فيس بُڪ سائيٽ کولڻ ۾ مسئلو....

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    گُذريل ڪجهه ڏينهن کان فيس بُڪ جي سائيٽ کولڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي۔ خبر ناهي اهو صرف مونسان آهي يا ٻين کي به اها ئي رنڊڪ ٿي رهي آهي۔
    فيس بُڪ بار بار اوپن ڪرڻ کان پو مس وڃي کُلي ٿو۔
    اڪثر ڪري هيٺين طرح سان سائيٽ اِرر اچي ٿو۔
    ڪنهن دوست کي هن مسئلي جو حل ايندو هجي ته ٻُڌائيندا۔ مهرباني۔

    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي مسئلو اوهان سان ڪنهن هڪ برائوزر ۾ ٿي رهيو آهي يا سڀني ۾ ؟؟؟

    دوست ذيشان رشيد کي عرض آهي ته ممتاز صاحب جي مدد ڪن۔
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سليمان۔۔پهرين مونکي به اهو شڪ ٿيو هوته ڪٿي گوگل ڪروم ۾ وائرس نه اچي ويو هجي پر فائر فوڪس به استعمال ڪري ڏٺو اٿم۔۔اتي به صرف فيس بوڪ ئي نٿو کلي۔۔خبر ناهي ڇا چڪر آهي۔۔۔:(
    اڄ به سڄو ڏينهن فيس بڪ نه هلائي سگهيس۔۔پر ڪجهه دير پهرين وري پاڻ ئي مسئلو حل ٿي ويو ۽ فيس بڪ سائيٽ آرام سان کلي وئي۔
    اهو سلسلو ٽن چئن ڏينهن کان آهي، مون سمجهيو پئي ته مٿان کان سرور پروبلم هوندو پر شايد منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ئي ڪا گڙ ٻڙ ٿي پئي آهي۔:confused:
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا توهان فيس بوڪ تي ڪنهن ٻئي برائوزر جهڙوڪ فائر فاڪس وغيره تي کولي ڏٺو آهي۔۔۔؟ جي اتي سهي ٿو کلي ۽ ڪروم ۾ مسئلو ٿو ڪري ته ان جا منهنجي نظر ۾ ٽي حل آهن۔۔۔
    پهريون حل
    توهان برائوزر جي هسٽري ۽ ڪڪيز کي ڊيليٽ ڪري برائوزر کي ٻيهر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔
    ٻيو حل۔۔
    ڪروم جي پرائيويسي سيٽنگ ۾ اچي هيٺين ٻن آپشنس تان چيڪ هٽائي ڇڏيو۔۔۔ ۽ برائوزر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔
    Use a web service to help resolve navigation errors
    predict network actions to improve page load performance

    [​IMG]

    ٽيون حل
    ونڊوز ڪي + آر دٻائيندي رن پروگرام کوليو ۽ هيٺيون ڪوڊ لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔

    %systemroot%\system32\drivers\etc\hosts

    [​IMG]

    توهان کان فائيل کولڻ لاءِ پروگرام پڇيو ويندو۔۔۔ توهان نوٽ پيڊ پروگرام ذريعي هوسٽ فائيل کوليو ۽ ان ۾ چيڪ ڪريو ته ڪاٿي facebook.com يا www.facebook.com لکيل آهي۔۔۔ جي لکيل هجي ته پوري لائين ڊيليٽ ڪريو ۽ فائيل محفوظ ڪري برائوزنگ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]


    اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔:)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مهرباني ادا ذيشان۔۔هيئنر فيس بڪ صحيح پيو هلي۔۔پر اهو مسئلو ڪيڏي مهل به ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔
    هاڻ اگر وري مسئلو ٿيو ته توهان جا طريقا ضرور استعمال ڪندس۔۔لک قرب۔
     
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ذيشان۔۔مسئلو اڃا ساڳيو بيٺو آهي۔ توهان جا ڏس پتا سڀ آزمايا اٿم۔۔پر ڳالهه اُتي جي اُتي۔۔:(
    برائوزر به بدلائي ڏٺم۔۔۔نيٽ تي فيس بڪ پرابلم لکي سرچ ڪري ڪافي آرٽيڪل به ڏٺا اٿم۔۔پر ڳالهه زور آ۔۔۔:confused:
    سمجهه ۾ نٿو اچي ته رڳو فيس بُڪ سان منهنجي ڪمپيوٽر جي ڪهڙي دشمني ٿي پئي آ۔۔۔o_O
    هاڻ فيس بُڪ کولڻ تي هي حال ظاهر ٿيي ٿو۔۔۔
    [​IMG]
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود گهڙي درست آ۔۔۔ اها ته تڪڙو چيڪ ڪري وٺو۔۔۔
     
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    جي ادا۔۔ٽائيم ته درست سيٽ ٿيل آهي۔۔۔
    شام جو ڪجهه دير فيس بڪ پاڻهي ئي صحيح طريقي سان کليو پئي۔۔ پر هن وقت وري ساڳيو مسئلو درپيش آهي۔ سيٽنگ ۾ گڙٻڙ هجي ها ته فيس بڪ سائيٽ يا ٻيون سائيٽون بلڪل ئي نه کلن ها۔۔۔مون کي لڳي ٿو ونڊو کي ٻيهر انسٽال ڪرڻو پوندو۔۔توهان جو ڇا خيال آهي۔۔؟
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تازو عيد تي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته خبر پئي ته ايوو ونگل جن جن دوستن وٽ به آهي انهن سڀني سان به ساڳيو مسئلو ٿي رهيو آهي۔۔
    شايد ايوو وارن جي سيٽنگ ۾ پرابلم ٿي پيو آهي۔:(
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ممڪن آهي ته ائين هجي مون وٽ ونگل نه آهي باقي نارمل ايوو آهي ان ۾ اهو مسئلو ڪونه ٿو اچي۔ وڌيڪ سائين ذيشان رشيد جن جي مشوري جو انتظار ڪيو متان ڪو حل نڪري اچي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو