”ڪيتري محبت اٿئي مون سان؟“ مون الائي ڇو هن کان پڇيو”مون وٽ محبتن جا ڪي به ماپا نه آهن“، هن هميشه جيان وراڻيو”پر پوء به ڪجهه ته اندازو هوندو توکي؟“، مون وري به سوال کي جاري رکيو”سمنڊ جيڏو!“، هن ٿورو سوچڻ کانپوء چيو”سمنڊ ته اکين ۾ ئي سمائجي ويندو آهي!“، مون هڪ دم وراڻيو”تون رائيٽر ماڻهو آهين توسان ڪير پڄندو!“، جڏهن هن کي ڪو جواب نه سجهيو تڏهن هو اهو مهڻو ڏئي خاموش ٿي وئي!
اکيون جڏهن سمنڊ کي پسنديون آهن ته نظر کٽي ويندي آهي ،ساهن جيان نه کٽندڙ، تسلسل سان اٿندڙ ڇوليون،۽ من ۾ محبت جي گهرائي سمنڊ جي گهرائي جيان اٽوٽ لڳندي آهي، پيار جو پيمانو ته واقعي ناهي هوندو پر سمنڊ جي مشابهت به لاجواب آهي۔