جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ۔۔۔۔

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ پو منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ محل کي ڊاهيندي، ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اس کان ته اجهو ٿو گهرجي ئي، سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو، سڀ سانگ رچا به سمجهون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي، مون ڪالھ جا ڍونڍي ٻوري آ

اڄ سنڌو ما جي ڳل لڳي، هر باغي پئي ٿي هينئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ، منظوري آ
 
Back
Top