ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﻮﺩ
ﺻﺪﻳﻘﻲ ﻫڪ ﻧﺠﻲ ﭼﺌﻨﻞ ﻻﺀِ ﺍﺭﺩﻭ ﺳﻴﺮﻳﻞ ” ﻧﻬﻠﻲ ﭘﻲ
ﺩﻫﻼ“ ﭠﺎﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ 26 ﻟﮏ ﺧﺮﭺ ﺁﻳﻮ .
ﺍﻫﻮ ڊﺭﺍﻣﻮ ﭘﺮﺍﺋﻴﻢ ٽﺎﺋﻴﻢ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻠﻴﻮ . ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺍﻥ
ﭼﺌﻨﻞ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﮐﻴﺲ ﭘﺌﺴﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﻴﺎ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ڊﺭﺍﻣﻲ ﺗﻤﺎﻡ
ﮔﻬﮣﻮ ﺑﺰﻧﺲ ﺑﻪ ڪﻴﻮ . ﺍﻥ ﭼﺌﻨﻞ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻲ ﺑﺤﺮﺍﻥ ۾
ﺍﭼﮡ ڪﺮﻱ ﭔﻴﻦ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻣﺤﻤﻮﺩ
ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﺎ ﺑﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﭔڏﻱ ﻭﻳﺎ . ﺍﻫڙﻱ ﺻﻮﺭﺗﺤﺎﻝ ۾
ﭘﺌﺴﻦ ﺟﻲ ﻭﺍﭘﺴﻲ ﻻﺀِ ﭘﺎﮠ ۽ ﭔﻴﻦ ﭘﺮﻭڊﻳﻮﺳﺮﻥ
ﺍﺣﺘﺠﺎﺝ ﺑﻪ ڪﻴﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﺟﻮ ﮐڙﺗﻴﻞ ﻧﻪ ﻧڪﺘﻮ، ﺟﻨﻬﻦ
ڪﺮﻱ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ڏﮎ ۽ ﺍﻓﺴﻮﺱ ۾ ﺑﻴﻤﺎﺭ ﭤﻲ
ﭘﻴﻮ . ﺩﻝ ﺟﻲ ﺗڪﻠﻴﻒ ۽ ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﺳﺒﺐ 4 ﺁﮔﺴٽ 2000 ﻉ
۾ ﻫڪ ﻧﺠﻲ ﺍﺳﭙﺘﺎﻝ ۾ ﺩﻡ ﮄﮢﻲﺀَ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ .
ﺳﻨﺪﺱ ﺁﺧﺮﻱ ڊﺭﺍﻣﻮ ” ﻗﺮﺑﺘﻮﻥ“ ﻫﻮ .
ڊﺭﺍﻣﻲ ” ﺟﻨﮕﻞ“ ۾
ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﺮﮠ ﺗﻲ ﮐﻴﺲ ﭘﻲ ٽﻲ ﻭﻱ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﺗﻪ ﻧﻪ
ﻣﻠﻴﻮ ﭘﺮ ” ﺟﻨﮕﻞ“ ڊﺭﺍﻣﻲ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭﻱ ڪﺮﮠ ﺗﻲ
ﮐﻴﺲ ﻋﺮﺍﻕ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﻐﺪﺍﺩ ۾ ” ڊﺭﺍﻣﺎ ﻓﻴﺴٽﻴﻮﻝ “ ۾
ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﺩﺍڪﺎﺭ ﺟﻮ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ 170
ﻣﻠڪﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﻥ ﺷﺮڪﺖ ڪﺌﻲ ۽ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ﻣﺎﻥ
ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ڪﺌﻲ
 
Back
Top