خط نمبر هڪسنڌ جي تاريخ جا طالب علم ان ڳاله کان بخوبي واقف آهن ته ماضي ۾ ڪيتريون ئي قومون گمنامي جي دنيا مان اٿيون ۽ درجه بدرجه ترقي جون منزلون طئي ڪندي تهڊيبي عروج تائين پهتيون، مگر عروج تي پهچڻ کانپوء ان حاصل ڪيل مقام کي قائم رکي نه سگھيون ۽ انهن کي زوال سان منهن ڏيڻو پئجي ويو،،،انهن قومن جي عروج ۽ زوال کي گھرائي سان جانچڻ تي ثابت ٿيندو ته مادي وسيلن ۽ علم و دانش سان انهن قومن جي اڳتي وڌڻ يا زوال پذير ٿيڻ ۾ انفرادي ۽ افرادي اخلاقيات جو اهم ڪردار آهي، مقصد جي لڳن، امانت ۽ ديانت عدل ۽ انصاف، محنت ۽ مشقت، بي خوفي ۽ راست گوئي انهن کي علم ۽ عمل جي ميدان ۾ اڳتي وڌايو ۽ انهن خوبين جي باعث جڏهين زمين سون اپائڻ لڳي آسمان تان نعمتون وسڻ شروع ٿيون ته مقاصد زندگي جي لڳن ۾ ڪمي ايندي ويئي.عدل ۽ انصاف جي جڳه تي مفاد پرستي جنم ورتو، محنت ۽ مشقت جي جڳه تي سستي، ڪاهلي جنم ورتو، عيش و عشرت جي ولولن جنم ورتو حق گوئي جي جڳه مصلحتن والاري، اخلاقي قدرن جي ان تبديلي پنهنجو رنگ ڏيکاريو ۽ چند نسلي تسلسل کانپوء واضع ٿي چڪو آهي ته سنڌي قوم جي مقابلي ۾ ڪا ٻي قوم اڳتي نڪري ويئي ۽ بالآخر اهو وقت اچي ويو جو علم و دانش جا وارث نه پنهنجو دفاع ڪري سگھيا نه پنهنجي علم ۽ ميراث جو دفاغ ڪري سگھڻ جي صورت ۾ موجود رهيا،،،،نتيجو اهو نڪتو جو اسان پنهنجو ڌن ۽ من ڪنهنجي حوالي ڪرڻ تي آماده نظر اچي رهيا آهيون....ليڪن ڪير اسان کي بحيثيت مجموعي پنهنجو ڪرڻ لاء به تيار نه آهي....."