چمن چمن ۾۔۔۔۔ حليم باغي

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
چمن چمن ۾ چٽي آ ميندي هزار منظر حساب ڪونهي
نهار ٿورو بهار مقتل رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي

پيئڻ گهرين ٿو ڀلي سو پي وڃ چوڻ کي هڪڙو اکر آ چوڻو
نڙي ۾ رنڊجي پوري نه قبلا! اسان جو ڳوڙهو شراب ڪونهي

چوسين جيڪي چپن تي آيو تري تي پنهنجي سري نچائي
سري بچائڻ ڳچي لڪائڻ اسان سو پڙهيو نصاب ڪونهي

اهي به پردا هٽائي ڇڏجان اهي به آڳر سجائي ڇڏجان
لڪڻ لئه جا پناھ ناهي نچڻ سان ٺهندو نقاب ڪونهي

جگر جگر آ ڪباب جن جو لڙڪ ۽ آهون تنين جو توشو
مزو نه ڏيندي تنين جي محفل شراب ڪونهي شباب ڪونهي
 
Back
Top