شب قدر هزارين مهينن کان بهترآهي

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ سلمان حسين فاروقي طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2013۔

  1. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    هونئن ته پوري رمضان المبارڪ جي هر رات ۽ هر ڏينهن رحمت خداوندي جو نزول ٿيندو آهي. پر انهن ڏينهن ۽ راتين ۾ هڪ اهم ترين رات، شب قدر آهي، جنهن بابت پاڻ الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو آهي: ”بي شڪ! مون قرآن ڪريم کي شب قدر ۾ لاٿو آهي. اوهان کي معلوم آهي ته شب قدر ڇا آهي؟ شب قدر هزارين مهينن کان بهتر آهي. هن ۾ روح (امين) ۽ فرشتا پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر امر خير کي کڻي زمين تي لهن ٿا، شب قدر جي رات فجر تائين سلامتي ئي سلامتي آهي.“
    هونئن ته آسماني صحيفن ۽ ڪتابن جو نزول قرآن کان اڳ به ٿيندو رهيو آهي. پر قرآن حڪيم دنيا جو واحد آسماني ڪتاب آهي، جنهن ۾ خطاب سڄي ڪائنات ۽ انسان سان آهي.
    قرآن هڪ معجزو:

    الله تبارڪ و تعاليٰ مختلف زمانن ۾ پنهنجي ٻانهن جي اصلاح ۽ هدايت جي لا پنهنجا پيغمبر موڪليا ۽ ان جي رسالت ۽ نبوت جي دليل طور ، انهن کي معجزات عنايت ڪيا. ڪوبه پيغمبر اهڙو ناهي جنهن کي معجزو عطا نه ٿيو هجي. پر حضور ﷺ جي معجزن جي ڪثرت جو اهو عالم هو ته هن جو احاطو انساني طاقت کان خارج آهي. قرآن هڪ معجزو آهي، پر ان جي اندر هزارين معجزا آهن، حضور ﷺ کان اڳ ٻين نبين عليه السلام پنهنجي پنهنجي زماني ۾ معجزا ڏيکاريا. پر انهن معجزن جو وجود صرف انهن جي دنيا ۾ حياتي تائين رهيو، ان کانسوا انهن جا معجزا گهڻو ڪري حسي هئا جن کي فقط ان وقت جي ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺو. مثال طور عصائي موسوي کي جيڪڏهن ڏٺو ته ان وقت جي حاضرين ڏٺو، ناقئه حضرت صالح عليه السلام جو جيڪڏهن مشاهدو ڪيو ته ان وقت جي ماڻهن ۽ مائده، حضرت عيسيٰ عليه السلام جو جيڪڏهن ملاحظه ڪيو ته حاضري وقت پر حضور ﷺ جي شريعت قيامت تائين باقي رهڻ واري آهي ۽ هر زماني ۾ هر صاحب عقل هن کي بصيرت جي اک سان ڏسي سگهندو. قرآن ڪريم هر هنڌ ۽ هر زماني ۾ پڙهيو ويندو. تنهن ڪري هي معجزوه قيامت تائين گڏ رهندو انشاء الله.
    افضل عبادت:
    حضرت نعمان رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو: ”منهنجي امت جي سڀ کان بهر عبادت قرآن ڪريم جي تلاوت آهي.“
    عبادت جا مختلف قسم آهن، پر تمام قسمن ۾ تلاوت قرآن کي افضل ٻڌايو ويو آهي. جنهن قرآن ڪريم جي تلاوت جو حق ادا ڪيو هن تخليق جو مقصد پورو ڪيو.
    الله جي حضور ۾ پهچڻ جو بهترين ذريعو:
    الله تعاليٰ جي حضور ۾ رسائي ۽ هن جي قرب جو بهترين ذڙيعو هن جو ڪلام آهي ۽ تمام عبادتن ۽ اطاعت جو مقصد قرب الاهي آهي ۽ هن جي رضا ۽ خوشنودي آهي جيڪا هن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته شعبان جي آخري تاريخ تي حضور ﷺ هڪ خطبو ارشاد فرمايو: ”اي انسانو! توهان تي هڪ نهايت عظمت ۽ برڪت ڀريو مهينو اچي رهيو آهي. هن مبارڪ مهيني جي هڪ رات ليلته القدر هزارين مهينن کان افضل آهي. توهان هن عظيم ۽ مقدس رات ۾ الله رب العزت کان پنهنجي گناهن جي توبه ڪريو ۽ هن کان پنهنجي مغفرت ۽ بخشش طلب ڪريو.“
    حضرت عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ ارشاد فرمايو: ”هن مبارڪ رات کي رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جي طاق راتين 21 رمضان المبار کان 29 رمضان المبارڪ تائين جي وچ ۾ ڳوليو، ڇاڪاڻ ته هن رات جي عبادت هزارين مهينن کان افضل آهي.“
