• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ﭘُﮁﻴﻦ ﭤﻮ ﭘِﺮﻳﻦ ﻣﺎﻥ ﻫﻠﻴﻮ ﮀﻮ ﻭﻳُﺲ!

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
ﭘُﮁﻴﻦ ﭤﻮ ﭘِﺮﻳﻦ ﻣﺎﻥ ﻫﻠﻴﻮ ﮀﻮ ﻭﻳُﺲ! ﺟڏﻫﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﺟﺎﻡ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﻪ ﻫﻮ، ﺭﺍﺕ ﺭﻡ ﺟﻬﻢ ﻫﺌﻲ، ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﻴﮣﻦ ﺳُﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺳﺘﻞ، ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺴﺘﺮ ﺗﻲ ﻣﻨڪﺮ ڪﺎ ﻣﻮﺳﻢ ﻫﺌﻲ، ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ڪﺠﻠﻴﻦ ﺍﮐﻴﻦ ﺟﻲ ڪﻨﺎﺭﻥ ﻣﭥﻲ! ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﭙڙﻥ ﺟﻲ ﭔﻴڙﻱ ﻟﮙﻲ ﺋﻲ ﻟﮙﻲ، ﻫﺎ ﺍُﻧَﻬﻲ ﮐﺎﻥ ﺍﮘﻲ ﻣﺎﻥ ﻫﻠﻴﻮ ﮀﻮ ﻭﻳﺲ! ﺳﭻ ﭘُﮁﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﭵﮡ! ﺭﻭﺡ ڏﺍﮂﺍ ﺭﻫﮡ ﻻﺀِ ﺭﻳﻼ ڪﻴﺎ، ﺩﻝ ﺑﻪ ﭼﺎﻫﻴﻮﮔﻬﮣﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺍﺭﻥ ﺟِﻲ ڪﺎﺭﻱ ﮔﻬٽﺎﺋﻦ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ، ﻭﺍﺱ ﻭﭠﻨﺪﻭ ﺭﻫﺎﻥ، ﭔﻦ ﮔﻬڙﻳﻦ ﻟﺌﻪ ﺳﻬﻲ،! ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺁﻏﻮﺵ ﺟِﻲ ﺳﺎﻧﻮﺭﻱ ﺷﺎﻡ ۾، ڪﻨﻬﻦ ﺭﻭﭘﻮﺵ ﭘﻴﺎﺳﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻴﺎﻥ، ﻣﺎﻥ ﭘﻨﺎﻫﻮﻥ ﻭﭠﺎﻥ ﮐﻦ ﭘﻞ ﺋﻲ ﺳﻬﻲ! ﭤڪ ﭤﻮﺭﻭ ﭜﭹﺎﻥ!!
 
آڪاش انصاري جي دل کي ڇهندڙ شاعري

تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

(آڪاش انصاري)

تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس؟
جڏهن شام جو جام،
خالي نه هو،
رات رم جهم هُئي،
تنهنجي ساهن جي،
جهيڻن سُرن ۾ سُتل
منهنجي بستر تي
مُنڪر ڪا موسم هئي۔
تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهي کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!
دل به چاهيو گهڻو،
ڪا گهڙي تنهنجي،
وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان
واس وٺندو رهان!
ٻن گهڙين لئه سهي
تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾
ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناهون وٺان،
کن پل لئي سهي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي نيڻن جون،
نرمل هي چاندوڪيون،
سدا مست نينڍون نياپا کڻي
روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا
سئو سنديسا کڻي
منهنجي تن تي سدا
ايئن وکريل رهن۔

ها مگر ڇا ڪجي؟
تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي۔

دل ته ماڻڻ گُهريون،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا وئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين
مان هليو ڇو ويس؟
 
آڪاش انصاري جي دل کي ڇهندڙ شاعري

تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟

(آڪاش انصاري)

تون پڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس؟
جڏهن شام جو جام،
خالي نه هو،
رات رم جهم هُئي،
تنهنجي ساهن جي،
جهيڻن سُرن ۾ سُتل
منهنجي بستر تي
مُنڪر ڪا موسم هئي۔
تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهي کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟

سچ پڇين او پرين!
دل به چاهيو گهڻو،
ڪا گهڙي تنهنجي،
وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان
واس وٺندو رهان!
ٻن گهڙين لئه سهي
تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾
ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناهون وٺان،
کن پل لئي سهي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي نيڻن جون،
نرمل هي چاندوڪيون،
سدا مست نينڍون نياپا کڻي
روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔

دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا
سئو سنديسا کڻي
منهنجي تن تي سدا
ايئن وکريل رهن۔

ها مگر ڇا ڪجي؟
تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي۔

دل ته ماڻڻ گُهريون،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا وئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين
مان هليو ڇو ويس؟
 
Back
Top