هوءَ مهنديءَ جي مهڪار جهڙي کليل وسڪي جي بوتل جيان نرتڪي ۽ نخريلي بهار وانگي چيٽ جي چانڊوڪين ۽ قطيءَ جي شب اڪيلائي مثل ڇوڪري ڪنهن ساز وانگي وڃندي رهي، رئندي رهي گهٽ ۽ مونجهه جي مند ۾ پرينءَ جي پيار بنا ڪنهن اويلي سانجهيءَ ۾ بڻجي رابيل جي خوشبوءِ ڪنهن اڻ ڏٺي، اڻ ڇهي، اڻ مٺي بدن جي ڊائري مٿان چپن سان لکندي وئي، ڳوڙهن سان لکندي وئي ڇوڪري ڪنهن گيت جهڙي غزل بڻجندي وئي، نظم بڻجندي وئي"
بهار جي جوڀن جيان ميگهه ملهار جيان مست سمنڊ جي لهرن جيان ڇائنجي ويئي ڇوڪري،،،،،،،،،،، خيالن ۾ خوشبوء جيان، گهڙي ۾ پاڻيء جيان اوتجي ويئي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،، اوچتو ئي اوچتو گگهه اونداهي جيان، اونهاري جي نٽهڻ اُس جيان سرء جي مند جيان جهڙندي رهي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،، هر آه تي ڇرڪڻ لڳي ڄڻ چنڊ تي آ گرهڻ لڳي روئڻ لڳي سڏڪڻ لڳي ڏسڻ ۾ جيئري لڳي پر مرندي رهي ڇوڪري،،،،،،،، پر مرندي رهي ڇوڪري مرندي رهي ڇوڪري،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،