    هن رات جي فضيلت ۽ عظمت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هن جي قدر و منزلت قرآن حڪيم جي هڪ الڳ سورت ۾ بيان ڪئي ويئي آهي. پو هن مبارڪ رات ۾ قرآن ڪريم جو نزول ٿيو جيڪو تمام علمن جو سرچشمو، مخزن حڪمت ۽ آخري صحيفئه آسماني آهي ۽ هن کي نازل ڪرڻ واري اها ذات عظيم آهي جيڪا وحده لاشريڪ آهي، جنهن جو ڪو شريڪ ۽ ڪوبه ساٿي نه آهي. جيڪو هميشه کان آهي ۽ هميشه رهندو. پو جنهن هستي تي هن جو نزول ٿيو، اهو افضل الانبياء ۽ خالق ڪائنات جو محبوب ﷺ آهي. جنهن شهر ۾ نازل ٿيو. اهو شهر دنيا جي سمورن شهرن کان وڌيڪ مقدس آهي، جنهن قوم تي لاٿو ويو اها قوم عظيم ئي نه پر قيامت تائين رهڻ واري آهي. غار حرا ۾ جڏهن قرآن ڪريم جي نزول جو سلسلو شروع ٿيو ته اها ليلته القدر هئي ۽ آخري وحي به شب قدر جو نازل ٿي. تنهن ڪري پروردگار هن رات کي اها فضيلت ۽ برتري عطا ڪئي هن رات جي عبادت کي هزارين مهينن کان افضل قرار ڏنو ويو آهي، هن رات کي فضل ۽ برتر هئڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هن رات جي عبادت جو اجر ۽ ثواب ٻين راتن جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهي. جيئن ته قرآن ڪريم جو نزول به شب قدر ۾ ٿيو آهي، تنهن ڪري قرآن ڪريم جي تلاوت هن رات خصوصي درجو رکي ٿي. نوافل، استغفار ۽ درود شريف جي ڪثرت سڀ عبادت ۾ شامل آهن. حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ ارشاد فرمايو: ”جيڪو شخص شب قدر ۾ عبادت جي لا بيٺو، هن جا سڀ گناهه معاف ٿي ويا.“
    حضرت ابن عباس رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو حضور ﷺ جي سامهون بني اسرائيل جي هڪ اهڙي شخص جو ذڪر ٿيو جنهن هزار مهينا خدا جي راه ۾ پنهنجي ڪنڌ تي هٿيار کنيا. ان تي حضور ﷺ کي تعجب ٿيو. پاڻ سڳورا ﷺ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ پنهنجي امت جي لا به اهڙي نيڪي جي تمنا فرمائي ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورا ﷺ کي شب قدر سان نوازيو جيڪا هزار مهينن جي عبادت کان افضل آهي. جيترو مدو بني اسرائيل جي هن ماڻهو راه خدا ۾ هٿيار کنيا. حضور ﷺ جي امت کي هن طويل مدت جي مقابلي ۾ هڪ رات عطا ٿي. جيڪو به هن رات عبادت ڪندو، اهو ان شخص جي هزار مهينن جي عبادت کان به افضل اجر ۽ ثواب حاصل ٿيندو.
    ام المومنين حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته سرڪار مدينه ﷺ فرمايو: ”جنهن ليلته القدر تي شب بيداري ڪئي ۽ هن رات ۾ ٻه رڪعت نماز پڙهي ۽ الله تعاليٰ کان بخشش جي دعا ڪئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ هن جا گناهه معاف فرمائيندو.“
    نجات جو سامان:
    قرآن ڪريم بي شڪ نجات جو ذريعو آهي، نفع بخش علاج آهي، آخرت ۾ بچا جو سامان آهي. نور هدايت آهي، جنهن به هن جي پيروي ڪئي، ان جي لا نجات آهي. هي تمام فتنن کان نجات جي ضمانت آهي. قرآن سان شغف ۽ پوري وابستگي انهن سڀني فتنن کان بچائيندي جن ۾ اڄ سڄي دنيا گرفتار آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته اهو تمام اهل ايمان کي هن رات جي برڪتن مان مستفيد ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سشيخ سعدي عليه رحمه جو فرمان آهي هرشب شبِ قدر اگر قدر بداني
    هر شيب شب قدر آهي جنهن شب ۾ اوهان کي قدر اچي وڃي ک
    ايام جي تياري يا ايام کي ملهائڻ جو مقصد عارفين چون ٿا ته متوجھ ڪرڻ مقصد آهي ۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلاري رات ۔۔۔ جيڪا هزار مهينن کان ڀلي آهي ۔۔۔ شال سڀني جو دعائون قبول پون ۽ سڀڀني جي بخشش ٿي پوي ۔۔۔ آمين

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو